Blog | ब्लाग | بلاگ

وجود جي لڙائي ۾ فاٿل سنڌ جي هندو برادي






لڏپڻ سنڌي هندن لاءِ ڪا نئين ڳاله ناهي. اها هجارن سالن کان پئي هلندي اچي. عربن جي ڪاه بعد سنڌين جي جام لڏپڻ ٿي اها هڪ راريخي حقيقت آهي. پر ساڻ ساڻ اها به هڪ سچائي آهي ته ان لڏپڻ جي هڪ وڏو سبب ذوري ڌرم مٽائڻ جون وارداتيون ئي رهيو. ان جو هڪ وڏو سبوت اهو به آهي ته عربن جي ڪاه بعد جيڪي به سنڌين  سنڌ ۾ پنهنجون ساهبيون ڪائم ڪئون سي سڀ  اسلام ڌرم ڪبول ڪندڙ هندو سنڌي ئي  هئا. اهو ئي نه پر سنڌوپتي مهاراجا ڏاهر جي پٽ لاءِ به اهو چيو ويندو آهي ته کيس به اسلام ڌرم قبول ڪيو هو يا ٿي ٿو سگھي ته کيس ڌرم مٽائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويوهو. سنڌ ۾  ڌرم مٽائڻ جا واڪعيا عربن کان پوءِ سانده هلندا پئي آيا آهن  پر ها ڳاله ضرور آهي ته وقط سان اهي وارداتيون ڪڏهن گھٽيوون آهن ته ڪڏهن وڌيون آهن. پر ڪڏهن اڳو پوءِ نبريون ناهن.



سنڌ ۾ هندن مان جيڪي مسلمان ٿيا تن مان ڪي پاڻ کي شيخ پئي ڪوٺائندا هئا. هو ڀلي مسلمان ٿيا پر سنڌ ۾ پنهنجي تعداد هندن سان سڱ ڪرڻ سبب ئي وڌائيندا هئا ، اهي سڱ لاجمي طور  هندو جي نياڻيون کي ڀجائي ئي ڪيا ويندا هئا. سنڌي ليکڪا دادي پوپٽي هيراننداڻي موجب ان شيخن مان واري ڪي هندو ٿيئڻ پئي چاهيو پر هندو پنچاتيون ايئن ٿيئڻ ڪون پئي  ڏنو. ان ڳاله ۾ ڪيتري سچائي آهي سو چوڻ ڏکيو ڇو ته 1927 ۾ ايڙهو هڪ واڪعو ٿي گذريو هو جنهن ۾ ڪريما نالي هڪ ضائيان پنهنجي چار ٻارن سوڌي هندو ڌرم قبول ڪيو جيڪو ڪورٽ پڻ مڃي ورتو هو پر مسلمانن کي ڪون پڻيو سو هنن جام فساد ڪيا لاڙڪاڻي ۾ جتي اهو واڪعو ٿي گجريو هو. ان ۾ خوري جو به نالو آيو هو جيڪو پوءَ وڃي سنڌ جو وڏو وزير پڻ ٿيو. تن ڏنهن ۾ هندن توڙي شيخن ۾ ايتري ايتري سکت وير هوندو هو جي هندون ۾ هڪ چوڻي ئي هوندي هئي ته “شيخ پٽ سيتان جو ، نه هندن جو نه مسلمانن جو”.



سنڌ ۾ فرڪاپرستيءَ جي ماهول کلافت جي جاکڙي سبب وڌيون. کلافت جي جاکڙي جي سڀن نه ته جام اڳواڻ جو هٿ هندن سان ٿيندڙ ظلمن ۾ رهيو آهي.مثلن مولانا تيج مهمد جنهن لاءِ اها ڳاله ۾شهور هو ته هن سنڌ جي ڳوٺڻ ۾ 7000 هندن جو ڌرم مٺائي مسلمان ڪيو هو. سنڌ  ۾ کلافت تهريخ ڪي اهم اڳواڻ پيدا ڪيا جيڪر اڳتي هلي سيڌين ۾ فرڪ ايترا ته وڌائي چڏيا جنهن سبب اڄ به سنڌي ڪوم ۾ ايڪو ڄڻ ڪو خواب لڳندو آهي. تيج مهمد کان سواءِ ٻيا هئا جي ايم سيد جنهن نه رڳو سنڌ ۾ نه رڳومسلم ليڳ کي   زبردست ذور وٺايو پر هندستان مان لڏي ايل اُردو، هندي ۽ گجراتي مسلمانن کي سنڌ ۾ وسائڻ ۾ وڏو ڪردار نڀايو، جنهن سبب آکرڪان هندن کي اوچانگيون ڏيندي به سنڌ کي الودا ڪرڻي پئي. هن هڪ ايڙو مثال ڪايم ڪيو جنهن جي سبب اڄ به سنڌ سلڪجي ٿو پيو. کلافت جي جاکڙي جو ٻيو اڳواڻ هوندو هو کرو جنهن کي هندو 1927 جي لاڙڪاڻي فسادن لاءِ ڏوهي مڃندا هئا. مشهور سنڌي ليکڪ ۽ سنڌي نثر جو هڪ ٿنبو جٿيمل مرشرام صحيح ئي چوندو هو ته کلافت آهي آفت.



جيتوڻيڪ کلافت جي ڏنهن ۾ هندو مسلم فرڪ وڌڻ لڳا هئا ته اهو منجل مسجد گاه جو مسئلو ئي هو جنهن سبب هندن جي لڏپڻ جي شروعات ٿي. جيڪي فرڪ هندو توڙي مسلمانن ۾ مسجد منزل گاه واري فسادن وڌيا سي وري گھٽيا ئي ڪين. ڪيتري اجيب جي ڳاله آهي ته هندن به ان مسئلي کي هينئر وساري ڇڏو آهي جنهن سنڌ ۾ هندن جي تقدير ئي مٽي ڇڏي!!!!! مان سايد ئي ڪٿي پڙهو هو ويجھڙائيءَ ۾ ان مسئلي بابت . ان مسئلي سبب سنڌي هندن توڙي مسلمانن ۾ پهرين ڀيڙي صاف چٽا فساد ٿيا جن بابت چيو ويندو آهي 17 مسلمان ۽ 40 هندو مارجي ويا (ڪن جو مڃڻ آهي ته هندن جي مارجي ويلن جي ڳڻپ 60 جي لڳ ڀڳ هئي) ان کان سواءِ ڪروڙن جو نڪسان ٿيو سو ڌار. ان واردات بعد جيتوڻيڪ امن موٽي آيو پر ان فسادن جو پراڏو وڏو توفان کڻي آيو سنڌ جي سياست ۾ . جيڪي به ڪوششيون ٿيو ايڪي جون سو پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي شڪ سبب ڪڏهن ڪامياب ڪون ٿيون. جيتوڻِڪ  هي پهرون وڏا  فساد هئا  پر ان کان به وڏي ڳاله ته سنڌ جا مسلم ليڳ اڳواڻ جي ايم سيد، مهمد ساشدي ۽ خورو مسلم ليڳ کي سنڌ ۾ وڏي پارٽي جي روپ ۾ اڀارڻ ۾ قابياب ٿي ويا . اهو ئي نه پر مسلم ليڳ توڙي سنڌ ۾ ليڳ جا اڳوان  الاه بخش سومري کي هو هندن جو همايتي ڪري پيش ڪرڻ ۾ قامياب ٿي ويا. سندن جي سياست ئي ڪجه ايڙهي هئي سنڌ ڪن سالن ۾ صوفي کان امالڪ اسلامي سنڌ ٿي ويو. جي ايم سيد جو تڪريرريون ئي ايئن هونديون ه.ئون ڄڻ سنڌ ۾ مسلمانن  به ياتنائون پئي ڌنو وڃن جڏهن ته مسامانن جي آبادي سنڌ ۾ هندن جي ابادي کان چار ڳڻا هئي. ،منزل مسجد گاه جا ٻه ڻيا  وڏا شڪار هئا جن جي ڪتل سبب هندن ۾ هراس ۽ مايوسي چائنجي وئي  ان ۾ هڪ هو ڀڳت ڪنور رام ۽ ٻيو هو الاه بخش سومرو. اڄ به انهن ماڻهون جي ڪمي ناهي جنهنجي ليکي جيڪر الاه بخش حيات هجي ها ته هو پاڪستان جو ٺهيائو ڪڏهن ببه پاس نه ٿيئڻ ڏي ها.



ورهاڱي کان سڪدم پوءِ امالڪ فساد سروع ٿيا. هندستان ۾ لڏي آيل مهاجرن موجب “اسان سڀ لٽائي آهيا آهيون ، سو هندن جي لوٽڻ اسان جو هڪ آهي” ۽ انهن جي مدد ڪئي سنڌ جا مسلم ليڳ اڳواڻ جي  ايم سيد . سندن کي وسائڻ ۾ هن وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي هر شهر ۾ فساد ڪرايا ويا جتي هندن جو ملڪتيون هئون ۽ ڏسندي ڏسندي مس جيڙهي پنج سالن ۾ سنڌ مان هندو خاص ڪري شهرن مان موڪلائي ويا. پر ان جي باوجود سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڃا به جام سنڌي هندو رهيل هئا.  پر جيئن جيئن حالتيون سنڌ ۾ فرنديون رهيون سنڌ ۾ هندو جي لڏپڻ  به ٿيندي رهي . جيتوڻيڪ هيئر سنڌ ۾ چوڻ لاءِ ته جموريت آهي پر ان جي باوجود امالڪ لڏپڻ ذور تي آهي. ان جا سبب به ڪي ڳولهڻ ڏکيا ناهن.  هڪ پاسي جتي لوٽمار، اڳوا ۽ ڪتلن جا واڪعا جام وڌيا آهن    رواجي هندو تي پر  دليت سنڌين کي به جام ياتنائون پئيون ڏنو وڃن. جيئن سنڌ جي مٺي شهر (ضلعو ٿر پرڪار) مان لڏي آيل ۽ ڀوڄ ۾ وسيال هڪڙي هندو سنڌي چيو “سائين ڪمائي سنڌ ۾ آهي . هيئر پاڻي به سنڌو جي اچي پيو پر ڪانون ۽ انتظامي حالت ايتري ته خراب آهي جي سنڌ جي ننڊن ننڊن شهرن ۾ اها پڪ نٿا ڪري سگھو جي شام جي ڪم ڪار نمبري اوها سوگھو گھر پڄي سگھندس يا نه . اوهان اها پڪ نٿا ڪري سگھو جي اوهن کي اغوا نه ڪيو ويندو ۽ ڪتل نه ڪيو ويندو . ايڙهيون حالتيون 1947 کان اڳ ڪون هئيون”.

هندو برادي ايتجاج ڪندي


جيڪر ظلمن جي ڳاله ڪجي ته جيڪر ڪنهن قوم ظلم سهن پيا سي آهن سنڌي دليت. سندن کي بنڌوا مجدور ڪري رکڻ، نياڻيون جو اغوا، اڳوان ڪرڻ بعد ذوري اسلام درم قبول ڪرائڻ، لڄ لٽ ۽ ٻيون ياتنائون بي روڪ ٽوڪ هلن پيون. اهو ئي نه ڪٿي ڪٿي ته دليت هندو وڌوائون کي به نٿو نخشو وڃي. ان ڳاله ۾ ڪو نه شڪ ناهي ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جيڪر ڪنهن قوم وڌ ۾ وڌ ڏک سٺيا آهن سو آهي دليت قوم. اهو سڀ ان لاءِ جي دليت مان لڏپڻ نه جي برابر ٿي. پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ شري امرلعل موٽومل موجب “هر مهني 20 کان 25 دليت سنڌي نياڻيون اغوا پيو ڪيون وڃن. دراصل سنڌ جي ڳوٺن ۾ هڪ هندو ٿيئڻ ڏوه پئي مڃيو ويندو آهي”. موٽومل جي وڌيڪ چوڻ آهي ته“ جيڪر هندو پنهنجي اولاد کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هل به ڪن ٿا ته ان جو جواب ۾ سندن اولاد کي ڪتل تائين ٿو ڪيو وڃي. حقيقت ۾ جيڪي هندو دليتن بابت آڪڙا تمام گھٽ آهن ڇا ڪاڻ ته وارداتن کان پوءِ اڙها جام واڪعا پڌرا نه ٿيندا ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي اڳوا ٿيکل اولاد جي موت جو ڊپ ته بي پاسي اي آئي آر درج نه ڪرائڻ بعد تنگ ٿيئڻ جو ڊپ”



سنڌ ۾ قومي اسلمبلي جو اڳوڻو ميمبر سري ڀيرومل بيلاڻي موجب هندو دليتن جي ڪن خاص جاتيون کي نشانو ٿو ٺاهيو وڃي. انهن جي  نيانيڻ کي اغوا ڪرڻ بعد انهن کي مسلمان ڪوم ۾ ذبرن شامل ٿو ڪيو وڃي ۽ ايئن به ڏٺو ويو آهي ڪن نياڻيون کي ته وڪيو ويو آهي. ان ڪمن ۾ نه رڳو مولوي سامل آهن پر پر سنڌ جا سگھيري سياستدان جي شاءِ پڻ آهي ” هڪ لڱي ڏسجي ان اهي وارداتيون پڃاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ تمام گھڻيون وڌيون آهن. نگرپرڪار ۾ هڪ سترين سالن جي نينگر کي اڳواٽ اغوا ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس لڄ لٽي وئي ۽ هڪ ٻئي نينگھر جنهنجي ڄمار 15 سال هئي تنهن کي عاقل ڳوٺ مان اغوا ڪري مسلمان ڌرم ذوري قبول ڪرايو ويو. وري ساڳي ڪار هولي جي ڏڻ ۾ ڪشني ۽ انيتا سان ٿي جنهنکي ڪوٽريءَ مان اغوا ڪيو ويو.



هندستان جي ميڊيا پارا سنڌ جي حالتيون بابت ڪا به خاص دلچسپي نه هوندي آهي ڀلي اها هندي، انگريزي يا سنڌي ميڊيا هجي. پر ان جي باوجود هڪ ميڊيا گھراڻو آئولوڪ ٿوڙو گھڻي ڪوشش ڪئي آهي ان بابت ڄاڻڻ جي خاص ورهاڱي بعد امالڪ فريل حالتيون بابت ۽ وڏي ڳاله ته آئوٽلوڪ دليتن بابت ڇنڊو ڇاڻ ڪئي آهي جنهن به سنڌ ۾ ميڊيا ڪا دلچسپي نه رکندي آهي. جنوري 16، 2006 ۾ آئوٽلوڪ پارا هڪ ليک شايع ٿيو هو جنهن ۾ مرينا ممر پارال هڪ ليک هو “سنڌ جون لمائل ڪواريون” جي نالي سان. ان رپورٽ جا ڪي حصا هت پيش ڪجن ٿا



مان اندروني سنڌ پئي وڃا خاص طور سان ان ڳاله جي پڪ ڪرڻ لاءِ ته اتي واڪعي هندن تي ظلم پيو ٿئي مثلن جيئن ذوري مسلمان دين ڌرم قبول ڪرائڻ جو وارداتيون. منهنجو پهرون پڙاءُ هو ميرپور خاص جي  ضعلا ڪچهري. ان ڏنهن ايڙهي ئي هڪ ڪيس  جي پيشي هئي جنهن لاءِ ائون سنڌ آئي هيس. ماڻهن سان ڳالهائندي مسئلي جي پوري پڪ ڪون ٿي. جيترا ماڻهو اوتر ا بيان. پر امالڪ  تنهن مهل ئي ماڻهن ۾ ڪجه چرپر پئي نظر آئي. هڪ پليس جو ڳاڊو اچي  بيٺو. اندر هئي ماريم. مريم مس جيڙهي 13 سالن جي هئي پر پرڻيل هئي. مريم 21 ڊسمبر 2005 جي رات تائين هندو هئي. تڏهن سندس نالو هوس ماشُو. آئون مردن جي ميڙي ۾ گھري ڏٺو ته ماشوُ هڪ ڳاڳڙي برڪعي ۾ پُليس جي ڳاڊي ۾ ويٺي هئي. ماشوُ پنهنجو احوال ٻڌائيدي چيو “آئون خوش آهيان. مان پنهنجي  مائيٽن توڙي ڀائورن وٽ نٿي وڃڻ چاهيا” اهي سڀ ٻڌي ائون وائيڙي ٿي پيس ….اهو وري  ڪيئن ؟ آکر هي ماذرو ڇا آهي ……


انهي ڪچهري جي هڪ پاسي هڪ پيپل جي وڻ هيٺ ڪن ماڻهون جي منجھ سس پس پئي هلي. اتي ماڻهن جو ڪجه ميڙيڪو هو جيڪي چيا ويا ته جھالور ڳوٺ مان ايا هئا جيڪو ڪِ ميرپور خاص جي شهر  کان 20 ڪوه پري پيو ٻڌايو وڃي. انهن ماڻهون ۾ هڪڙو هو ماشُءَ جو پڻش مالو سانافو. سندس چوڻ هو ته  22 دسمبر 2005 جي رات جو 11 لڳي ڪي هٿيار بند سندس گھر ۾ گھري آيا جن مان هڪڙو هو سندس پاڙيسي اخبر. اهي هٿياربنڌ ماشُءَ کي اڳوا ڪري ٻاهر بيٺل هڪ ڳاڍي ۾ ويهاري اغوا ڪري گِهلي ويا. ماشُ کي هنن پير ايوب جان سرهندي جي ڳوٺ ۾ گني ويا جتي ماشُءَ کي اسلام ڪبول ڪرايو ويو ان بعد اخبر ساڻ پرڻايو پيو.

ماشُ ادالت ۾
م

پر ان ڳاله جي مخاتليف ڪندي اخبر پنهنجي بيان ۾ چيو ته “ مريم هميشاه ئي منهنجي دل ۾ رسيل هئي. 22 ڊسمبر جو هوءَ هيڪلي منهنجي گھر آئي. ها اها ڳاله درست آهي ته پير سندس ڌرم مٺايو پر اها منهنجي رايه   هئي ته ڪورٽ ۾ ٻيان ڏجي . مرييم کي هيدرآباد جي“ درُل عامن” ۾ موڪلي ويو هو ( اها اُها جاءِ آهي جتي اڳوا ڪيو هندو نينگرين کي رکيو ويندو آهي جنهن لاءِ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ان بيسرارُن کان جبرن ٻيان لکايا واندا آهن  ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪتل جي به ڌمڪيون ڏني ويندو آهن .


هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اهو مڃي ٿو سگھجي ته 13 سالن جي نينگھر  پنهنجو دين ڌرم مٺائي پرجڻ جي حد تائين ويندي. ان تي شڪ ڪنهنکي به ايندو. مان ايس ايچ او وٽ وڃي بيٺس جيڪو ٻنهن گُٺن جي وچ ۾ جيڙي ۾ فاتل هو. ڪنهن سلاه پئي ڏنس ته ڇون نه ڇوڪريءَ کي مائيٽن سان ڳڏيو پيو  وڃي ؟ ان تي ايس اسڇ او ڪاوڙجي پيو. چيئين “ ڌرم  مٽڻ کان اڳ پر هاڻي  اصل ئي نه. مريم هيئر مسلمان آهي. هت جام ماڻهو اڇي مڙيا آهن جيڪر ماريم پنهنجي پڻس جي ڏسي اوڇانگيون ڏئي روئڻ لڳي ته فساد تي پوندو. وڏو ڳوڙ ٿو تي سگھي”.


پر ٿوڙي دير ۾ امالڪ ڪورٽ جي پريسر ۾ خوشيون پيو مڃائڻ لڳيون. احوال ڏنو ويو ته ڪورٽ جال مڙس کي ڳڏ رهڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. منهنجي ڳڏ ڪانجي راڻو ڀيل بيٺو جيڪو تعليم سان ڳنڊيل هڪ اين جي او ۾ ڪم پئي ڪيو ، پاڪستان جي انساني حڪن جي تنظيم سان ڳنڊيل آهي ، ڪيس جي فيسلي سان سندس مهاندري ميوسي صاف جھلڪي پئي.


ته ڇا پوءِ ماشُءَ کي اغوا ڪري ذبرن سندس ڌرم مٺايو ويو ؟ ميرپور خاص مان سنڌي مکتليف الاڪن مان گزريندي مونکي هر هر ڪري اهي سوال ستائيڻ لڳو. اهو ئي نه جتي به مان ويس اتي هندن ۾ ساڳي مايوسي ، ساڳيا منظر ، ساڳيون ڪهاڻيون مثلن پهرون اغوا، پوءِ ڌرم مٽجڻ، واهاءُ ۽ مائيٽن سان هميشاه لاءِ وڇرڻ ڄڻ اهي رستا ناتان جو ڪو به مطلب ئي ناهي.  جنوري 2005 جو ماروي (18) ۽ هيمي (16) ڳوٺ       ڪنرا ، عمرڪوٽ مان اغوا ڪيون ويون. ان واردات جي ٽن مهنن بعد رججي مارچ 13 ميرپور خاص مان اغوا ڪئي وئي.


سنڌي دليت اغوا ٿيل نياڻيون جون تسوير ڏيکاريندي



ڪانجھي ڀيل جو ڇوڻ هو ته “مس جيڙها 10 سيڪڙو  ئي وارداتيون هنديون آهن  جنهن به غشق جا ڪو ڪردار هوندو آهي. ” جڏهن ميرپور خاص جي ڊي آئي جي سان ان ڳاله بابت پڇو ته هو ڪاوڙجي چيو “جيڪر ضرورت پئي ته مان اوهان کي آڪڙا پيش ڪندس. ٿوڙائي واريون ته پاڪستانن ۾ سڀن کان مهفوز آهن”


پاڪستان جي انساني حڪن جي تنظيم جو به اهو ئي مڃڻ آهي جيڪي آئون سنڌ ۾ ڏٺو. نجھاهت سرين جيڪو لاهور ۾ هڪ اين جي او ۾ پيو ڪم ڪري تنهن جو مڃڻ آهي ته ڇوڪريون جڏهن ڪورٽن ۾ پيش ٿيون ڪجن ته جهادي تنظميون ايڙهو ٿيو هل ڪن مثلن ڌارمڪ نارا هرڻ، ڳلن جي برسات ڪرڻ، کوڙ ماڻيو ڳڏ ڪري اغوا ڪندڙ کي هڪ هيرو جي سڪل ڏئارڻ جنهن سبب ڇوڪرين تي ايترو مانسڪ اسر ٿو پئي جي هو منجھي ٿيو پون ۽ ڪڇي ڪين ٿيون سگھن. وري هندو سماج ۾ ڪُئارپ جا سکت سماجڪ رويئتون سبب ٻهر  نه پڻجي سگجڻ جو  ڊپ ان اغوا ٿيندڙن کي  ماٺ رهڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري ان اميد سان ته شال ان مان به متان ڪجه سٺو ٿئي.


ڪانجهي جو چوڻ هو ته پنج سالن ۾ رڳو پنجاه ايڙها واڪعين جي پڌرائي ان مثئلي جي  حقيقت پيش نٿي ڪري. ڪشن ڀيل جو ڪي پاڪستان جي قومي اسلمبي جو ميمبر آهي چيو  ته اهي ظلم هيئر جام ٿين پيا. سندس اهو به ڇوڻ هو ته جيڪر  عشق کي هيڪلو سبب آهي ته اهي ڇوڪرا جن سان هندو نياڻيون کي پڻجايون پيو وڃي سي ڇون نٿا پنهنجو دين ڌرم مٺائين؟؟؟. هن هڪ پوٺيان ٻيو ايڙهن جام ڪيسن جو ذڪر ڪيو سنڌي دليتن تي ٿيندڙ  جي سچائي هئي. سندس چيو هڪ ايڙهي واردات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ هندون ايتجاج ڪيا. لڳ ڀڳ 70000 ڳڏ ٿيا هئا. اها واڪعيو 1980 جي ڏهاڪي جو هو پر پُليس انهن تي فائيرڱ ڪئي جنهن ۾ ڪي وري مارجي ويا. جنهن جي لاءِ هندن ايتجاج ڪيو هندو نينگر“ سيتا” سا اڄ تائين پنهنجي مائيٽن وٽ موٽي ڪين آئي. اهو سڀ بيان ڪندي ڪشن ڀيل جو اڳيون ڀرجي آيون. سيتا جسٽيس دوراب پٽيل کي اڳيان چيو هو ته کيس اغوا ڪرڻ بعد ذبرن اسلام قبول ڪرايو  ويو آهي. ڪشن موجب هندو هيئنر  ايتجاج ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن. پر ان جي جاءِ تي انساني حڪن جي تنظميو توڙي ميڊيا جي مارفت پنهنجي ڪيسن کي پڌرو ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي سياڻپ سمجھندا آهن.


اسلام ڌرم اختيار ڪندڙ سنڌي دليت




بابر جن واڪعين  جو ذڪر پئي ڪيو  سي رڳو ميرپور خاص تائين مهدود ناهن. ڪشمور  کان ڪراچي  تائين پيا ڏسڻ ۾ اچن. جنهن ڏنهن ماريم جي ڪيس ۾ جج فيسئلو پئي ٻڌايون تنهن ڏنهن پاڪستان جي چيف جسٽيس افتقار مهمد چوڌري ، ڪوٽري ۾ هڪ ساڳي ڪيس ۾ پئي رايو ڏنو . سندس ڇوڻ هو ته جيڪر نينگھر جي ڄمار 13 سالن کان گھٽ آهي ته سندس اڳوا ڪندڙ تي لڄ لٽ جو ڪيس ٿو هلي سگھي. (اسلام ۾ 13 سالن تائين ڇوڪرين کي ناٻالق ليکيو ويندو آهي.) مطلب هو به اغواڪرڻ جو ظلم نه پئي سمجھو. چيف جسٽيس وٽ هندن جا اغوا توڙي لڄ لٽ جا جام ڪيسءَ آيا آهن پر اڙهو ڪو ڪيسن بابت ٻوبو ڪون ويو آهي جنهن به پاڪستان جي ٿوڙائي واري قومن کي ڪا دلجاءِ ملي.( ها پر نواز شريف جي حڪومت تائين واٽ صاف ڪرڻ  جو ڪم هو پوري امانداري سان پيو ڪري.)


مٿي ڄاڻايل وچوڙن مان جيڪر اهو لڳي ته ظلم رڳو دليت هندن تي پيا ٿين ته اها وڏي غلطي ٿيندي. جيتوڻيڪ رواجي هندن تي دليتن وارا ظلم نه پئي ٿيا پر اڙهي به ڳاله ناهي جي سندس کي بکشو ويو هجي. ويجھڙائيءَ ۾ ڪي اڙها واڪعيا ٿي گزريا آهن جنهن کي سنڌي ميڊيا ڪو گھڻو تول ڪون ڏنو هجي پر پاڪستان جي انگريزي ميڊيا جام ڪوريج ڏنو آهي . سنڌ جي هندو برادري جي جيڪر ڳاله مڃيجي ته ايڙها واڪعيا سنڌ ۾ جام پيا ٿين . پڇاڙيءِ جي ٻن سالن ۾ اهو چيو ٿو وڃي جي 300 اڙها واڪعا ٿيا آهن جنهن ۾ هندو برادري کي نشانو ٺاهيو ويو آهي. انهن  واڪعي مان هڪڙو آهي پڃي عاقل جو ۽ ٻيو آهي شڪارپور جو چڪ.

چڪ ۾ هندو برادري سان بشير خان قريشي



پڃي عاقل جو واڪعيو هڪ اسڪول ۾ هڪ هندو پٽوالي پارار ڪلهڙي جاتي جي هڪ نياڻي جي لڄ لٽ جي ڪوشش جو هو. اجيب جي ڳاله ته اها آهي جي ڪلهاڙي جاتي جي جنهن هندن تي ڪاه ٿي ان ماڻهون جو ان واردات سان ڪا به واٽ ڪون هئي. ڪلهڙي جاتي جا ماڻهون جنهن ان واڪعي جي نسبت ايتجاج ڪيا ته پليس نه رڳو پٽوالي تي ايف آئي آر درج ڪئي پر ان اسڪول جي هيڊ ماستر تي به. ڪيتري نه اجيب ڳاله آهي جي دليت هندن تي ٿيندڙ ان کان سنگين ظلمن به ڪا به آيف آئي آر تائين درج نه ٿيندي آهي. وري آٺتائهين ڪلاڪن اندر ئي ان هندو پٽوالي جي گرافتار ڪيو ويو پر ان جي باوجود هندن کي سبڪ سکائڻ جو جمعو کيون ويو، جيڪي ظلم مهاجرن ڪن سنڌين تي ان تي نه ڄاڻ ڇو انهن جيڙهن ماڻهون  جو ذمير ڪون ڄاڳيندو آهي. اهو ئي هندو پنچائت اهو به ايلان ڪيو ته ان پٽوالي کي هندو برادري پاران ڪا به ڪانون مدد نه ڏني ويندي. اڙهي ڪوشش جيڪر سنڌ جي مسلم برادري ڪري ته سايد هندو پرادري سان ٿيندڙ جام ظلم ۾ ڪمي اچي. (وڌيڪ وچوڙن لاِ مڙهو منهنجو بلاگ “هندو سنڌي آخر آهن ڪٿون جا ”)
چڪ واڪعيو پنهنجي پاڻ ۾ ڪنهن کي به وائيڙو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. جيتوڻيڪ ان واڪعي جي نسبت ڪي افواهئون جام هليون پر حقيقت ڪجه هن ريت آهي. …..



شروعات احوال موجب اها افواه ونڊائي وئي ته ڏئاريءَ جي ڏنهن هڪ هندو ڇوڪري هڪ ڀايئي جات جي هڪ مسلمان ڇوڪري جي لڄ لٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. لاذامي اهي هندن تي ڪاهي اچڻ جو ڪو به معڪيو افواه فيلائينڙ نه پئي وڃيئڻ چاهيو. پر جڏهن حقيقت پڌري ٿي ته ڳاله بلڪل ڌار نڪتي. واڪعي جي شرورئات ڏئاري جي ڏنهن ٿي جڏهن ڀايئي جات جي هڪ نينگر پنهنجي هڪ جاتل سڃاتل هندو ڇوڪري جي گھر وئي . اتفاق سان ڪنهن ماڻهو ان ٻنهن کي اوتاق ۾ پئي ڏٺو. آحوال موجب ڇوڪري جي مائيٽڪ ڇوڪري کي ڪُٽيو ۽ ان ڀايئي جات جي ڇوڪريءَ کي سندس گھر موڪلي ويو. اها ڳاله جڏهن ڀايئي جات جي نينگھر جي مائيٽي جي ڪنن تي پهُتي ته سندس اڳيون ڳاڏيون ٿي پيون. سندس ڪاوڙ هاٿيون وڌي وئي ڇو ته ڇوڪرو هندو هو. چيو ٿو وڃي ته انهن ڏنهن کان چڪ ۾ ڀايئي جات ۽ جيهادي جمايتون هندن کي پئي هيسايو جنهن سبب هندن پليس کان مدد پڻ گھري هئي.



ايئن ته سنڌي مسلمانن ۾ خاص ڪري ننڊي ڳوٺن توڙي ننڊي شهرن ۾ هڪ روايت رهي آهي جنهن کي ڪارو ڪاري ٿو ڪوٺجي. ان رويت موجب آڻ پرڻيل ڇوڪري ڇوڪريءَ کي جيڪر هيڪلو ڏٺو وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪتل ڪيو ويندو آهي. گھڻو تڻو اهو ڏٺو ويو آهي ته حقيقت کان وڌيڪ شڪ جو سهارو ورتو ويندو آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته گھڻو تڻو پرڻيول توڙي اڻپرڻيول چوڪرين کي ان جو شڪار ٺاهيو ويندو آهي اهو به شڪ تي يا نه ته ڪنهن به ڪنهن منهن تي. هندستان ۾ جاٽ جاتيون (هرياڻا توري راجسٿان ۾ ) جون پنچايتون ۾ اهي ساڳيا واڪعيا جام ڏسبا آهن. انهن کي آنر  ڪلينگ جو به نالو ڏنو ويندو آهي. وري اهو به ڏٺو ويو آهي آنر ڪتل يا ڪاري کان وڌي ڏوه ڪاريِءَ جو ئي ڏٺو ويندو آهي ڪتل به ڪاري اڳواٽ ٿيندي آهي ساايد ننڌڪڻي جو ٿي . پر  چڪ ۾ اهو سڀ ڪجه ڪون ٿيو. هت اهو مسئلو سڌو هندو برادري  سهون ٺاڪگيٽ ڪرڻ جو هو.   



ڀايئي جات نيٺ اهو جواب عيد جي شام ڏنو. عيد جي شام جو ڪي هٿياربند حملو پئي ڪيو جن ۾ ٽي هندو ڊاڪٽرن سوُڌا چار هندو مارجي ويا. واڪعي جي چشم ديد غواه موجب ڳولي هڪڙي کي لڳي پر ڇو ته باڪي ڊڪيا پنهنجي ساٿي کي بچائڻ ۾ سو کين به ماريو ويو. مارجي ويلن جا نالا ڪجه هن ريت ٻڌايا ٿا وڃن. نريش ڪمار، اجيت ڪمار، اشوڪ ڪمار ۽ ستپال. نوٽ ڪرڻ جي ڳاله ته اها آهي جي ان واڪعي جي ٻن ڪالاڪن اڳ پوليس جيڪا هندن جي منٿ ڪرڻ کان پوءِ نالي جيتري بيهاري وئي هئي سان به وٺي ڀڳي، پر دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي ڪتلن جي اڌ ڪلاڪ مس جي اندي موٽي آهي جنهن سبب هڪ شڪ يقين ۾ ٿو مٽي ته پوليس کي ان واڪعي جي اڳواٽ ڄاڻ ئي. اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي جيئن پڃي عاقل ۾ ٿيو ساڳي ريت چڪ ۾ ٿيو. مسئلو ٿيو ڪٿي پر ڪاه کي ڪنهن ٻئي هندن منهن ڏنو. اها ڪاه ان ڳاله جي ساهد آهي ته هندن جي ڪنهن جي تبڪي تي ڪاهي اچڻ ڪيترو سهُلو آهي. بس مڙئي هٿيار جي ضرورت آهي.



ڪن اخبارن نويس جيڪي گھڻو تڻو انگريزي اخبار سان واٽ ٿا رکن تن مان ڪي ان مسئلي جي جڙ تائن پڄڻ جي سگھ ڪئي آهي. سندن مڃڻ آهي ته پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ سنڌ ۾ خاص ڪري اتر سنڌ جي شهرن ۾ طاليبان جو اصر وڌيو آهي . اهو اسر گھڻو تڻو مدرسن مان ٿو فيئلي جن جا مولوري پنجاب يا پکتوواه مان آيل آهن. جن کي سنڌين جي سماجڪ وهنوار ٿوڙي ثقافت بابت ڄاڻ تمام مهدود آهي ۽ سندس پاران جيڪا ذهر تي فهلائي تي وڃي اهي فساد ان جو ئي نتيجي ۾ ٿين پيا. ٻن تنظميون جو نالو اڳيان آيون آهي جن مان پهرين آهي سپا ع سابا پاڪستان ۽ ٻئي آهي جميت اليما ع پاڪستان (فاضل ڳٽ). مٿون وري ان تنظميون کي ساٿ ٿو ملي سنڌي ڪٻائيلي جاتيون ۽ پاڪستان پيپليس پارٽي جا اهديدار ۽ پليس جو جنهن جي هميشاه ئي نظر هندن جي ملڪتيون تي رهي آهي. اهو شڪ ان لاءِ تو پيدا تو ٿئي ته ان وارداد جو اهم گنيگار ببر خان ڀايئو شڪاپور جو پ پ پ  جو اهم سياستدان آهي. وري امالڪ واردات جي جاءِ تان پليس جو عايب ٿي وڃڻ ۽ واردات جي اڌ ڪلاڪ اندر پڌرو ٿيئڻ ان شڪ جي پکتو ٿو ڪري. اهو ئي نه وارداد کان پوءِ ڪاه ڪندڙ ۽ جهادي تنظميون پليس ٿاڻي اڳيان ايتجاج ڪيو ۽ سندن اها گھر ڪئي ته اهو ڪيس بند ڪيو وڃي . اهو ئي سبب هو جي ان ڪيس جي ايف آئي آر به واردات جي 36 ڪلاڪن کان پوءِ درج ٿي اهو نه مارجي ويلن جي وارسن کي تپائڻ کان پوءِ. ڳاله ته اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي  هندن جا ڪتل ٿا ٿين پر هڪ ايف آئي آر درج نٿي ڪئي وڃي به پر هندن جو نياڻيون اغوا ٿين پيو ته چيف جسٽيس تائين ڪجه نٿو ڪري سگھي.



شڪارپور جو ماضيءَ ۾ رُتبعو ڏسڻ جيڙهو هوندو هو. هٿئو جي هندو سيٺن جون جدا جدا ملڪل سان ڌنڌا هلندا هئا. شڪارپور جا سنڌ پنهنجي ڳاڙهي ٽوپي لاءِ خاص طور سان سڃاڻيا ويندا هئا. اڄ به هندستان ۾ هندو پنهنجي سڪارپري جو ٿيئڻ جو فڪر ڪندا آهي خاص ڪري اهي  جيڪي ورهاڱي کان اڳواٽ ڄاول آهن. هن شهر جي تقدير 1947 بعد اڳو پوءِ فري وئي. سون ۾ تولجڻ واري شهر هيئر کنڊرن ۾ تبڌيل ٿي ويو آهي. عادمشماري جي لهاج کان چڪ جي آبادي چالهي هزار آهي جن مان هندو مس جيڙها ڇه هزار پر اهي ڇه جزارن لاءِ به سنڌ جي زمين هونريان هوريان سوڙهي پئي ڪئي وڃي. شڪارپور جي هاڻوڪي حالتيون جي ڄاڻيندڙ جو مڃڻ آهي ته جهادي تمظميون کي پنهنجي ذهر کي فيئلائڻ  لاءِ پوري آزادي پئي ڏني وڃي جن ۾ سنڌ جو وڏيون پارتيون مثلن پاڪستان پيپلس پارٽي توڙي فنگھشل مسليم ليڳ به ڀاڳيدار آهن ڀلي  انهن جي مقصد ۾ ه فرڪ رهيو آهي . اهو سڀ ان جي باوجود جي هندن 1970 کان هميشاه ئي پ پ پ  جو ساٿ ڏنو آهي.



بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ هندن توڙي ٿوڙائيءَ واري قومن سان ٿيندڙن ويلن تي ڪڏهن به سنجدگيءَ سان ڪون سوچيو ويو آهي. جيڪر رواجي سنڌي مسلمانن جي ڳاله ڪجس ته ڪن کي ڇڏي گھڻو تڻو هندن تي ٿيندڙ ظلمن بابت هڪ ئي جواب هوندو آهي ته “سائين اهو سڀ ته سنڌ  ۾ هر ڪنهن سان پيو ٿئي. سندن ليکي هندو ته مڙئي اجايو پئي هل ڪن” ان جي نسبت ڪي وري سنڌي اخبارن توڙي ميڊيا جو جوالي ڏين جنهن جي سنڌ بابت 60 سيڪڙو احوال رڳو ان ساڳين صنفن بابت ئي هوندو آهي فلاڻي، فلاڻي کي اغوا ڪيو يا ڪتل ڪيو. حيدر آباد پريس ڪلب اڳيان جيڪي وڃو ته اوهان کي هميشاه ئي ڪو نهن ڪو پنهنجي سڳن مٽن ماٽن جي اغوا ٿيئڻ ٿيئڻ بابت ايتجاج ڪندي ڏٺو ويندو. ان اخباري جي سنڌ بابت احوالن ۾ رڳو نالا ۽ تاريخيون ئي ڌار ٿين. باڪي سڀ ساڳيو مُوادُ. دراسل سنڌ ۾ ان وارداتيون کي بلڪل رواجي مڃيو ويندو آهي. سنڌي ميڊيا جنهن جو ان نظام مٽڻ ۾ هڪ اهم ڪريدار ٿيئڻو کپندو هو سو ته ماڻهون کي اجرڪ ٽوپي پارائي رستن تي ٽپائيڻ ئي پنهنجو شان پئي سمجھي .


ان سڀن جي باوجود سنڌ ۾ عوام سڄاڳ ٿين پيا. ان واڪعي بعد چڪ ۾ ايتجاجي ريليون ڪڍيو ويون. ايئن پني عاقل جي واردات کان پوءِ به ايڙها ايتجاج ٿيا هئا پر هن مهل نه رڳو قوميپرست پارٽيون پر سول سوسائيٽي به ان احتيجاج ۾ حصو ورتو جنهن سان عام ماڻهون ۾ يقينن ان مسئلي بابت ڌيان ڇڪائيندو. ان ايتجاج مان غايب رهي ته رڳو پ پ پ ۽ اهي پارتيون جيڪي هينئر سنڌ ۾ حڪومت ۾ آهن. ايم ڪيو ايم جي ڳاله ته سمجھي ٿي سگھجي ڇا ڪاڻ ته هندن جو لڏپڻ سان سڀن کان فائدو مهاجرن ۽ پنجابين کي پڄڻ وارو آهي. وڏي تپرس وجھڻ واري ڳاله ته اها رهي ته پ پ پ  جا هندو ميمبر به غايب رها.  ان مسئلي جو پراڏو نيشنل اسلمبلي ۾ به ٻڌڻ ۾ آيو. سيري رهمان ان مسئلي تي هڪ اڊجرنميٽ موشن ۾ ڳالهائندي ان واردات جي جميوارن کي خاص ڪري پ پ پ اڳوان ببر خان ڀايئي کي پ پ پ مان ٻاهر ڪڏهن جي گھر ڪئي پر هيئر ڇو ته سيري رهمان ئي ميموگيٽ بعد اميريڪا موڪلي ويئي  آهي  جنهن سبب سنڌ توڙي پاڪستان ۾ ٿوڙائي واري قومن کي يقينن نڪسان پڄندو. پاڪستان جي نشنل اسلمبلي جي هندو دليت ميمبرن کي جيڪر مڃينجي ته سندن چوڻ اهي ته اسلمبلي ۾ جڏهن به ان ڳاله تي ڪا به بهس ٿيندي آهي ته گھڻو تڻو ميمبرن پاران اهو انديشو ڏنو ويندو آهي ته اسلام جي نالي تي ڪتل، اغوا يا لڄلٽ جايس آهي ۽ هندن کي پنهنجي حفاذت پاڻ ڪرڻ ڪپي. جڏهن ايڙها وچار هو گھڻائي ۾ رهندڙ قوم ۾ هوندا  ته هندن ۾ مايوسي ڇائڻ ته لاظمي آهي

چڪ ۾ هندو برادري سان ڳڏ قوميپرست پارتيون ۽ سول سيسائيٽي ايتجاج ڪندي


هندستان ۾ ميڊيا جي ڌيان سنڌ توڙي سنڌين بابت ڪڏهن به ڪون رهيو آهي. جڏهن بيناظير پهرون ڀيڙو چونڊجي آئي ته هندستان جي ميڊيا ۾ جام اتسان هو پر ٻهر جڏهن پاڪستان ۾ چونڊيون ٿيو ۽ خاص ڪري ڀٽي جي ڪشمير بابت هل کان پوءِ ته ميڊيا ۾ جيڪو اتساه اڳين ڀيڙي هو سو ڪين  رهيو يا کڻي چئجي عام هندستان ۾ ڀٽو هڪ رواجي اڳواڻ پئي لڳي. پر جيستائين عام سنڌين جي ڳاله ڪجي ته ڇو ته هندستان جو سنڌي سنڌ جي مسئلي ۾ ڪو به خاص چاه نه ڏيکاريندا آهن سو ميڊا ۾ ڪو خاص چاه ناهي. ان ڳاله ۾  هندستان ۾ سنڌي ميڊيا به انگريزي ميڊيا کان ڪو گھڻو پوئيتي ناهي. نه رڳو ميڊيا جو پر هندستان ۾ سنڌي سنميلن ۾ به  ڪڏهن به سنڌ ۾ رهندڙ هندو سنڌين جي ڳاله نه ڪئي ويندي آهي. مڙهئي هيڪلو راڳ پيو رٽبو آهي ته اسين فلاڻا ، اسين فلاڻو ڪم ڪيو. جيڪر اهي حالتيون رهون  ته سنڌيين جي هندو برادري جو مستقبل ڪو خاص اميد ڄاڳيندڙ نه رهندو جڏهن پنهنجن لاءِ ئي اسان ۾ اجت نه هوندي ته ڌارين کي ڪيڙهو ڏوه ڏجي.
اهو مسئلو يقينن سوچڻ لائڪ آهي







Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *