ڳاله سنڌي هندو قيادت جي

سنڌ توڙي هند ۾ هندو سنڌين جي لاءِ حالتون هڪ ٻئي جي اڀتر هئڻ جي باوجود سياسي قيادت توڙي سياسي سوچ ۾ وائيڙو ڪندڙ هڪجيڙهائي نظن ايندي آهي. ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت ٻنهن ملڪن ۾  ٻن وڏيون پارٽيون ڏانهن  انڌي وفاداري ئي رهي آهي. هڪ پاسي جتي سنڌ جا هندو ڀٽي  جي پ پ پ ۾ شرڪت ڪري گد گد ٿين اتي هندستان جا سنڌي بي جي پي ۾ پاڻ جي ارپن ۾ به پورا رهيا اهن.

سنڌين جي هڪ ڌرين جو ٿي وڃڻ جي فترت ڪا اڄ جي ناهي. ورهاڱي کان اڳ هندو سنڌي تيستائين ڪانگريس سان وفادار رهيا جيستائين ورهاڱي توڙي لڏپڻ جو ڌڪ کين هڪ وڏو ڪاپارو ڌڪ ڪين هئون . اهو ڌڪ ايترو ته زبردست هو جي ورهاڱي جي  65 سالن بعد به اسين اهي منظر ڪين وساري سگھيا آهيون ته ڪيئن سنڌ جا ڪانگريسي اڳوان ستا رهجي ويا. ته ڪيئن هو سنڌ جي مٽندڙ سياسي حالتون کي سمجھڻ ۾ قاسر رهيا ۽ ته ڪيئن  راتون رات پنهنجي ئي ملڪ ۾ پرڏيه ڪرار ڏنا ويا.

ايڙهي ڳاله ناهي جي مسلمانن جو هڪ اسلامي رياست ڏانهن لاڙو ڪنهن کان ڳجھو هو. انگريجن جي ڏنهن ۾ سنڌ ۾ سنڌي نثر جو هڪ اهم ٿنڀو جٿيمل پرشرام گلراجاڻي سنڌ ۾ سنڌي مسلم قيادت جي ان فريل منوورتي ڏانهن سنڌوواسين کي آگھاه ڪندي لکو هو “کلافت آهي آفت” ۽ اها کلافت سچ پچ سنڌ لاءِ آفت کڻي آئي. کلافت تهريخ مان پاڪ ٿيل لڳ ڀڳ هر اڳوان ڀلي اهو جي ايم سيد هجي يا وري عبدل ماجد سنڌي ، پير الاهي بخش، ايوب کرو يا وري هدائيتولاه ، سڀن پنهنجي سياسي زمين سنڌي هندن کي هسائي ئي ڪئي جيڪو سلسلو اڄ به سندن وارثن توڙي پوئيلڳن پارا اڄ به ڪنهن نه ڪنهن ريت وڏي سنجدگي سان پيو هلندو اچي. سنڌ ۾ پير مير ۽ جاگردار جي جمايت اڄ به انهن ڪم ۾ لڳل آهي جنهن ريت هو مسجد منظل گاه جي وقط ڏسڻ ۾ آيو هو. پڇاڙيءَ جي مني سديءَ ۾ ان ۾ ذري جو به فرڪ نه آيو آهي.


سنڌ ۾ هندو قيادت جي ٺڪيدارن جو اڳيون تڏهن کلڻيون کپينديون هئون جڏهن مسجد منظل گاه جا فساد ٿيا. سنڌ جي هندو اڳوانن جون اکيون نه تنهن مهل کليون ۽ نه ئي جڏهن هندو اڳوان پنماڻي کي شهيد ڀڳت رام جي ڪاتلن جا نالا سنڌ اسلمبلي ۾ پڌرا ڪرڻ سبب اسلمبلي مان ٻاهر نڪرندي ئي ڪتل ڪيو ويو. انگريجن جي ڏنهن ۾ ڪيل سياسي ناداني جي قيمت اڄ تائين سنڌ ٿوڙي هند جو عام سنڌ ٿو پيو چڪائي.

جيڪا غلطي سنڌي هندو قيادت سنڌ ۾ ڪئي تن جو نڪسان رواجي هندو سنڌي پنهنجي ماتر ڀومي جي قرباني ڏئي چڪائي. ملڪ ويو، لڏپڻ ٿي، هڪ صوبي ۾ رهندڙ پوري هندستان ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي پيا، وري سياسي زور هميشاه لاءِ نبري ويو سو ڌار ڏچو !! جڏهن ته هندي، اردو ، بنگالي مسلمانن جي لڏپڻ 1954 ۾ نبري وئي پر سنڌين ۾ اڄ تائين اها لڏپڻ پنهنجي پوري روطبي سان پئي هلي.

مول سوال ته اهو آهي ته آخر ڇو هندستان جي سنڌي قيادت هندن تي ٿيندڙ ظلمن ٿوڙي نه نبرندڙ لڏپڻ تي خاموش آهي.!!  هندو سنڌ مان ڇو پيا لڏن ؟ ، ڪيڙهي سبب پيا لڏن ؟ ڪير ٿو لڏائي ؟ اهي سوال هينئر ڳجھا ناهن رهيا. اڄ سنڌ ۾ اقلتيون جي حالت سان پوري دنيا جي آڏو آهي پر هندستان جي سنڌين پنهنجي سياسي قيادت ئي ڪجه ان ريت پيش ڪئي آهي جي اسان کان پنهنجن تي ٿيندڙ ظلمن تي به آواج  بلند ڪرڻ نٿو پُڄي.!! هند ۾ سنڌي قيادت جو اهو هڪ نهايت ڏکائيندڙ بابُ رهيو آهي.
هندستان جي سنڌين جا ٻه وڏا اڳوانن ايئن ته پاڻ کي سنڌ جا ڄاول ڪرار ڏيئڻ ۾ ڪڏهن به هجاب ڪين ڪيو آهي پر سنڌ ۾ يا سنڌ مان لڏي آيل هندن جي سُرن تي وائيڙو ڪندڙ خاموشي اختيار ڪئي. سنڌ ۾ هندو نياڻيون تي لنڱ ڪڏائيندڙ ظلمن سماجوادي پارٽي يا بي جوُ جنتا دل جيڙهن پارٽيون جي اڳوانن واڪا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پر جيڪر ڪي ماٺ رهيا ته اهي هئا سرس تي ويٺل هندستان جا سنڌي اڳوان . نه آڏواڻي ءَ جي واتئون ڪجه نڪتو نه جيٺمالاڻي جي  . جيٺملاڻي ته راجسٿان مان هندستان جي اسلمبلي راجيه سڀا لاءِ ڇونڊجي ٿو جٿي سنڌ مان لڏي آيل چار لک هندو سنڌي رهن ٿا . !!!

پڇاڙيءَ جي 65 سالن ۾ سنڌ مان ٿيندڙ لڏپڻ جي جيڪر ڳاله ڪجي ته اهو سمجھڻ ۾ دير ڪين ٿي لڳي ته هندن جي هر تبعڪي لڏپڻ جي سُر سٺا آهن. عام سنڌي مسلمانن ايئن ته ع1947 کان اڳ واري سنڌ لاءِ ته ذجباتي ٿئي ٿو پر سنڌ جي فريل حالتون مان فائيدو وٺڻ مان هجاب نٿو ڪري. وري جيڪر ظلم نه به ٿا  ڪن سي پنهنجي بچاءُ ۾ مِهوُن تيار رکن ٿا  ته “سائين اهو سڀ مسلمانن سان به پيو ٿئي” . اندروني سنڌ هندن تي ٿينرڙ ظلم ڀلي ڪي ٿوڙا ڏوهاڙي ٿا ڪن پر  ان جو پورو ساٿ  رياستي ادارن ورتو آهي. جٿي ڪٿي به هندو نياڻيون اغوا ٿيو آهن، هندن جو ملڪتيون فٻائون ويو آهن، هندو مندر ڊاها ويا آهن ، هندو نياڻيون کي اسلام جو منهن ڪري نيٺ وڪيو ويو آهي ان ۾ ڏوهاڙي سنڌي مسلمانن کي پورو ساٿ حڪومتي ادارن ڏنو آهي. لڳ ڀڳ هر وارداتن ۾ جيتري حصيداري  پير مير ڀوتار جي رهي آهي اوتري سنڌ توڙي رياستي ادارن جي.

سنڌ ۾ هندن لاءِ ڪي گھڻيون واٽيون رهيون ناهن . سنڌ جي هندو اڳوانن جن کان پنهنجي ماڻهون جا ڏک ناهي سٺيا ويا سي لڏي ويا. دلچسپ آهي ته لکشمڻ سنگھ دوڍا يا وري رام سنگھ سوڍا ويٺل ميمبر هئا جڏهن هو لڏي ويا !!! وڏي ڳاله ته اها آهي جي هو ٿر مان هئا جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هندو گھڻائي ۾ آهن. جڏهن چونڊيل نمائيندن جا ايڙها حال آهن ته عام انسانن جا ڪيڙها حال آهن اهو سمجھڻ ۾ ڪا گھڻي دير ڪين ٿي لڳي.

سنڌ ۾ هندو هڪ ايڙهي رياست ۾ فاتل آهن جٿي کين هڪ انسان ڪري به نه ليکيو پيو وڃي . حڪومت ڀلي پ پ پ  جي هجي يا ٻئي ڪنهن پارٽي جي. هر سگھيري پير مير ڀوتارءَ کي خبر آهي ته هندن لاءِ مڙد ماڻهو ٿي ٻهڻ جي سجھ سايد ئي ڪو هندو ميڙي سگھندو. وري هڪ خاموش هندستان ٿوڙي هندستان جو سنڌي سماج ان رياستي ادارن جي همٿ وڌايو آهي. سنڌ جو مظلوم هندو جيڪر ووٽ ڏي ته ڪنهنکي !!! ٻيو ته ٺهيو هاڻي ته قوميپرستن لاءِ به ٿو چيو وڃي ته هو به هندن کان ڀٿو ٿا اڳارين . مطلب هندن تي ٿيندڙ ظلمن ۾ ڪا به ڍرائي اچڻ جي اميد تائين نٿي ڏسڻ ۾ اچي.

پاڪستان جا 95 سيڪرڙو هندو سنڌ ۾ رهن ٿا . جيڪر گجراتي ڳالهائندڙ  ڪراچي جي  ڪاٺياواڙين کي ڌار ڪجي (جنهن جي تعداد ايئن به هڪ لک مس ٿيندي)  ته اهي سڀ هندوسنڌي ئي آهن. لازمي طور اها اميد ڪئي وئي هئي ته پ پ پ هڪ سنڌي پارٽي هئڻ سبب هندو سنڌين ڏانهن ٻئن پارٽيون جي ڀيٽ ۾ سندس  وهنوار ڌار رهندو .ٻيو نه ته  پڇاڙيءَ جي 5 سالن ۾ جنهن ريت هندن تي ظلم ٿيا آهن ۽ جنهن ريت پ پ پ  جي اڳوانن جا نالا ميڊيا ۾ آيا ان سان  هندن ۾ سندن مستقبل لاءِ ڪيڙها انديشا ٿي ٿا سگھن اهو سمجھڻ ۾ دير ڪين ٿي  لڳي. ان جي باوجود هندن پنهنجا ووٽ هميشان پ پ پ  کي ڏنا آهن. بدقسمتي سان هندستان جي هندو سنڌين ريت سنڌ جي هندو قيادت به پنهنجي حقن سانڱي سياسي تنظميون جي اڳيان ڳوڏا ٽيڪڻ ۾ ئي پنهنجي سياڻپ سمجھي آهي جڏهن ته هندستان ۾ مسلمانن لڳ ڀڳ هر پارٽي کي پنهنجي اڳيان ڳوڏا ٽيڪڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.

هندستان جي سنڌي قيادت ڀلي پنهنجي پهرين نظر ۾ سنڌ جي هندن جي ڀيٽ ۾ ايتري ننڌڪڻي يا بيوس نه به نظر اچي پر هو سنڌ جي هندن واڱر هڪ پارٽي جي هٿن ۾ مخمل طور فاسجي چڪا آهن. جيتوڻيڪ سنڌين جي ڪانگريس سان پنهنجايپ ۾ کٽاس  سنڌ مان شروع ٿي ئي پر مول فرڪ هندستان ۾ پڌرا ٿئا هئا جڏهن هندن جي وسائڻ ۾ ڪانگريس جي قردار ڏکائيندڙ جڏهن ته هندو تنظميون ڀلي اها هندو مهاسڀا هجي يا آر ايس ايس هجي هندن جي مدد لاءِ هميشاه ئي تيار هوندي هئي !!!. وري سنڌ ۾ رهندي هندو ڪانگريسي اڳوانن جي حالتون کي نه سمجھڻ جي غلطي ڪانگريس جو سنڌين مان اڳي پوءِ سفايو ڪري ڇڏو.

سنڌي ڪانگريس مان پاسيرا ٿي هندو پاٽيون ڏانهن ته جھڪيا پر پنهنجي غلط قيادت سبب اسان اڄ به اتي ئي آهن جتي سنڌ ۾ رهدي هئا . اڄ به ننڊي کان وڏو سنڌي اڳوان ڀلي پاڻ کي سنڌي ٿو ڪوٺائي پر سنڌين جي حقن لاءِ پنهنجي سياسي ڪيريئر اصل ئي داءُ تي لڳائڻ لاءِ تيار ناهي اهو ان جي باوجود جي اڻ سنڌين جو سهڪار رهيون آهي.

پڇاڙي جي 65 سالن جي سنڌي هندو قيادت ان ڳاله جي ساهد آهي ته اسان جا اڳوانن اڄ به اها ئي غلطي ٿوڙي ناداني ئي پيا ورجائين جيڪا غلطي هنن 1930 کان 1947 تائين سنڌ ۾ ڪئي . نه اسين ورهانڱي کان اڳ ان حالتون کي سمجھي سگھياسين ۽ نه ئي اڄ سمجھڻ لاءِ تيار آهيون. ايڙهي ڳاله ناهي ته اسان وٽ ڪا سنسٿا يا پليٽفارم ناهي پر اسان جي قيادت توڙي سوچ ئي ڪجه ايئن آهي جي اسان جا اڳوانن پيٽ پرست ٿوڙي معڪا پرست ٿي ئي  رهجي ويا.

رواجي هندو سنڌي ڀلي سنڌ کي کسجڻ جو ماتم اڄ به پنهنجي دل سانڊي ڇون نه رکي پر جيستائن سنڌي قيادت جو ڪيال غلطيون جي ڳاله آهي ته هو اڄ منهنجي ماضي ۾ ڪيل غلطيون کان سبڪ سکڻ لاءِ اصل ئي تيار ناهي. اهو هڪ وڏو سبب هو ته جڏهن 1971 ۾ هندوستان جي سينا ٿر تي به ڪبجو ڪري وٺڻ جي باوجود اسين مان ڪنهن ان ڳاله تي هل ڪون ڪيو ته سنڌ جو اهو ڀانڱو هندو سنڌين کي ڏنو وڃي.!!!!  

پڇاڙيءَ جي سوا سوءُ سالن جي ڪيادت ان ڳاله به شاهد آهي ته اسين اڄ به اتي ئي فاٿل آهيون جٿي انگريزن جي ڏنهن ۾ هئاسين. نه مکتيف پارٽيون جو وهنوار مٽيو آهي ۽ نه ئي سنڌين پنهنجو ڪردار مٽڻ جي ڪا اميد ئي ڏيکاري آهي. پنهنجي قوم کان اڳ پنهنجي نجي فائيدا اڄ به اسان اسان تي اوترا ئي هاوي رهدا آهن جيترا سنڌ ۾ هوندو هئا. اسان جا اڳوان رڳو تڪيون هٿ ڪرڻ ۾ ئي پورا هوندا آهن، ٺيڪ ان ريت جيئن سنڌ جا هندو اڳوان ڪن. وري اسان جو وهنوار به ايرو رواجي ٿي پيو آهي جي سڀن کي خبر هوندي آهي ته سنڌي هندستان ۾ ڪنهن کي ووٽ ڏيندا . فرڪ رڳو ايترو ئي رهيو آهي ته اڳ اسين ڪانگريس جا پوئيلڳ هوندا هئا سين هاڻي بي جي پي جا.

رام جنم ڀومي واري مسئلي ۾ اسين پنهنجي ڪديوار اڳوان جي پُٺڀرائي ۾ ڪا به ڪسر ڪين ڇڏي پر ان جو موٽ ۾ سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن کان بيخبر رهياسين. سنڌ ۾ سون هندو مندرن کي ڊاهيو ويو. نياڻيون اڳوا ڪيو ويون، بلوچسٿان ۾ هندو جنداه ساڙيا ويا پر هندوسٿان جا سنڌي ماٺ رهيا. ايڙها ڳاله ناهي ته هت هندستان ۾ ڪنهنکي ان ڳاله جي خبر ڪين هئي. اڳوڻو پرڌار منتري شري اٽل بهاري واجپئي ته رڙيو ڪندي ان ڳاله کي رکيو سنڌ ۾ هندن سان ظلم پيو ٿئي  پر هڪ گليشئر ريت سُتل سنڌي قيادت اتي به اسان کي ڌوڪو ڏنو. ڪيتري عجيب ڳاله آهي ته جڏهن بنگالي ۽ تمل پنهنج پرڏيه ۾ رهندڙ ڀائرن لاءِ هائي گھوڙا ڪرڻ جي ڪا به ڪسر ڪون ڇڏن اسان پنهنجي ئي خون ئي ڌوڪو ڏيئڻ ۾ منٽ جي دير نه ڪيون !!!

سنڌين کي جيڪر هندستان ۾ پنهنجو وجود سوگھو ڪرڻو آهي، هڪ سنڌي ٿي رهڻو آهي ته پنهنجي قيادت کي مٽڻو پوندو. ساڻ ساڻ پنهنجي قيادت جي ذريئي پنهنجا اجينڊا به رکڻا پوندا. پنهنجي ڳاله هر سياسي تنظيم جي اڳيا رکڻو پوندي ۽ ووٽ بينڪ جي سياست سکڻي پوندي.

پر اهو سڀ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسين“ لوهاڻا (واڻيا) ئي رڳو سنڌي”  واري ڪوايت مان پنهنجي جند چُڏائينداسين ۽  ڏاٺي، ڪچڇي کي سنڌي ڪري ليکنداسين . هر ڀيل، ميگھوار ، ڪولي کي سنڌي ڪري ليکنداسين .  اسانجي وڌيل تعداد ئي اسان جي ووٽن جي آواز بڻبي .

سنڌ مان لڏندڙ هندو جيڪر ڪنهن ڏانهن آليون اکيون سان اميد ۾ آهن ته اهو هندستان آهي پر هندستان تڏهن جاڳيندو جڏهن هندستان جي سنڌي قيادت جاڳيندي نه ته اسان کي هڪ معڪا پرست، پيٽ پرست قوم ٿيئڻ جو لڪاب پائيڻ لاءِ تيار ٿيئڻو پوندو  جيڪا ڪنهن به قوم لان ڪنهن گار کان گھٽ ناهي ٿيندي آهي ….

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *