ڪجه اڳوڻيون ياديون

مان جيتوڻيڪ هيئنر گجرات جي ڪچڇ ضلعي ۾ ٿو رهان پر ڄايو ۽ نپيو اوله بنگال ۾ ئي آهيان۔ ڪلڪتو ئي اهو شهر آهي جتي آئون پڙهي لکي وڏو ٿيو اهيان ۽ اڄ جيڪو بە پنهنهجي سخصي حياتي ئَ ۾ حاصل ڪيو آهي اهو ان شهر ۾ رهڻ سبب ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي۔  جيڪر ڪو ورهاڱي کان اڳ جي ڪراچي ڏِٺي هجي تە يقنن ڪلڪتي ۾ ڪراچي جي ياد ضرور اندي۔ ٻنهن شهرنن ۾ چڱيون هڪجهيڙائي آهي۔ مصال تؤر هت پڻ انگريزن جي اچڻ کان پو ئِ هڪ نئين دؤر جي سروعات ٿي هئي۔ ڪلڪتي جو اڏائينڌڙ هڪ انگريز سر جوب چرنوڪ کي چڃيو ويو آهي۔ (جيتوڳيڪ ويجهڙائي ئَ ۾ هڪ ادالتي فيئسلي  ۾ ڪلڪتي جي هائي ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو آهي جنهنجي موجب اهو سابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي تە ڪلڪتو جو وجود انگريجن کان اڳ جو آهي)۔ ۱۹۴۷ کان اڳ جي ڪراچي واڱر هت اڄ  بە کوڙ قوميون رهن ٿيون۔ مصال تؤر جيئن گجراتي، پنجابي (سک)، سنڌي، ماڙواڙي، تميلـ، تيلگو، هنڌي ـ ارڌو ڳالهائندڙ مصلمان، اُتر پرديش ۽ بهار جا ماڻهون وغيرە۔ اهو ئي نە پر هت چِني ماڻهن جي هڪ وڏي تاعداد رهي ٿي۔ سندن ريسٽورينٽ توڙي جوتا جا هٽ هتي ڏاڍا مشهور آهن۔ سندن جي هڪ ڌار صوڃاڻپ آهي۔ پر اڄ جي ڪراچي جي اُڀتر هت ڪڏهن بە ڪو فصاد جي بابت ڪون ٻڌو ويو آهي۔اِئين تە جرمني ئَ جي برليِن بابت چيو وندو آهي تە اِتي وقط ڄڻ هڪ هند ٻهي رهندو آهي۔ ائون ڪڏهن برلن تە ويو ڪونها پر اهي سڄيون ڳالهيون ڪلڪتي ۾ ضرور ڏسڻ ۾ آيو آهن۔ ڪراچي ئَ واڱر هت بە انگريزن جي مهل جون چڱيون امارتون مؤجوڌ آهن ۽ گهڻوتڻو اهي الگريزن ۽ بنگالي هندن جي گڏيل ڪوششن سان وجود ۾ آيو هيون۔ جيئن مصال جي تؤر هيئر اسڪول ( ڊيوڊ هيئر ۽ راجا رام موهن رايە جي ڳڏيل ڪوششن سان)، هنڌو ڪاليج جنهنجو نالو بعد ۾ فيرائي پريصِڊينسي ڪاليج رکيو ويو ( هي ڪاليج ڊيوڊ هيئر، راڌاڪانتە ديوَ ۽ راجا رام موهن رايە جي ڳڏيل ڪوششن سان)۔ ڪهڙي نە اتڦاق جي ڳاله آهي جي اڄ پڻ انهن اسڪول توڙي ڪاليجن جي اهميت اوتري آهي جيتري ۱۹۴۷ کان اڳ هئي۔ ورهاڱي مهل جناح چڱيون ڪوششيون ڪيو هيون جئين هي شهر پاڪستان ۾ سامل ڪري سگهجي پر ڪامياب ڪون تي سگهو۔ وراهڱي مهل هت پڻ دڱا فساد ٿيا هئا خاص ڪري ۱۹۴۶ ۾ سايد هت هندن بنگالين کي ڪلڪتي جي هٿ مان کسجڻ جو ڊپ هوندو پر جئين بە هجي اها تە ڳاله پڪ آهي جي هت لڏپڻ ان وقط ٿي هئي جيڪا بنگلاديش جي وجود کان پو ئِ پڻ هلندي رهي۔ پر ڪراچي ئَ واڱر هت ڪڏهن بە هت وطن ڪارڊ جي ضرورت ڪون پئي۔       
 ننڊپڻ ۾ ائون سِٽي ڪاليج ۾ پڙائي ڪئي هئي۔ اڄ جڏهن مان انهن ڏنهن کي ياد ڪندو آهيان تە يقنن اهي منهنجي حياتي ئَ جا بيهتيرن ڏنهن مهصُص ٿيندا آهن ۽ سايد هميشاە ٿيندا رهندا۔ اهي ڪاليج جون يادون هميساە مون سان رهندون۔ تِن ڏنهن ۾ ڏهين درجي کان پو ئِ ڪاليجن ۾ داکلو وٽي سگهبو هو۔ پر هينئر ڀلي ٻە ورهە ترسڻو پوي ٿو۔ موکي ياد آهي تن ڏنهن ۾ ئي مون سنڌي لکڻ سکي هئي۔ ساهتە يا ادب يا کڻي چيو سنڌي ٻولي ئَ ڏانهن سِڪ بە تن ڏنهن ۾ ئي اڀري۔گهر ۾ جڏهن بە سنڏي لکڻ پڙهڻ جي ڳاله اڀرنڌي هئي تە وڏو ڀائُ رهٽان ڪڏندو هو تە اڳواٽ پنهنجي پڙهائي ئَ تي ڌيان ڏي تو ئِ سنڌي سکي وٺجائين۔ موکي ياد آهي تە تن ڏنهن ۾ ڪتابي ميلو فورٽ ويليم جي مئدان ۾ لگندو هو۔ انهن ميلن ۾ جدا جدا ملقن مان سڄو سڄو ڏنهن اتي پيو هونڌو هوسِ ۔ ڏنهن جو ۲ لڳي کن راتِ جو ۸ لڳي تائين۔ مطلب جيستائين موکي ٻاهر نە ڪڏهن مان هڪ هٽ کان ٻي هٽ تائين فرندو رهان۔ گهڻو تڻو اڳواٺ مان ساهتيە اڪادمي جي اسٽال تي ئي ويڃدوهوس ڇا ڪاڻِ تە سنڌي ڪتاب فقط انهن وٽ ئي ملنڌا هئا۔ هڪ ڀيري ڪراچي ئَ مان آيل هڪ مهاجر پڻ مليو هو جنهن کان هڪ انگريزي ڪتاب (همِداه خورو جو سنڌ جو بمبئي ئَ کان ڌار بابت هو) ۽ ٻيو سنڌي (ٻٽٽن لفظن بابت هو) ورتو هو۔  هو وائيڙو  پئي ٿيو منهنجي سنڌي ئَ (عربي سنڌي) تي۔ سايد محاجرن کي اڃا تائين سنڌين کي سڃاڻڻ ۾ وقط لگندو۔ انهن ڏنهن ۾ منهنجي ڏاڊي کوايش هونڌي هئي تە مان بە هڪ پروفيسر ٿيان پر ڪِصمت سايد ساٿ ڪون ڏنو۔ هيئنر وري هڪ ميڊڪل ڪاليج ئَ ۾ ڪم ڪرڻ جو مؤڪو ملو آهي ۽ اهو بە ڪچڇ ۾ جتي رهڻ جي ننڊي جوندي جي خوائيش هئي۔ سائين ئَ ڏنو آهي تە هائُن کولي ڏنو آهي۔
اڄ لڳ ڀڳ ٻن ورهين کان گانڌِڌام ۾ رهان ٿو پيو پر جنهن ماهول ئَ جي اميد ڪئي هئم اها ڪون ملي۔جيتوڻيڪ سائين پرڀوداس تولاڻي جا ڪاليج آهن۔ هڪ ٻە نە پر سڄو ڪيمپس اڏايو اٿئين پر سنڌي ٻولي لڳ ڀڳ  عائب آهي۔ اهو مهصوص ئي نە ٿيندو آهي تە هي ڪاليج ئَ ڪنهن سنڌي ئَ جا اڏايل آهن۔ سايد هينئر اسين هندو سندي اهي ڪون رهياسين جيڪي جيڪي وِه يا ٽِه ورهيە اڳ هياسين۔ هت سنڌي ئَ جو واهپو بە تمام گهٽ آهي۔ ڪچڇن ۾ پڻ ساڳي حالت آهي، ڄڻ ٻنهن ۾ ڪا رِس لگي هجي تە ڪير ڪيتري تڪڙ ۾ پنهنجي ٻولي ئَ کي وساري سگهي ٿو۔   
پر انهي سڀ کان پو ئِ بە سنڌييت جي جدوجهد اڳتي وڌڻي کپي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔   

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *