Blog | ब्लाग | بلاگ

ڳالهيون پنهنجي پراين جون

ڳالهيون پنهنجي پراين جون
ننڍي کنڍ جي قومن مان سنڌي سڀنن کان ٽريل پکريل آهن. اها ڳاله سنڌ ۽ سنڌين ٻنهن بابت چئي ٿي سگهجي سنڌ وقط سان صسيو ئي آهي.   ۷۱۲ تاءِ سنڌ جي سرهد اُتر پاسي ڪشمير تائين فهليل هئي ته ڏکڻ۾عربي سمنڊ تائين، وري الهندي پاسي لاس ٻيلو سنڌ جو حسو هو ته اڀرندي ڏانهن جيصلمير ۽ ڪچڇ اڳوڻي سنڌ جا حصا هئَا. ان حساب سان جيڪر وچارجي ته سنڌ لڳ ڀڳ اڌ وڃي بچي آهي.
.سنڌ جي سوسڻ  شروئات ۷۱۲ ۾ ٿي سا اڄ تائين هلي تي اچي.  ائين ته انگريجن جي حڪومت  تائين صوبن جوُن سرهديون جو آخرين فيصلو حڪومتيون ئي ڪيو. سندن جي ان حديون جي فيصلي ۾  هميشه ڌيان انطجامن ڏانهن ئي هوندو هو. عام ماڻهون جي ٻولي ۽ ثفاقت ءَ سان سندن ڪا به واٽ نه هوندي هئي. اهو حال رڳو سنڌ جو ئي نه پر سڄي ننڍي کنڍ جو ئي گهو. انگريزن جي هندستان فطح کان پوءِ هندستان جي صوبن جون هديون نئين سرري سان ٺهيون ويون ۽ ڪنهن هد تائين ڍرهائين به ويون.  بمبئي ۾ سنڌ، گجرات، مهاراشٽر ۽ ڪي هندي ڳالهائندڙ علائيڪا آندا ويا ته ڪلڪتي ۾  ريبنگال، بِهار ۽ آسام  جا حصا آندا ويا ۽ ساڳيو حال ڏکڻ ۾ مدراس رياصت جو پڻ هو.پر ٽن صوبن جون سرهديون جون فير فار ڇڱو هل مچايو جئن  بنگال، پنجاب ۽ بمبئي. جيتوڻيڪ ان ورهاست بابت  دليل اها ڏني وئي هي صوبا تمام وڏا آهن جنهن ڪري انطجامن ۾ گهڻي تڪليف ٿي اچي. پر عام ماڻهون ۾ خاص ڪري بنگال ۽ پنجاب جي اڻ مسلمانن کي ان ۾ انگريجن جي ”ڌار ۽ راج” جي نِتي نظر آئي.
پنجاب ۽ بنگال جي اوُڀتر سنڌ ۾ انگريزن کي اهڙي ڪا به طڪليف ڪون ٿي . ان جو سبب هڪ اهو ٿي ٿو سگهي جي سنڌ ۾ ان جي شروعان سيڪولر ئي رهي ۽ جيڪر سنڌي مسلمانن ڪجه سنجدگي ءَ سان ڪم وٺي مسلم ليڳ جي سنڌ مان پري رکن هان ته سايد ان مسلي جو انت پڻ هندستان لا ءِ مصال ٿئي هان.بهرال   جيڪر بمبئي کان سنڌ جو  ڌار ٿيئڻ بارقي  ءَ  سان جاچيجي ته اهو چِٽي طرح نظر اندو اها جدوجد سنڌ ۽ سنڌين جي فائدي ۾ ئي هئي. سنڌ جو بمبئي ءَ اهو رستو جيڪو پنجاب ساڻ هو. سينڌ هميساه ئي بمبئي کان ڌار ئي رهيو هو ۽ انگريجن سنڌ جي فطح به ڌار ئي ڪئي هئي.    
پر ٿيئڻو ته ائين کپندو هو ته سنڌ جي بمبئي ءَ کان ڌار ٿيئڻ کان ترت ئي سنڌي سياستدانن جو ڌيان ٻين سنڌي علائيڪن مصال طور ڪچڇ ۽ جيسلمير  ڏانهن وڃڻو کپندو هو پر ائين ٿي ڪون سگهو. سنڌين خاص ڪ ري ليڳ  جي مسلمانن اسلام تي ايڙهي ته هاءِ گهوڙا مچائي جي ان ڳالهن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڪون ويو.وري رهل قصر ءَ مسجد منزل گاه جي مصلي ڪڏي ڇڏي. مسجد منزلگاه جي تهريق ٻه وڏا شڪار ڪيا. هڪ ته  سنڌي هندو   مسلمانن جي اڪتا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو جيڪا تن ڏنهن کان پوءِ اڄ تائين وري اها حالت بهال ڪون ٿي جيڪا ان تحريق کان اڳ هئي. ٻيو ته ان ته ان حادسي سنڌ جون ٻن مهان سخصيوتن کي هميساهه لاءِ خاموس ڪري ڇڏو. ان ۾ هڪ هو سنڌ جو رهبر سنت ڪنور رام. ڪنور رام جو ڪتل هندن جو ڊپ يڪين ۾ مٽي ڇڏو. اهو اهڙو واقعو هو جنهن کان پوءِ وري سنڌ اها ساڳي سند نه رهي. هزارن ورهين جي تهجيب ءَ جڻ هڪ ڌڪ ءَ ۾ لُپت ٿي وئي. مسجد منجل گاه جو ٻيو وڏو سڪار ٿيو الاه بخش سومرو. هو ڪو عام وزيري عازم ڪون هو. اڄ سندس مري ستر پنجهتر ورهين کان پو ءِ به سنڌ کي اهڙو ڪو سيياستدان سنڌ ته ڇا هندستان به سايد ئي پئدا ڪين ڪيو آهي.   چوَندا آهن ته انگيزن به سندس سلاه وٺڻ لا ءِ ڪاهي ايندا  هئا. هندستان جا تنهن مهل جا وڏا سيياستدان نهرو ۽ نيتاجي سڀاش چندر بوس پڻ سندس ڏاڍو مانُ ڪندا هئا. هو نه  ليڳي هو نه ئي وري ڪانگريسي. هو انهن سيياستدانن  واڱر ڪون هو جڳڪي ڪڏهن ڪانگريس ۾ هئا ته وري ڪڏهن ليڳ ۾ پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ ،پر الاه نخش پنهنجي راه پاڻ ڪڏندو هو. هو رڳو هڪ صيڪولر سيياستدان ئي نه پر هڪ ماهر عڊمنيسٽيٽر پڻ هو. سندس ئي ڏنهن ۾ سکر بيراج وجود ۾ آئي جنهنجو فائدو اڄ تائين سنڌ تو ماڻي.   سندس ڪتل به ليڳ ئي ڪرايو ڇاڪاڻ ته سندن چڱي نموني خبر هئي ته جيستائين الاه بخش هيات آهي، سنڌ ڪڏهن به پاڪستان ۾ سامل نه ٿيندو. ان ڳاله ۾ به ڪو به شڪ ڪونها ته جيڪڏهن هو حيات هجي هان ته سنڌ اسلمبلي ءَ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ ڪڏهن به پاس نه ٿيئڻ ڏي هان. هو مري وڃي هان پر سنڌ جو حاڻيڪو حال نه ٿيئڻ ڏي هان.   
اڄُ جڏهن اهي ڏنهن  ياد ڪجن ٿا ته هڪ اجيب جيڙو اهصاس ٿو ٿئي.  اُهي به دينهن هوندا هئا جڏهن هڪ ٻي کي پنهنجي سُڃاڻپ نه ڏيئڻي پوندي هئي پر پڇاڙي ءَ جا سٽ ستر پنجهتر ورهيه جڻُ ڏهاڪن کي سدين ۾ تبديل ڪري ڏيا آهن!! بدقسمتي ءَ سان هندستان ۽ پاڪستان جا پاڻ ۾ رستا اهڙا رهيا آهن جي سڌرڻ جو ڪو امڪان ئي نظر نٿا اچن. اڃا مس ورهاڱي جو ڌڪ ئي ڪون نبرو ئي هو جي پاڪستان ڪشمير کي هت ڪرڻ جون ڪوِشسن ۾ لڳي ويو . هند ۽ پاڪستان ۾ ڪڏهن رستا سُٺا به ٿيا پر سنڌين جو ڪو فائدو ڪون مليو ڇاڪاڻ ته دوستي به پنجابين ۽ مهاجرن هائيزيڪ ڪئي. ريل جي سهوليت هجي يا بسن جي سندي هميشاه پنجابين ۽ مهاجرن ئي ان جو فائدو ورتو آهي .
 ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پن هنجي ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ اهڙن مضالن جو ذڪر ڪيو آهي جتي هند ۽ مصلمانن  کي  ڌار ڪرڻ ڏکيو ئي نه پر نا ممڪن هوندو هو. ڪهڙو نه اتفاق آهي جي گجرات (ڪچڇ کي چڏي) جيڙهن نڄي هندوُ صوبن ۾ اسان سنڌين کي ادڪا مسلمان چيو ويندو آهي.هو  چون ”توهان سنڌي گدلا ٿيو، توهان جاتين جي وجود کي نه مڃو، تيوڻ مڇي  کائو،عربي فارسي لپي ۾ لکو، مسلمانن واڱر چمڪڻا لٽا پائو“ وغيره وغيره. اها ڳاله سندن کان اصوُل ئي وسري وئي آهي جي ڪراچي مان هندن جي لڏ پڻ کان اڳ سندن جي ڳڻپ هندو سنڌين کان به وڌيڪ هئي. تنهن مهل سنڌي هندو  ان گجراتين کي ڄٽ ڪون لڳندا هئا.
سنڌ جي سُصڻ رڳو  ۱۹۴۷تائين ئي ڪون بيٺو پر ان کان به اڳتي وڌي ويو. اڃُ سنڌ جي شهرن جا والي سنڌي نه پر محاجر، پنجابي ۽ پٺاڻ آهن. ڪراچي جيڙهي شهرءَ ۾ جتي ورهاڱي کان اڳ ۴۵ سيڪڙو سنڌي مسلمانن ۽ بلوچن جي آبادي هوندي هئي، اڄ   وڃي ۱۵ سيڪڙو مس بچيا آهن.  حمدرآباد  جو به هال ساڳيو ئي ٿيو.ورهاڱي مهل ڪراچي ۽ حيدرآباد جيڙهن وڏن شهرن ۾ محاجرن کي وسايو ويو . هندن جي ڇڏي ويل جايون ۽ بيون ملڪتيون محاجرن ۾ وڍايون ويون. محاجرن به ان مهمان نوازيءَ جو پرو فائدو ورتو. جنهنکي ٻه ويلا ماني به نصيب ڪون ٿيندي هئي هندستان ۾  تن کي جايون ۽ ڌنڌا مليا. هو ته راتورات ڪکاپتي کان لکاپتي ٿي ويا. هو ان ملڪتون لاءِ اترا ته ڪوُڌا ٿي ويا جي لياقت الي خان هڪ انقوئاري ٺاهي جيئن اهو پتو پوي ته مهاجرن وٽ هندستان ۾ آکر ڪهڙي ملقيت هئي جيڪا سندن ڇڏي آيا هئا.!!!! مهاجرن جو ڪوم به ڏاڍو مخطليف آ. اڄُ تائين ڪنهن هندو ءَ کي مهاجرن لاءِ اکين مان ڳوڙهو وَهائيندي ڪون ڏٺو آهي.(سواءِ چاچي نهرو جي جنهنجا ووٽ خوُٽي پيا). هي قوم ڪڏهن به ڪنهنسان وفادار ڪون رهي سگهو. سندن ۸۰۰ ورهه هندستان تي راج ڪيو پر ۸ منٽ هندن جي راج ۾ رهڻ تيئار ڪون هئا. بنگالين وٽ ويا ته سندن سان به ساڳيو هال ٿيو. بنگلاديش ٺيو مس جي مهاجرن کي چيو ويو ته ” سائين اسي توهانجي چڱي نوابي سٺي، هاڻي توهان هتون ٽرو“!!! پاڪستان ۾ سنڌين سان ته ڪڏهن ٺيا ئي ڪونه پر پٺانن کي به وائڙو ڪري وڌو. ملڪ سنڌين جو پر ڪراچي ءَ لاءِ وڙهن مهاجرن پيا. جيڪر پٺانن کان پُڳي ته مهاجرن کي چِٿي وجهن. پراين جي  ته ڳاله ڇڏي به ڏيون هنن ته ان کي به ڪون بخشيو جنهن ڪراچي  سنڌين کان خصي ڏني. چون ته جناه کين ڌوڪو ڏنو آهي!!!!!      
 لڏ پڻ ته هندن جي به ٿي پر سنڌي هندن هندستان ۾ خاس ڪري بمبئي ءَ جيڙهي شهرن کان ٻاهر رکيو ويو.اها دليل ڏني وئي ته سنڌين ۾ ورهاڱي سبب ڏاڍي وڌيڪ ڪاوڙ آهي جنهن سبب ڪڏهن به فساد ٿي ٿا سگهن. چا ته اتفاق آ جي تنهن مهل جو بمبئي جو وڏو وزير هڪ گجراتي هو” مُرارجي ديسائي“.هندستان ءَ  ۾ لڏي اچڻ بعد سنڌين جي وڏي ۾ و ڏي قاميابي سنڌي ٻولي ءَ جي طصليم ئي مڃڻو کپي، اڄ ڀلي نئين ٽهي کي ان جدوجهد جو مطلب نه به سمجهه ۾ اچي يا کڻي چئنجي سمجهڻ نه به چاهن . هندستان ۾ جنهن مهل سنڌي ٻولي قانون جي اٺين شيڍول ۾ پنهنجي هاڻوڪي جاءِ والاري تنهن مهل  نه ته ڪونڪني هئي ( مهاراشٽر، ڪرناٽڪ ۽ گوئا ۾ ڳالهائيندڙ)،نه ئي  ميٿلي (بِهار ۽ يو پي ۾ ڳالهائيندر) ۽ نه ئي وري ڊوگري (جمعو ۽ هماچل جي ٻولي). پر اڄ جي ڏنهن ۾ ان  ٻوليون جي ڀيٽ ۾ اسين چڱو پوئيتي رهنجي ويا آهيون. ان جو سڀنن کان وڏو سبب اساجي گهرن  مان سنڌي جو واهيپو گهٽڻ ئي آهي جيڪو مٿي ڏسيل ٻولين سان ڪون ٿيو. هندستان ۾ خاس ڪري اتتر  هندستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ سدي اڳي  هندي  ۽ ارڌو جي وچ ۾ وڏي جنڳ لڙي وئي . هندي ۽ اردو پنهنجو  واهپو وڌائڻ جي هوڙ ۾ اهڙن چڱن قومن تي پنهنجي لپي ئي نه پر ٻولي پڻ مڙهي جنهن سبب ڇڱيون ٻوليون جو واهپو گهٽجي ويو. هندو  هندي ڏاننهن جهُڪيا ته مسلمان اردو ڏانهن.  سنڌي ٻوليءَ تي پڻ  اهڙيون ڪوششيون ٿيو،پر ناڪام ٿيون.  اهڙن ڪوششيون جي ناڪامي جو اهم سبب سنڌ ۾ سنڌي هندو ۽  مسلمانن جي وچ ۾ پولرائيجيسن جو نه هجڻ   آهي. اهو ئي سبب آهي جي سنڌي هاٿيون سگهيري ٿي اوڀري جڏهن ته ٻيون ٻوليون پوئيتي ٿي ويون . پر هينئر حالتون اڳي جيڙهيون ٿين ٿيون. راجسٿاني، ڀوجپوري، ميٿلي، ڪونڪني پنهنجي وجود ءَ کي ٻهر قائم ڪرڻ جي جدوجهد ڪن پيون.
هندستان ۾ سنڌين جي حالت ڪنهن  نموني ٿورائي واران ٻوليون کان مخطليف آهي.  ان جو سڀنن کان وڏو سبب ته اهو آهي جي سنڌين جو وڏو حصو هندستان جي سنڌي علائيڪن(ڪچڇ ۽ جيئسلمير) ۾ نٿو رهي. وري  ورهاڱي سبب لڏي آيل سنڌين کي وسائڻ جي ڪا به نِتي جو نه هجڻ ۽ ڪانگيس جي وڏن سيياستدانن جي بيروکي سنڌين جي مصلي کي هاتيون وڌائي ڇڏو. اهڙي ڳاله مڃڻ  غلط ٿيندو  ته سنڌ جي حالتيون سان ڪانگريس واقف ڪون هئي. ڊا. چوئٿرام ڳڌواڻي منٿن مٿون منٿان ڪيون جيئن ڪانگريس جو ڌيان سنڌ جي حالطيون ڏاهن ڇڪجي پر سندس ڪوشسيون ناڪام ٿيون. سنڌين جي قياس جيڙهون حالت تي نه نهرو هنهنجا ڳوڙها ڳاريا (جنهنجو سڄو ڌيان هندي خواه اردو ڳالهائندڙ مسلمانن ڏانهن هو) نه ئي وري سردار پٽيل کي ڪو فرڪ پيو.(جبهبجو ڌيان سنڏ مان لڏي آيل گجراتي هندن ڌانهن ئي هو). جيڪر گانڌيڏام به وجود ۾ آيو ته اهو به ڪچڇ جي مهاراجا، ڀائي پرتاپ رايه ۽ گانڌي جيِ جي آسرواد سبب ئي ممقن ٿيو. ان کان سواءِ جيڪر مدد ڪنهن پاسي مان آئي ته اها راشٽريه سويم سيوڪ سنگه پاران آئي جنهن گجرات جيڙهن صوبن ۾ سنڌين جو ساٿ ڏنو.
 سنڌوديش وجود ۾ اندو ڪي نه، سنڌي هندن جي ڪهڙي حالت ٿيندي آزاد سندوديش ۾ ان سوال جا جواب ته وقط ئي ڏئي سگهندو پر جيڪڏهن سوال آهي هندستان ۾ رهندڙ سنڌين جو زندهاهه رهڻ جو، ته اهو چٽي نموني صاف آهي ته اسانکي  هندستان جو ڪ حصي کي  پنهنجو سڏائڻو پوندو . اسين اهو هصو تڏهن پنهنجو سڏائي سگهنداسين جڏهن اوڙهي حصي ۾ سنڌي ثفاقت  جو ڪو وجود هجي.اڄ جي تاريخ ءَ ۾ هندستان جو اهو حصو ڪچڇ يا جيسلمير ئي ٿي سگهي ٿو. چاڪاڻ ته ان علاڪن ۾ اڄ به سنڌي ٻولي ۽  ثفاقت موجود آهي.
 اهو سڀ ممڪن تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اسين سندن سان راتبو ڪائم ڪري سگهنداسين. ڪن سندي ليکڪن جيئن جيٺو لالواڻي،پرسو ڳڏواڻي،  جينت ريلواڻي ۽ ٻين ڪن ليکڪن ان علائيڪن ۾ رهندڙ سنڌين ٻابت چڱو ڪم ڪيو آهي جنهن کي هينئر اڳتي وڌائڻ جي ڏاڍي ضرورت آهي. ڪهڙي نه اجيب جيهڙي ڳاله آهي جنهنسان اسانکي هڪ ٿي وڃڻو هو تن کان اسان پاسو ڪيو ۽ جن سان اسانجي ڪا به هڪجيڙهائي ڪونهي تن جي ڪڏ پيا ڏڪون اڄ به جڏهن آئون ڀوڄ (ڪچڇ، گجرات، هبدستان) جي ڳوٺن مان اِندڙ مسلمانن کي ڏسندو آهيان ته هو مونکي پنهنجن هندن سنڌين کان به وڌيڪ  نِڄا سنڌي مهصوس ٿيندا آهن. اها بدقسمتي ئي  آهي جي اسين سندن  سان راطبعو نه جي برابر رکيو آهي. اسين پاڻ کي ٿائينڪو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجن کان ئي پري ٿيندا وياسين.

मूंहिजे बलाग लिखण जो मक्सद

आऊं छो पयो बलाग लिखां

ईनटरनेट मे सिंधी में मूवादु (वेब सईट तोडे बलाग़) खास करे देवनागरी सिंधी में नह जे बराबर आहे । ईन जा चङा सबब अहिनि- जिऐं – सिंधी ब़ोली हो वाहिपो घटिजणि, सिंधी ते हिंदीअ जो हिक नमुने जो दब़ाव, ब़े खे द़िसी संदिन जेडहो थिअण जी रिस ऐं पंहिजे सफाकत खां धार थिअणु। किनि खे इन बेरुखिअ में लिपिअ जो बि द़ोहु पिणि नजर इंदो आहे। पर मुंहिजी समझ में सभनिन खां वद़ो सबब नई टेहीअ जो ब़ोलीअ सां छिनजण ई आहे। इहे साग़या सबबअ ई सिंधी ब़ोली जे हाणेकी हालत जिम्मेवार था द़िसजिन।
बलाग़ ईनटरनेट जी हिक अहम सहुलियत थी ऊभरी आहे, ऐं युनिकोड जे अचण सां लग़-भग़ हर हर हिक अहम ब़ोलीअ में बलाग़ पया लिखजनि। पर सिंधी हिन्दून सां ईअं किन थो द़िसजे। हिन्दुसतान में रहनदड़ सिंधी, हिंदी तोडे अंग्रेजी में ई बलाग़ल था लिखिनि। सिंधीयन जो पहिंजे ब़ोलीअ बाबत वहनवार द़खाईन्दड़ आहे। अज़ु इहो सोचण में केद़ो नह अजबु पयो भासे तह विरहाङे खां अग़ु सिन्धी बोलीअ में 90 सेकड़ो कमु सिंधी हिंदून जो ई आहे।
देवनागरी हिक सुठी लिपी आहे, इन में के ब़ राया कोन्हिनि। इहो ई सबब आहे जे अंग्रेजनि ईन लिपी खे द़ाढी अहमियत दिञि । केपटन जारज स्टेक पंहिजे ग्रामर देवनागरी लिपीअ मे ई छपाऎ पधरो कयो हो। ईहो ई नह पर संदिस जोड़ायल शब्द कोश अज़ु भी सिंधी ब़ोलीअ में हिक अहम जाई वालारे थो। इहा असां लाइ बदकिसमतीअ ई जी ग़ाल्हि आहे ऎड़हे नेक कम खे अग़ते वधायण खां बिदरों असीं हिंदी जे पुट्यों पया भज़ों।
इअं ब़ि नाहे तह हिंदी खां सवाई ब़ि का ब़ोली देवनागरीअ में नथी लिखी सघझे। असांवटि मराठीअ जो हिक सुठो मिसाल आहे। मराठी सिंधी वाङुर हिंदीअ खां मुखतलिफ थी करे भी देवनागरीअ लिपि में काम्याबी माड़ी आहे। जेकरि असीं सभीई सिंधी हिकु थियों तह जल्दि ई सिंधी भी ऊन मुकाम खे हासिलु कदिं जंहिजी ऊहा हकदार आ हे।
मुहिंजे बलाग लिखण जो मक्सद रुग़ो ईहो आहे जिअं सिंधी जो वाहिपो असीं सिंधयन में वधे ऐं सिंधी ब़ोली जो पिणि अग़ते विख वधाऐ । 5000 वरहयं जी ब़ोलीअ जो अन्तु ईअं नथो थी कघे।

ڪجه اڳوڻيون ياديون

مان جيتوڻيڪ هيئنر گجرات جي ڪچڇ ضلعي ۾ ٿو رهان پر ڄايو ۽ نپيو اوله بنگال ۾ ئي آهيان۔ ڪلڪتو ئي اهو شهر آهي جتي آئون پڙهي لکي وڏو ٿيو اهيان ۽ اڄ جيڪو بە پنهنهجي سخصي حياتي ئَ ۾ حاصل ڪيو آهي اهو ان شهر ۾ رهڻ سبب ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي۔  جيڪر ڪو ورهاڱي کان اڳ جي ڪراچي ڏِٺي هجي تە يقنن ڪلڪتي ۾ ڪراچي جي ياد ضرور اندي۔ ٻنهن شهرنن ۾ چڱيون هڪجهيڙائي آهي۔ مصال تؤر هت پڻ انگريزن جي اچڻ کان پو ئِ هڪ نئين دؤر جي سروعات ٿي هئي۔ ڪلڪتي جو اڏائينڌڙ هڪ انگريز سر جوب چرنوڪ کي چڃيو ويو آهي۔ (جيتوڳيڪ ويجهڙائي ئَ ۾ هڪ ادالتي فيئسلي  ۾ ڪلڪتي جي هائي ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو آهي جنهنجي موجب اهو سابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي تە ڪلڪتو جو وجود انگريجن کان اڳ جو آهي)۔ ۱۹۴۷ کان اڳ جي ڪراچي واڱر هت اڄ  بە کوڙ قوميون رهن ٿيون۔ مصال تؤر جيئن گجراتي، پنجابي (سک)، سنڌي، ماڙواڙي، تميلـ، تيلگو، هنڌي ـ ارڌو ڳالهائندڙ مصلمان، اُتر پرديش ۽ بهار جا ماڻهون وغيرە۔ اهو ئي نە پر هت چِني ماڻهن جي هڪ وڏي تاعداد رهي ٿي۔ سندن ريسٽورينٽ توڙي جوتا جا هٽ هتي ڏاڍا مشهور آهن۔ سندن جي هڪ ڌار صوڃاڻپ آهي۔ پر اڄ جي ڪراچي جي اُڀتر هت ڪڏهن بە ڪو فصاد جي بابت ڪون ٻڌو ويو آهي۔اِئين تە جرمني ئَ جي برليِن بابت چيو وندو آهي تە اِتي وقط ڄڻ هڪ هند ٻهي رهندو آهي۔ ائون ڪڏهن برلن تە ويو ڪونها پر اهي سڄيون ڳالهيون ڪلڪتي ۾ ضرور ڏسڻ ۾ آيو آهن۔ ڪراچي ئَ واڱر هت بە انگريزن جي مهل جون چڱيون امارتون مؤجوڌ آهن ۽ گهڻوتڻو اهي الگريزن ۽ بنگالي هندن جي گڏيل ڪوششن سان وجود ۾ آيو هيون۔ جيئن مصال جي تؤر هيئر اسڪول ( ڊيوڊ هيئر ۽ راجا رام موهن رايە جي ڳڏيل ڪوششن سان)، هنڌو ڪاليج جنهنجو نالو بعد ۾ فيرائي پريصِڊينسي ڪاليج رکيو ويو ( هي ڪاليج ڊيوڊ هيئر، راڌاڪانتە ديوَ ۽ راجا رام موهن رايە جي ڳڏيل ڪوششن سان)۔ ڪهڙي نە اتڦاق جي ڳاله آهي جي اڄ پڻ انهن اسڪول توڙي ڪاليجن جي اهميت اوتري آهي جيتري ۱۹۴۷ کان اڳ هئي۔ ورهاڱي مهل جناح چڱيون ڪوششيون ڪيو هيون جئين هي شهر پاڪستان ۾ سامل ڪري سگهجي پر ڪامياب ڪون تي سگهو۔ وراهڱي مهل هت پڻ دڱا فساد ٿيا هئا خاص ڪري ۱۹۴۶ ۾ سايد هت هندن بنگالين کي ڪلڪتي جي هٿ مان کسجڻ جو ڊپ هوندو پر جئين بە هجي اها تە ڳاله پڪ آهي جي هت لڏپڻ ان وقط ٿي هئي جيڪا بنگلاديش جي وجود کان پو ئِ پڻ هلندي رهي۔ پر ڪراچي ئَ واڱر هت ڪڏهن بە هت وطن ڪارڊ جي ضرورت ڪون پئي۔       
 ننڊپڻ ۾ ائون سِٽي ڪاليج ۾ پڙائي ڪئي هئي۔ اڄ جڏهن مان انهن ڏنهن کي ياد ڪندو آهيان تە يقنن اهي منهنجي حياتي ئَ جا بيهتيرن ڏنهن مهصُص ٿيندا آهن ۽ سايد هميشاە ٿيندا رهندا۔ اهي ڪاليج جون يادون هميساە مون سان رهندون۔ تِن ڏنهن ۾ ڏهين درجي کان پو ئِ ڪاليجن ۾ داکلو وٽي سگهبو هو۔ پر هينئر ڀلي ٻە ورهە ترسڻو پوي ٿو۔ موکي ياد آهي تن ڏنهن ۾ ئي مون سنڌي لکڻ سکي هئي۔ ساهتە يا ادب يا کڻي چيو سنڌي ٻولي ئَ ڏانهن سِڪ بە تن ڏنهن ۾ ئي اڀري۔گهر ۾ جڏهن بە سنڏي لکڻ پڙهڻ جي ڳاله اڀرنڌي هئي تە وڏو ڀائُ رهٽان ڪڏندو هو تە اڳواٽ پنهنجي پڙهائي ئَ تي ڌيان ڏي تو ئِ سنڌي سکي وٺجائين۔ موکي ياد آهي تە تن ڏنهن ۾ ڪتابي ميلو فورٽ ويليم جي مئدان ۾ لگندو هو۔ انهن ميلن ۾ جدا جدا ملقن مان سڄو سڄو ڏنهن اتي پيو هونڌو هوسِ ۔ ڏنهن جو ۲ لڳي کن راتِ جو ۸ لڳي تائين۔ مطلب جيستائين موکي ٻاهر نە ڪڏهن مان هڪ هٽ کان ٻي هٽ تائين فرندو رهان۔ گهڻو تڻو اڳواٺ مان ساهتيە اڪادمي جي اسٽال تي ئي ويڃدوهوس ڇا ڪاڻِ تە سنڌي ڪتاب فقط انهن وٽ ئي ملنڌا هئا۔ هڪ ڀيري ڪراچي ئَ مان آيل هڪ مهاجر پڻ مليو هو جنهن کان هڪ انگريزي ڪتاب (همِداه خورو جو سنڌ جو بمبئي ئَ کان ڌار بابت هو) ۽ ٻيو سنڌي (ٻٽٽن لفظن بابت هو) ورتو هو۔  هو وائيڙو  پئي ٿيو منهنجي سنڌي ئَ (عربي سنڌي) تي۔ سايد محاجرن کي اڃا تائين سنڌين کي سڃاڻڻ ۾ وقط لگندو۔ انهن ڏنهن ۾ منهنجي ڏاڊي کوايش هونڌي هئي تە مان بە هڪ پروفيسر ٿيان پر ڪِصمت سايد ساٿ ڪون ڏنو۔ هيئنر وري هڪ ميڊڪل ڪاليج ئَ ۾ ڪم ڪرڻ جو مؤڪو ملو آهي ۽ اهو بە ڪچڇ ۾ جتي رهڻ جي ننڊي جوندي جي خوائيش هئي۔ سائين ئَ ڏنو آهي تە هائُن کولي ڏنو آهي۔
اڄ لڳ ڀڳ ٻن ورهين کان گانڌِڌام ۾ رهان ٿو پيو پر جنهن ماهول ئَ جي اميد ڪئي هئم اها ڪون ملي۔جيتوڻيڪ سائين پرڀوداس تولاڻي جا ڪاليج آهن۔ هڪ ٻە نە پر سڄو ڪيمپس اڏايو اٿئين پر سنڌي ٻولي لڳ ڀڳ  عائب آهي۔ اهو مهصوص ئي نە ٿيندو آهي تە هي ڪاليج ئَ ڪنهن سنڌي ئَ جا اڏايل آهن۔ سايد هينئر اسين هندو سندي اهي ڪون رهياسين جيڪي جيڪي وِه يا ٽِه ورهيە اڳ هياسين۔ هت سنڌي ئَ جو واهپو بە تمام گهٽ آهي۔ ڪچڇن ۾ پڻ ساڳي حالت آهي، ڄڻ ٻنهن ۾ ڪا رِس لگي هجي تە ڪير ڪيتري تڪڙ ۾ پنهنجي ٻولي ئَ کي وساري سگهي ٿو۔   
پر انهي سڀ کان پو ئِ بە سنڌييت جي جدوجهد اڳتي وڌڻي کپي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔