Blog | ब्लाग | بلاگ


ارڙهڻو سنڌي سنميلن …..ٺاڪ شو يا فليپ شو



هن سال اهو وارو احمد آباد جو وارو هو ارڙهڻي سنڌي سنميلن جي ميزباني ڪرڻ جي. ان کان اڳ ايڙها سنڌي ميڙاڙڪا دنيا ڀر جي جدا جدا شهرن ۾ آيوجت ٿيا آهن جتي جتي سنڌي وسيال آهن. چيو ٿو وڃي ته ايڙهن سنميلن جي ايوجن جي سوچ سڀني کان اڳواٽ ع1988 يا 89 ۾ شري پريم لعلواڻي (جيڪي تنهن مهل ڪيليفونئا شهر جي سنڌين پنچايت جا مکي هئا) پارا جور شور سان رکي وئي هئي پر پهرون سنڌي سنميلن 1992 ۾ ئي ممڪن ٿي سگھيو شري چندرو ڀوجواڻي جي وقط. شروع ۾ اهي سنميلن رڳو اميرڪا جي مکتليف شهرن ۾ ئي آيوجت ڪيا ويندا هئا پر بعد ۾ اهي  دنيا جي ننڊي وڏي شهر ۾ به آيوجن ڪرڻ جو رواج شروع ٿيو جيڪو رواج اڄ تائين سانده هلي پيو. ان سنميلن جي نسبت جنهن تنظيم جو نانءُ پڌرو ٿيو آهي سو آهي الائينس آف سنڌي ايسسيوشن آف اميرڪاس جنهن ۾ هينئر 17 سنڌي تنظيم جي ڀائيواري ٿي ٻڌائي وڃي. پر دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي اميرڪا جا ٻاهر جڏهن به ايڙها سنميلن پيا آيوجت ٿين ته ميضباني ڪندڙ مڪاني سنسٿا به ان سنميلن ۾ پنهنجي ڀاڳيداري نڀائي ٿي. 2010 ۾ جڏهن اڙهو سنڌي سنميلن ٿيو ته ان جي بندوبست جڪارتا ۾ رهندڙن سنڌين جي هڪ سنسٿا گانڌي لوڪ سيوا پئي ان جو انتجام ڪيو. (گانڌي لوڪ سيوا جڪارتا ۾ رهندڙ سنڌين جي  هڪ اهم سنسٿا آهي جنهنجي جي سائي هيت جڪارتا  ۽ باليءَ ۾ اٺ ڏه اسڪول پيا هلن جنهن جو فائيدو نه رڳو سنڌي ٿا وٺن پر ننڊي کنڊ جو هرڪو قوم جيڪو ان اڪاڪن ۾ وسيل آهن.)








 ان سنميلن جي بندوبست جو ڀارُ هندوستان ۾ هڪ سماجڪ سنسٿا سنڌي ڪائونسل آف انڊيا تي هو. سنڌي ڪائونسل آف انڊيا هند جي سنڌين لاءِ هڪ ڄاتل سڃاتل سنسٿا آهي. اها سنسٿا تنهن مهل سُرکيون ۾ آئي جڏهن بي جي پي جي ڏنهن ۾ هندستان جي قومي تراڻي مان سنڌ لفظ رد ڪرڻ جي نسبت ڪورٽ جي اڳيان ڪنهن شخص ارجي رکي. ان واڪعي جي نسبت هند جي سنڌين پاران سنڌي ڪائونسل آف انڊيا جاکڙو ڪيو. وري ڇتيس گڙ ۾ جڏهن سنڌ  مان لڏي آيل سنڌين کي بنگلاديشين  سان ڳڏ ڪري مڃيو ويو تڏهن به سنڌي ڪائوسل سنڌين جي بدُر ۾ ڇتيسگڙ جي حڪومت سان ملي ڪري ان آرڊر جي رد ڪرايو. ان کان سواءِ سنڌي ڪائونسل هند توڙي هند نان ٻاهر جام سنڌي جلسا پئي آيوجت ڪيا آهن جنهن جي واٽ سنڌيت سان آهي.





سنميلن جو مهورت هندستان جي گجرات صوبي جو وڏو وزير سري نريندر موديءَ ڪيو. سنڌي سنميلن ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيوتن کي گھرائڻ جو رواج ڪو نئون ناهي. هندستان ۾ سنڌي ٻولي جي جاکڙي جي نسبت ساڳيا منظر پئي ڏسڻ ۾ ايندا هئا. تنهن مهل اهي ضروري  به هو. ڄاتل سڃاتل سخصتيون کي گھرائڻ جي پُٺيان سوچ اها ئي هوندي هئي جيئن هندستان ۾ ماڻهون کي به سنڌ ۽ سنڌين بابت ڄاڻ هجي ڇا ڪاڻ ته تن ڏنهن ۾ هندستان جي ماڻهن ۾ سنڌين بابت ڄاڻ به ڪنهن ڪدر مهدود ئي هوندي هئي. پر هيئر سنڌين جي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن لاپرواهي سبب سنڌين جي نئين ٽهي کي گھٽ ۽ اڻ سنڌين کي وڌيڪ تي ٿئي. ان حقيقت کي موديءَ سهڻي نموني پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته سنڌين کي پنهنجو ٻولي توڙي ثقافت کان منهن نه فيرڻو کپي. سنڌين کي پنهنجي جڙڻ کي وسارڻ نه کپي، سنڌين کي پنهنجي ثقافتي لٻاس ۾ ئي سنميلن ۾ سريڪ ٿيئن کپندو هو وغراه وغيراه. هندستان۾ سنڌي برادري جي ان ڳاله مان اڻ واقيف آهي اڙهي به ڳاله ناهي. دراصل اسين سنڌيءَ کي اڙهي ريت ڪمزور ڪيو آهي جي اسين اڻ سنڌين لاءِ هڪ وڏي مذاق بڻجي پيا آهيون. اها ڳاله سمجھڻ جيڙهي آهي جي صوبي جو وڏو وزير سنڌين جي وچ ۾ سيڙجي آيو پر ان جي باوجود سنڌين وڏي وزير جي اڳيان ڪان به خاص گھُر ڪون رکي. ڪن جي ليکي ته مودي سنڌين جي وچ ۾ اچي ڄڻُ ڪو  ٿوڙي لاٿو آهي ۽ هن سائين  به ان جو پوري فائيدو ورتو.



هندستان ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ گجرات هڪ اهم صوبو آهي. جيڪر گجرات ۾ رهندڙ سنڌين جي آدمشماري ڏانهن ڌيان ڏيجي ته پتو ٿو پوي ته هت لڏي آيل هندو سنڌين جو ٽيون حصو پيو رهي. اهو ئي نه هت سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي رهي ٿي پر ساڻ ساڻ اهي به هڪ سچائي آهي ته هت سنڌين کي سڀني کان وڌيڪ ڏک ڏسڻا پيا آهن. چيو ويندو آهي ته گجراتين نه پئي چاهيو ته سنڌي هت وسن (ڪچڇ کان سواءِ). اهو به چيو ويندو آهي ته هندو سنڌين جو جاتي ڏانهن وهنوار، تيوڻ توڙي گوست کائڻ جي رواج، دارون پيئڻ جو ڪنهن ڪدر کُليل رواج، مردن جو خدا ۽ ضائيفائون جو الاه لفظ جو استمعال يا وري سنڌي لک پڙ لاءِ عربي فارسي آئيويٽا جو استمعال مسلماڻو نه پئي لڳو، مٿون وري سنڌي به جام ڌنڌو ڪن جنهن سبب گجراتين توڙي سنڌين منجھ ريس ان وڇوٽيون کي هاٿيون وڌائي ڇڏيو. اڄ به ايڙها جام واڪعيا ٻڌبا آهن جتي سنڌين جي گجراتين الاڪن ۾ (خاص ڪري جينن پاران)، جايون نه ڏڃيون ويندو آهن مطلب ته سنڌين لاءِ نو گو ايرازي نه ناهن پر اسان جو وسڻ هٿئون جي رهاڪن کي گھٽ وڻي. اڄ به ايڙها جام سنڌي لڀندا جيڪي پنهنجو ٻولي سنڌي نه لکي  گجراتي يا گھڻو تڻو هندي ڪري ڏسندا آهن. ويجھڙائيءَ جي ڪن ڏهاڪن ۾ جيتوڻيڪ ايڙها واڪعا ڪنهن ڪدر گھٽيا آهن پر جي اڳوپوءِ نبري ويا آهن سان به ڳاله ناهي. اهو سڀ ان جي باوجود جي 1947 کان اڳ ڪراچيءَ ۾ هندو سنڌين کان وڌيڪ گجراتي رهندا هئا پر ايڙها ڪڏهن به واڪعا ڪون ٿيا جن ۾ سندن سان ڪو سنڌين پاران غلط وهنوار ٿيو هجي پر سنڌ مان هندون جي لڏپڻ اهو سڀ ڪجه فيري ڇڏيو. هينئر سنڌين گجراتين جي اسري آهن.



 سنميلن جي پهرين ڏنهن هڪ اهم سنڌي سياسي سخسيت موجود هئي، احميدآباد جي سنڌي الائيڪي مان چونڊيال گجرات جي هيڪلي سنڌي ايم ايل اي ( گجراتي اسلمبلي جي ميمبر) سريمتي مايابين ڪوڏناڻي. ان سنميلن ۾ سندس چوڻ هو ته  سنڌين کي هينئر ماضيءَ ڏانهن نه پر مستقبل ڏانهن ڏسڻو کپي. اها ڳاله اڳوپوءِ به غلط به ناهي. سنڌين جو بسيرو هيئر هندستان ۾ آهي پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته اسين پنهنجي ٻولي توڙي ثقافت کي وساري وهئون. اسان جيڪر اٽي ۾ لوڻ جيترا ٿي ڪري به پنهنجي ٻوليءَ کي  طسليم ڪرائي ٿا سگھوئون ته يقينن ٻوليءَ جي مثئلن کي به ذور وٺائي ٿا سگھون. اسانجي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اها رهي آهي ته جيتوڻيڪ پنهنجي پاڻ ۾ هندوپڻو وڌايون آهي پر ساڻ ساڻ ان چاه ۾ پنهنجي پاڻ ۾ سنڌيپڻي جام وڃايو پڻ آهي ۽ ان جي ساهد آهي مايابين ڪوڏناڻي. انگريجيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته “روم ۾ اهو ئي ڪيو جيڪو رومن ڪن” مايا ڪوڏناڻي انهن  مان آهي جن کي ان چوڻيءَ موجب پنهنجي ماضيءَ تي ڪڏهن به فڪر ڪون ڪيو آهي. سنميلن ۾ سندس چوڻ هو ته “سنڌين کي هينئر مستقبل ڏانهن ڏسڻو کپي” مطلب  گجراتين ۾ سمٽجي وڃڻ ۾ ئي سنڌين جي ڀلائي آهي. جيڪي کيس سڃاڻن تن جو چوڻ آهي ته مايا ۾ اها ڳاله ناهي جيڪا اڳوڻي سنڌي ايم ايل اي سري گوپال داس ڀوڄواڻيءَ ۾ هئي. گوپالداس هميشاه ئي سنڌين توڙي سنڌيت ۾ چاه وٺندو هو. ڪنهن به قوم لاءَ سندس ورسو تمام گھڻو اهميت ٿو رکي ۽ سري گوپالداس ڀوڄواڻيءَ ئي ان جي بخوبي تات هوندي هئي. ادي مايا به پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ صاف چٽي لفظن ۾ چوندي ڪو به منجھارون ڪون محسوس ڪيو هو ته “ مان جڏهن پنهون ڀيڙو ڪُبيرنگر (احمدآباد جو سنڌي الاڪو) ۾ آئي هيس ته سنڌين کي سنڌي ڳالهائندي ڏسي وائيڙي ٿي پئي هيس” بدقسمتيءَ سان سنڌين ۾ مايا جيڙها وهنوار جام ڏسڻ ۾ ايندو آهن جيڪي پاڻ کي هندو ته ڪوٺائن پر ان جور شور سان سنڌي نه. مايا جو لباس به سنڌي گھٽ ۽ گجراتين جيڙو وڌيڪ هوندو آهي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هندو سنڌين جو موٽي وڃڻ سايد هيئر ممڪن ناهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسين هندستان ۾ ٿائينڪو ڪرڻ جي جاکڙي ۾ پنهنجي پاڻ کي ئي پنهنجي اندر سنڌيپڻي جي اڳوپوءِ ناس ڪري ڇڏئون.




هن سنميلن ۾ ڀرمار هئي انهن سنڌين جي جنهنجو واستو ڌندن سان يا واڻجيه جي دنيا سان رهيو آهي. ان ۾ وڏي۾ وڏو نانءُ رهيو آهي هندوجا ڀائورن جي. نه رڳو شريچند هندوجا پاڻ پر سندس ٻه ٻائور پاڻ حاضر هئا . ان کان سواءِ اڙها جام سنڌين نسل جا ماڻهو حاضر هئا جن واڻجيه جي صنف ۾ جام نالو ڪڏيو آهي. هڪ سوچ جيڪا اسين سنڌين ۾ رهي آهي ته اسين هڪ ڌنڌيڙي قوم آهيون. اها سوچ نه رڳو رواجي سنڌين ۾ آهي پر سنڌي ليکڪن ۾ به. اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي سنڌي ۾ ورهاڱي کان اڳ مسلم ليڳ جا سنڌي سياستدان هڪ سٽ جام استمعال ڪندا هئا ته “هندو دفترين ۾ مسلمان جيلن ۾ ” جيتوڻيڪ اهو ڪن سنڌي سياستدانن جو پروپاگينڊا رهيو هجي پر اسين سنڌي ڪڏهن به ان ڳاله جي مکاتليف ڪرڻ جي ڪرڻ ڪوشش ڪون ڪئي آهي. اسان اها ڳاله بلڪل وساري واٺا آهيون ته سنڌ ۾ رهندي به سنڌين ۾  ڪامورا شاهي به هوندي هئي. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ عامل جام نوڪريون ڪيو خاص ڪري ڪلهڙڻ جي ساهبي جي وقط پر بس ورهاڱي بعد حالتيون ڪجه ايڙهيون ٿي پيو جي سنڌين جي سڃاڻپ به ڌلمل ٿي وئي آهي. پر ان سنميلن مان ميڊيا جي نظر مان جيڪر ڪي غايب رهيا ته اهي آهن سنڌي اديب ۽ ادبائون. هڪ لڱي ڏسنجي ته اها به ڪا وائيڙو ڪندڙ نظارو به ناهي. هندستان ۾ سماجڪ جلسن توڙي ميلي ملاکڙڻ ۾ ڪڏهن به ليکڪ نظر نه ايندا آهن. اهو سب ان جي باوجود جي نئين ٺهي جي ليکڪن جي سماج جي اڳيان اچڻ تمام ضروري آهي خاص ڪري انهن ٽهيءَ لاءِ جنهن کي سنڌي ٻولي توڙي ثقافت بابت ڄاڻ تمام ٿوڙي آهي.  ليکڪ جي ازت قوم جي ازت مڃي وڃڻ کپي پر سنڌين ۾ حال ئي ٻئين قومن جي اُڀتر آهن. دهلي ۾ اين سي پي اسي ايل جي سيمانار ۾ به ساڳيا منظر پئي ڏسڻ ۾ آيا. ليکڪن کان وڌيڪ اهميت ته سياستدانن کي ملي (ايئن به هينئر ادبي  سنسٿائون ۾ ليکڪ وڃي بچا ئي گھڻا آهن ؟) دهلي ۾ سيمانار مس جيڙهي اڌ ڏنهن جي هئي پر هت احمدآباد ۾ ته پوري ٽن ڏنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نسبت ڪا عام ۽ کليل بهس ڪون ٿي سگھي جنهن جي تمان گھڻي گنجائيش هئي.




دهلي جي سيمنار ۾ هندستان ۾ مرڪجي حڪومت جو مانو سنساڌن جي کاتي جو وزير (جنهن وٽ تاليم جي وزيرات آهي) سري ڪپل سِبل پڻ حاضر هو. اتي هڪ گھر ڪئي وئي ته ڇون نه صوبن  جي حڪومتن جي نوڪريون جا امتهانن به سنڌي ۾ ڏنڻ جي موڪل هجي . خاص ڪري انهن صوبن ۾ جتي سنڌي گھڻي تعداد ۾ آهن .( هينئر رڳو راجستان ۾ ئي اڙهو ڪانون آهي). وزيرءَ جو رايو هو ته ايڙهيون گھريون صوبن جي حڪومتيون جي اڳيان رکيو وڃن ته سٺو ٿيندو. ساڻ ساڻ سندس اهو نه چوڻ هو ته ڇو ته اها ڳاله اڳيان آئي آهي ته هو ان ڳاله جي ڪانگريس جي حڪومت سان ماڻ ئي ڳاله ڪندو پر جتي جتي اڻ ڪانگريس حڪمتيون آهن اتي سنڌين کي ئي وک وڌائڻي پوندي ، پر جڏهن ارڙهڻي سنڌي سنميلن ۾ گجرات (جتي گھڻي ۾ گھڻو سنڌي آبادي رهي ٿي )جو  وڏي وزير مان سيڙجي آيو ته سنڌين اڙهي ڪا  به گھُر ڪون رکي. اها ڳاله ان جي شاهد آهي ته سنڌين سنسٿائون ۾ رابطي نالي جي ڪا به شيءِ ناهي. اهو ئي نه پر 2011 ۾ جدا جدا سنٿائون پاران ٽي ٽي ڀيڙا سنڌي پرڌان منتري سان گڏيا پنهنجي پنهنجي گھرن سان، ڄڻ سڀنن کي پنهنجو نالو اڳتي وڌائڻو هجي سنڌين جي حڪن جي نسبت. هندستان جي ڪُل آدمشماريءَ ۾ سنڌي مس جيڙها هڪ سيڪڙي جو چوٿون حصو آهن ۽ جيڪر  ان جي باوجود اسين ۽ اسان جون تنظميون پاڻ ۾ رابطو يا ايڪو نٿيون رکي سگھن ته ان کان وڏي ڏک جي ڳاله ٻئي ڪا ٿي نٿي سگھي. ٽي ٽي ڀيڙا جيڪر پرڌار منتري سان جدا جدا سنسٿائون گڏبو ته پنهنجو گھر جو ذور پنهنجو پاڻ ئي گھٽبو. هندوجا ڀائورن جي سري چند هندوجا هڪ گھر واجب ڪئي سان هئي ڪنهنجي الاڪي جي، پر ان لاءِ موديءَ جو جواب اهو ئي هو جيڪو نهروءَ جو هوندي هو ته پوري ملڪ (گجرات) ئي اوهان جو آهي، جتي وڻيو اتي وسيو (ٻيا ته ميڙئي مودي کي ڏسي ڄڻ وائيڙا ٿي پيا. سندس ليکي ڄڻ ڪو فريشتو آيو هجي)




سنميلن جي پڇاڙيءَ جي ڏنهن موجود هو هندستان جو نائيب پرڌان منتري شري ايل ڪي آڏواڻي. چيو ٿو وڃي ته هن سائين پنهنجي پوري تڪرير سنڌي ۾ ڏني (هندستان ۾ اها ڪا ننڊي ڳاله ناهي ليکبي آه) سندس ان تڪرير سان انهن نئين ٽهي جي نوجوانن کي تمام گھڻي تڪليف ٿي جنهن کي سنڌي نه ايندي آهي. چيوٿو وڃي هو پنهنجي مائيٽن کان هر هر  پئي پڇو ته آڏواڻي ڇا پيو ڳالهائي پر نيٺ هنن به ماٺ ڪئي ڇاڪاڻ ته سندن مائيٽ به ترجمعو ڪري ڪري ٿڪي پيا. اهو ان ڳاله جي ساهد آهي ته سنڌي جي هندستان ۾ ڪنهن ڪدر حالت خراب ٿي چڪي آهي. جيڪر ڪجه نه ڪيو ويو ته اهي به ڏنهن پري ناهن ته هندستان جا اڻ سنڌي به چوڻ سروع ڪندا ته جڏهن سنڌي پنهنجي ٻولي ڄاڻن ئي نه پوءِ قومي ٻوليءَ جو درجو ڇو ؟ ڇو ٻئي ڪا ٻولي کي نه معڪو ڏنو وڃي جنهن جا ڳالهائنڊر پنهنجي ٻوليءَ لاءِ سڪن پيا ؟. کير اڏواڻيءَ پنهنجي تڪرير  ۾ ڪي غلط ته ڪي واجب ڳالهئون پئي ڳالهائون. کيس الاءِ ڪنهن ڏسيو هو ته سنڌي ٻولي باجپئي جي ڏنهن ۾ طسليم ٿي هئي؟ پر ان جي باوجود هو اها ڳاله ضرور مڃي ته جيڪر عربي لپي تي سنڌي هل نه ڪيون  ها ته سايد سنڌي جي ايڙهي حالت نه ٿئي ها. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڏواڻيءَ کان هندستان جي سنڌي سماج جي گھڻيون اميديون هيون جيڪي ڪڏهن به پوري نه ٿي سگھيون. جڏهن بي جي پي جي حڪومت هئي ته هو سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪجه به ڪون ڪيو. سياسي طور به سنڌين کي اهو سڀ ڪون مليو جيڪو هو لهڻن. هيئنر کير اڏواڻي ءَ کان هندستان جو سنڌي سماج ڪا به اميد ڪون ٿو رکي سايد سڀني کي سمجھ ۾ اچي ويو آهي ته آڏواڻي کان ڪا به اميد ڪرڻ اجائي آهي سايد اڏواڻي سنڌي آهي اهو ئي اسان لاءِ گھڻو آهي.



  جيڪر سنميلن جي شريڪ ٿيئڻ جي ڳاله ڪجي ته ان سنميلن ۾ حصو وٺڻ جي به هڪ قيمت مڪرر ڪئي وئي هئي. اهو ئي نه پنهنجي رهڻي ڪرڻي جو به انتجام به پنهنجي پاڻ کي ئي ڪرڻي هو. هندستان ۾ جيتوڻيڪ سنڌي ايڙهن جلسن مان ڪنهن ڪدر اڻ واڪيف آهن . چندو گڏ ڪري سنميلن ڪوٺائڻ جو رواج ننڊي ننڊي کنڊ کان ٻاهر عام آهي. ان هڪ سبب اهو  آهي جي پرڏيه ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي به طسليم ڪون ڪئي وئي آهي. وري ننڊي کنڊ جي ڀيٽ ۾ پرڏيه ۾ سنڌي به تمام ٿوڙا آهن. علائين فار سنڌي  ايسوسيئشن ان اميريڪا ، هندستان جي ڪا تنظيم ناهي سو کين ڏوه نٿي ڏئي سگھجي پر سنڌي ڪائونسل آف انڊيا کي ته  هند جي حالتيون بابت خبر هئي پر ان جي باوجود 4000 رپين جو چندو يقينن ڪا ننڊي رڪم ناهي. جيڪر سنميلن جي ايوجن لاءِ پيسي جي ايتري ضرورت هئي ته پوءِ هندستان جي اڙهن سنسٿائون جي مدد وٺي سگھجي پئي جيڪي ٻوليءَ توڙي ثقافت جي دائري ۾ ڪم ڪن ٿيون. ان تنظميون کي حڪومت مالهي مدد ٿئي ٿي جنهن سبب چندي جا اگھ گھٺائي سگھبا هئا. هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪر اڙهيون سنسٿائون آهن ته پوءِ چندو ڇا لاءِ ؟ پر اجيب جيڙهي ڳاله ته اهي آهي جي اڙهي وڏي مسئلي ڏانهن ڪنهنجو به ڏيان ڪون ويو. سايد اسين سنڌيت جي نالي تي به پنهنجو هڪ ڏار سنگت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اهو  چڱن ڀيڙڻ ڏٺو ويو آهي ته جيئن جيئن هندستان ۾ سنڌين جي مالي حالت سڌرندي وئي سنڌين ٻوليءَ کان پري ٿيندا ويا ۽ جيڪي ماڻهو ان سنميلن ۾ اڇي گڏ ٿيا هئا تن مان گھڻائي انهن جي هئي جن جي گھرن مان سنڌي اڳين ئي نڪري وئي آهي. اسٽيج تي ويهاريل ماڻون مان اهو پڌرو هو ته هت انهن کي به مان پئي ڏنو ويو جيڪي جام ملڪتيون اڏائيندڙ آهن نه ڪي اهي  جيڪي قوم ۽ ٻوليءَ جي جاکڙي ۾ رڌل آهي. مايابين ڪوڏناڻي جي لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته کين گجرات جي صوبائي  وزير  آڏواڻي جي چئي مڪرر ڪيو هو، سو مايا بين جي وفاداري به سنڌين سان نه پر آڏواڻي سان آهي. سنڌي هئڻ ته مڙئي هڪ مِنهيون هو.  وزير ٿئڻ جي راه هئي .



هندستان ۾ به هڪ سنڌ وسي ٿو. ڪچڇ ۽ جيسلمير ۾ . پر اٿئون  جا مول نواسي ان سنميلن ۾ گھڻو تڻو گير حاضر رهيا. جيڪر اسين کين پنهنجو ڪري ڪون ليکينداسين ته نڪسان اسين رواجي سنڌين جو ئي ٿيئڻوآهي. ان ڳاله کي بلڪل نظرانداز نه ڪرڻو کپي ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت آهي جيڪا اسين شهرن ۾ رهندڙ سنڌين لڳ ڀڳ وساري چڏي آهي سا ڪچڇ ۽ جيسلمير ۾ اڃا به جنداه آهي  . عام طور سان هندستان ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاران جسلا يا ميلا ملاکڙا ٿين ته ايئن جام پيو ڏٺو ويندو آهي ته ماڻهو پنهنجي ثقافتي لباس ۾ پئي نظر ايندا آهن. پر ان سنميلن ۾ ايئن ڪون ڏٺو ويو. گھڻي تڻو سنڌي سُٽ ڪوثُ ۾ پئي نظر آيا. اها ڳاله موديءَ جي به نظر ڇڪائي. جيڪر ان سنميلن ۾ هندستان جي سنڌي الاڪن جا به ماڙوئڙا گڏ ٿين ها ته سايد مودي به سنڌين کي پارسين سان ڪون ڀيٽي ها. سنميلن ۾ نه هند ٿوڙي پرڏيه جا سنڌي هئا پر هندستان جي ميڊيا به حاضر هئي پر ان جي باوجود هندستان جي سنڌين جي صحيح سڃاڻپ ميڊيا جي اڳيا پيش ڪرڻ ۾ هي سنميلن ڪاسر رهيو. وڏو اتفاق اهو به آهي  ته گجراتي به سيڌين واڱر جام ڌنڌو ڪن، جدا جدا ملڪن ۾ ٽريل پکريل آهي پر هو جلسن ۾ خاص ڪري ڪڏهن به پنهنجي ثقافت لباس جو وسارن يا پنهنجي لپي جا نالي پنهنجي ٻوليءَ جو مذاق ڪون اڏارن. جيڪر هندي کي ڏسجي ، اها دنيا جي 17 ملڪل ۾ ڳالهائي ٿي وڃي. هندستان ۾ ان جي حالت اها ئي آهي جيڪا ٻئي ڪنهن صوبائي ٻولي جي ، فرڪ رڳو ايترو آهي جي ان جي تعداد گھڻي آهي پر ان جي باوجود هندي دنيا جي 17 ملڪل ۾ پئي ڳالهائي وڃي. جيڪر هو به سنڌين واڱر ڪن ته هندي هندستان ۾ ئي سمٽجي وڃي.



اميريڪا ۾ جڏهن اهي ساڳيا  سنڌي سنميلن ڪوٺائڻ جي سروئات ٿي ته مقصد اهو ئي هوندو هو ته سنڌين جو پاڻ ۾ رابطو وڌي جيئن جدا جدا شهرن ۾ رهندڙ سنڌي هڪ ٻئي جي ويجھو اچن. اميرڪا کان ٻاهر به جڏهن سنميلن ٿيا آهن تڏهن به مقصد ۾ ڪو به فيرو ڪون آيو آهي پر هندستان ۾ حالتيون بلڪل ڌار آهن. هت سنڌين جي وڏي آبادي رهي ٿي (سنڌ کان سواءِ). هندستان ۾ مسئلا رڳو هڪ ٻئي سان رابطي رکڻ جا ناهن. هت مسئلو سنڌي ٻولي ءَجي مستقبل جو آهي، سنڌي ثقافت جو آهي ، سنڌين جي سياسي حڪن جو ، مسئلو سنڌي صوبي جو آهي ۽ سڀني کان وڏو پنهنجي وجود جو آهي. سنڌي ڪائونسل آف آنڊيا کي ياد رکڻو کپندو هو ته سڄو هندستان اسان کي پيو ڏسي پر جيڪا سنڌي سماج جي تسوير اسين سنڌين پيش ڪئي سي سا اها ته اسين هيئر اوله جي سنسڪرتي سان ڌلجي ويا آهيون، اسان جي ڪا به ويش ڀوشا ناهي، اسان جو هندستان سان مٽي جو به رستو ناهي. اسان ٻين هندستاني سماج مان ڌار آهيون. اجيب جيڙهي ڳاله آهي ته ان سنميلن جي جاءِ کان 400 ڪوه مس پري آهي هند جو سنڌ يعني گانڌيڌام جو شهر وسيل آهي جيتي جام سنڌي رهن ٿا پيا . دنيا ڀر جا سيلاني جيڪر ڪچڇ جو رڻ اتسو ڏسڻ اڇي ٿا  سگھن ته ڇا هند توڙي سند کان ٻهر سنڌي ، اسانجو پنهنجو سنڌ ڏسڻ نٿا اچي سگھن؟؟؟؟ هندستان ۾ 400 کان وڌيڪ جاتيون آهن ۽ سڀني کي آزادي آهي ته پنهنجي ثقافت جو پردرشن ڪن ۽ ٿئي به ايئن ٿو پر سنڌي هڪ قوم آهي جنهن جو ورهاڱي جو روئڻ آهي جي نبري ئي نٿو نبري. ورهاڱي بعد پنجابين (سکن) به سنڌين واڱر ٻوليءِ لاءِ جاکڙو ڪيو. سندن جي پنجابي ٻوليءَ کي ته هندي جو لهجو مڃيون ويندو هو (۽ آهي)، قومن جي پاڻ ۾ جدوجهد هلندي رهندي پر ان سبب جي پاڻ کي سمٽي ڇڏجي سا ڳاله غلط آهي. هن سمنيلن هندستان ۾ سنڌين بابت سچائي پيش ڪرڻ ۾ يقينن سفل ڪون ٿي آهي. اسان پنهنجي هٿون هڪ سٺو معڪو وڃائي ويٺاسين.


پڇاڙيءَ جي ٻن سنليمن کان ۽ خاص ڪري ع2009 جي لاس اينجلس سنميلن کان پوءِ لپيءَ تيوري هل پيو ڪجي. رومن جي همايتون جو چوڻ آهي ته ڇو ته هندو سنڌين جي وڏي تعداد ننڊي کنڊ کان ٻاهر ٿي رهي جن کي عربي توڙي ديوناگري نٿي اچي سو سنڌين جي لپي مٽائڻ ضروري آهي، انگريزي هيئر دنيا جي ٻولي آهي سو اڳي پوءِ ماڻهو رومن جي ئي استمعال هيڪلي لپي جي روپ ۾ ڪندا وغيراه وغيراه .ڪيتري نه اجيب جي ڳاله آهي ته پتڏيه ۾ سنڌي باليووڊ جي فلميون سمجھي ٿا سگھن پر پنهنجي ٻولي يا ديوناگري لپي نه …………. اڄ اها ضروري به آهي ته ان رومن جي ڳوڙ کي منهن ڏجي. هڪ لڱي ڏسجي ته ننڊي کنڊ کان ٻاهر سنڌي ڪون پڙهن لکن. وري سندس تعداد به تمام ٿوڙي آهي. سنڌين جي مادري ٻولي بابت جيڪي به تحقيق ڪئي وئي آهي تن مان ٻولي نه پڙهڻ جي سبب ڪٿي به لپي نه رهيو آهي . هو نٿا پڙڻ ڇا ڪاڻ ته کين ان جي ضرورت محسوس نئي پئي ٿئي. وري سنڌي پنهنجي ٻارن کي هندي توڙي انگريزي تي ڄائي کان هيرين پر اميد ڪن (رڳو سنميلن ۾ )ته ٻار سنڌيءَ ۾ ڳالهائن. اها ته وري رڻ ۾ برسات جي اميد واري ڳاله ٿئي ٿي. سنڌين کان سواءِ هندستان جو ٻئيون به قوميون پرڏيه ۾ رهن ٿيون مثلن پنجابي (سک)، گجراتي، مليائي (هندستان جي صوبي ڪيريلا جا رهاڪو) يا وري تمل پر هو ته پنهنجي لپيون ڪون ٿا مٽائين.  جيڪا لپي ع2009 جي لاس اينجليس سنميلن ۾ سنڌين جي اڳيان رکي وئي سا پاڻ به تمام غلطيون سان ڀريل آهي (پڙهو منهنجو بلاگ “سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جو مثئلو ۽ رومنائيجيشن”) هڪ لڱي ڌسجي ته رومن جي 26 اکرن جي مدد سان ڪا به هندوستان جي ٻولي بلڪل صحيح ريت لکڻ اوکي ئي نه ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ ۽ سندس لپيءَ جو هڪ گھررو رستو رهي ٿو جنهن کي نظرانداج نٿو ڪري سگھجي. اڙهي ڳاله ناهي ته ٻوليون جون لپيون ڪون ٿيون مٺائجن پر ان ۾ به ڪو تريڪعو ٿئي ٿو. اهو تريڪعو جيڪو مراٺين توڙي گجراتيون اپنايو. پر سنڌي سنسٿائون کي نه ڄاڻ اهي سڀ ڳاليون جي ڪا به اهميت ڪون ٿي ڏسڻ ۾ اچي. هن سنميلن ۾ به اڳ وارن سنميلن واڱر ئي منظر پئي نظر آيا. رومن کي هندستان جي عربي سنڌي لابي پارا تمام جوش ۽ فروش سان پيش ڪئي وئي اها ڳاله هر سنميلن ۾ ايئن به پڌري ٿيندي آهي.



هندستان ۾ رهندڙ سنڌي چڱن سالن کان پيا صوبي بابت ٿا ڳالهائن. هندستان ۾ جي سنڌي صوبي ناممڪن آهي ايڙهي به ڳاله ناهي. هندستان جي سنڌ سان سٽيل سرهدين کي  جيڪر ڏسجي ته اتي سنڌي نه صحيح پر سنڌيءَ جا لهجا ڳالهائجن پيا. سنميلن ۾ جيتوڻيڪ سري چند هندوجا صوبي بابت پئي ڳالهائو پر انهن کان سواءِ سايد ئي ڪنهن منهن کولي هوندو. ايئن ته لڳ ڀڳ هر سنڌي سنميلن ۾ اسين هند جا سنڌي پئي ڳالهائندا آهيون پر منجھي تڏهن پوندا آهيون جڏهن ان لاءِ جاکڙي جي ڳاله ايندي آهي. هندستان جا ٻه خصوسي سنڌي الائيڪا مثلن ڪچڇ ۽ جيسلمير ۾ رهڻ ته پري اسين اتئون جي ماڻهون سان رابطو به ڪون رکئون. انهن الاڪن ۾ به صوبي جون ڳالهيون توڙي جاکڙو اڳين ئي هلي پيو پر ان جي باوجود ورلي ئي ڪا هند جي سنڌي سنسٿا آهي جيڪا ان جاکڙي جي حمايت ڪئي هجي. ان جاکڙي ۾ حصو وٺڻ جي ڳاله پري آهي. ڪچڇ ۾ جيڪر ڏسجي ته صوبي جي ڳاله 2001 ۾ جور شور سان ٿي جڏهن ماڻهن کي لڳو ته ڪچڇ ۾ رهندڙ ڪچڇن سان جلجلي کان پوءِ مليل بدد ورهائڻ ۾ گجرات ٻيائي پئي ڪئي. پر تنهن مهل جي گھرُ منتري سري ايل ڪي آڏواڻِ ان کي ٻڌندي ئي کارج ڪيو سايد کيس گانڌينگر ۾ گجراتيين جي ووٽن جي تات  پئي ستايو. آڏواڻي ته ٺهيو پر ڪا به سنڌي سنسٿا ان تي هل ڪرڻ واجيب ڪين سمجھي. ها سنميلن ۾ مگرمڇ جا ڳوڙها هرڪو وهائي. اها هينئر هندستان ۾ سنڌين جي هڪ آدت ٿي پئي آهي. ۽ هن سنميلن ۾ به ايئن ٿيو.

ڪل ملائي هي سنميلن ۾ اهو ئي ٿيو جيڪو ره سنميلن ۾ ٿيندو آيو آهي. سٺو انتجام، سُٺا وچار، سٺيون ڳالهيون وغيراه وغيراه. سنميلن ۾ سنڌي اچن ٿا، ڳالائن ٿا ۽ موٽي پنهنجي پنهنجي گھر وڃن ٿا ڄڻ ڪا پڪنڪ ۾ پاڻ کي وندرائڻ آيا هجن. هڪ پڪنڪ نبري  ته ٻئي جي تياري شروع. چيو ٿو وڃي ته ايندڙ سنميلن ڪيريبين ۾ ٿيندو. اتي به اهو ئي ٿيئڻو آهي ، ڀاشڻ ٿيندا، موج ٿيندي ۽ ايندڙ سال جي سنميلن جي ٿڏي جي پڪ ٿيندي……….هي سنميلن ٺاڪ شو ئي نه پر فلاپ شو پڻ هو …….








  

2 thoughts on “

  1. اوهان سنڌي ڀائرن کي سنڌي ميڊيم اين جي وي اسڪول بچائڻ جي اپيل آهي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن کي اپيل آهي ته اهي ڪراچي ۾ قائم 157 سال قديم سنڌي ميڊيم اين جي وي اسڪول کي بچائڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو ، اسان اين جي وي اسڪول ۾ شهر جي مختلف علائقن مان تعليم حاصل ڪري نه سگھندڙ سنڌي ٻارڙن کي کڻي اچي پڙهائي رهيا آهيون ، جنهن تي بس ۽ هاءِ ايڪس وين تي هر مهيني 85 هزار کان وڌيڪ خرڄ اچي ٿو اسان وٽ وسيلا نه هجڻ ڪري اسان سخت پريشان آهيون اٽڪل ساڍا ٽي سو ٻارڙا پڙهي رهيا آهن جن کي مفت ۾ پڪ ۽ ڊارپ ڪندا آهيون ڇا ڪاڻ ته انهن کي والدين غربت سبب پڙهائي نٿا سگھن، سنڌي ٻولي کي بچائڻ ۽ قوم پڙهائڻ ۾ اسان جي پنهنجي وس ۽ وت آهر مدد ڪريو ، اوهان جي مدد سان ئي اسان اهو اسڪول هلائي سگھون ٿا ، اسان وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي ، مان اوهان سمورن ڀائرن کي پرزور اپيل ٿو ڪريان، هن قومي ڪم ۾ اسان جي مدد ڪريو ، اها اسان سڀن جي زميواري آهي ته اسان پنهنجن ادارن کي به بچايون ۽ قوم کي به پڙهايون ، اوهان مدد نه ڪندو ته اسان جو هي مشن اڌ ۾ رهجي ويندو ۽ پوءِ هي شهر ۾ قائم آخري سنڌي ميڊيم اسڪول به بند ٿي ويندو ، ان ڪري اوهان کي گذارش آهي ته اسان جي اپيل تي ڌيان ڌريو، اسان جي اپيل کي نظر انداز نه ڪريو ، هي قومي سڏ ورنايو، اين جي وي سنڌي ميڊيم اسڪول هلائڻ ۾ اسان جي مالي مدد ڪريو. اپهان جو خيرانديش ذاولفقار واهوچو چيئرمين اين جي وي اسڪول مينجمينٽ ڪميٽي هي اين جي وي اسڪول جي ايس ايم سي جو اڪائونٽ بمنر آهي جيڪو دوست مالي مدد ڪرڻ چاهي ٿو اهو ان اڪائپنٽ ۾ پيسا موڪلي سگھي ٿو، School Management committee account No933-013-6016-9 UBL Plaza Quarter 7 Martin Road Karchi

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *