هندو سنڌي اخر آهن ڪٿو جا

سنڌ توڙي پاڪستان ۾ هندن تي ويل ڪا نئين ڳاله ناهي.  اهي سالن کان پيا هلندا اچن. 1947 ۾ جڏهن ورهاڱو ٿيو ته 23 سيڪڙو هندو  هئا جيڪي هنئر گھٽجي مس جيڙها 2 سيڪڙو وڃي رهيا آهن.  جيڪڏهن اڀريندي پاڪستان(هاڻي بنگلاديش) جا ڳاله ڪجي  ته سنڌ واڱر ئي حال هو. هندن جي چڱي آبادي هئي. بنگلاديش جي آزادي مهل بنگالين هندن تمام وڏا ڪهر سٺا. هندو بنگلين جي آباديءَ مان جيڪو حصو هندوستان واري بنگال ۾ لڏي ويو سو وري موٽي بنگلاديش ڪون ويو، هاٿيون جيڪر ٿوڙا گھڻا اتي رهنجي ويا هئا سي به هوريان هوريان لڏن پيا. هيئر اها نوبت اهي جي مس جيڙها هڪ يا ٻه سيڪڙو ئي وڃي رهيا آهن  ۽ جيئن حالتيون آهن ته  اهو ڏوهاڙو به پري ناهي جڏهن ڪو به  هندو بنگالي بنگلاديش ۾ رهنجي نه ويندو.
جيستائين سنڌ جي ڳاله ڪجي ته 1947  کان 2011 تائين جڪر ڪا ريت سانده هلي پئي اچي ته اها آهي سنڌي هندن جي لڏپڻ جو سلسلو. سنڌ ۾ خاص ڪري جيڪر هندن جي لڏپڻ تي ڌيان سان ڄاچنداسين  اهو چٽي ريت نظر ايندو ته جڏهن جڏهن سنڌ ۾ اندروني افرا تفري وڌي آهي تڏهن  تڏهن لڏپڻ ۾ ڪنهن ڪدر واڌ ٿي آهي.اهو  ان ڳاله جو شاهد آهي ته نڌڪڻا ماڻهو ڪنهن ڪڌر سافٽ ٽارڳيٽ ٿيندا آهن. اهو بنگلاديش جي آزاديءَ مهل ٿيو، سنڌي ٻوليءَ جي بل مهل ٿيو ۽  ڀٽي کان پوءِ ايم آر ڊي جي جدوجهد مهل پڻ ٿيو. هر وقط هندن جي لڏپڻ تيز ٿي آهي. اهو ئي نه ورهاڱي بعد جيڪا سنڌي مسلمانن جي سياسي تباهي ٿي ان جو اصر هندن جي لڏپڻ تي به پيو.
عام طور سان اهو مڃيو ويندو آهي ته هندن جي لڏپڻ مهاجرن جي سبب ٿي 1947 ۾ ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هندن جي لڏپڻ جي اهو وڏو سبب هو. اها ڳاله سڀ ڪو مڃي ٿو ته حالتوين پنجاب ۽ بنگال جيڙهيون ڪون هئيون، جيتوڻيڪ پنجاب ۾ ٿيندڙ ڪهرءَ هندن ۾ ڊپ ۽ مايوس ضرور ڪيو. پر هال ئي ۾ نائين سيپٽيمبر جو واڪعو هڪ ٻئي ۽ اهم ڳاله ڏانهن اسارو ٿو ڪري. هي واڪعو تازو نائين سيپٽيمبر جي سام جو سنڌ جي سکر ضلعي ۾ پني آقل جي تالوڪي جو آهي جتي لڳ ڀڳ ٻه سوءُ هٿياربنڌ ڪاهي آيا. احوال موجب اهي هٿياربند ڪلهڙي برادري جا هئا. ڪراچي مان شايع ٿيندڙ اوامي آواز موجب احوال ڪجه هن ريت هو……. 200 کان وڌيڪ هٿياربندن ڪالهه شام جو اوچتو پنوعاقل شهر جي هندو محلي عيد گاهه چوڪ شاهي بازار ۾ هندو برادري جي گهرن  ۽ دڪانن تي  اوچتو ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ جڳت رام، پرمانند ۽ ڌرمومل سميت هندو برادري جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ ٻه واٽهڙو ظفر دايو ۽ عبدالستار دايو گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا. هٿياربندن هندو برادري جي چئن کان وڌيڪ دڪانن مان لکين رپين جي ڦر لٽ ڪرڻ بعد دڪانن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو جڏهن ته گهرن ۾ داخل ٿي عورتن سان بدتميزي به ڪئي وئي ۽ انهن کان زبردستي سونا زيور لاهي ڦر ڪيا ويا، هٿياربندن  پاران تيز فائرنگ ڪرڻ سبب سڄي پني عاقل شهر ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ماڻهو پنهنجون جتيون توڙي سامان ڇڏي جان بچائڻ لاءِ دڪانن ۾ لڪي پيا ۽ ڪيترائي لتاڙجي زخمي پڻ ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پنوعاقل، بائجي ۽ سلطان پور پوليس موقعي تي پهچي هٿياربندن سان مهاڏو اٽڪايو پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ سبب هٿياربندن جي اڳواڻي ڪندڙ بدنام ڏوهاري غلام حسين ڪلهوڙوشديد زخمي ٿي پيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ سي ايم ايڇ پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آهي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ٻيو ڪانڍيل ڏوهاري نذير ميراڻي مارجي ويو آهي. پوليس ٽيهن کان وڌيڪ هٿياربندن کي گرفتار ڪري ورتو.
جيستائين مصلي جي ڳاله ڪجي ته اها ڳاله وشپت ڏنهن جي ٻڌائي ٿي وڃي جڏهن پني عاقل جي هڪ پرائيمري اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ  هندو پٽوالو ساڌو رام پاران ستين ورهين جي مسلم ٻارڙي جي لڄ لوٽ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ڪلهڙي برادري جي ان ٻارڙي جون رڙيون ٻڌي آسي پاسي جا ماڻهو ان بارڙيءَ کي آزاد ڪيو جنهن کي ان پٽوالي ڪنهن ڪمري ۾ بنڌ ڪري رکيو هو. ٻارڙيءَ کي بعد ۾ پني عاقل جي اسپتال ۾ بيهوشي جي حالت ۾ آندو ويو. خبر اها به آهي ته واردات جي جاءِ تي پٽوالي تي هاٿاپائي ٿي پر هو  ڪيئن به ڪري پاڻ کي سوگھو ڪري اٿون ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي پيو. تازي احوال موجب ساڌورام کي روهڙو مان گرفتار ڪري سکر جي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي. ساگردياڻيءَ سان ان واردات کان پوءِ سندس والد ۽ مائيٽ پني عاقل پوليس ٿاڻي جي اڳيان ايتجاج ڪيا. ان ايتجاج بعد پوليس پوليس ساڌورام ۽ ان اسڪول جي پرينسپل تي آيف آئي آر درج ڪئي.
ان پوري مصلي تي پوليس جو ڪردار يقينن کيڻ لهڻي. جيڪر پولس نه اچي ها جان جو
نڪصان به چڱو ٿئي ها. حالتيون کي نظر ۾ رکيندي سکر شهر مان ڌار پوليس جو جٿو
 گھرائو ويو. پولس جو چوڻ آهي ته ڪاهي ڪندڙ سڀ ڏوهاري هئا. پر اتي مصلو اهو ٿو
اچي ته هنن اها ڪاه ڪنهنجي شاءِ تي ڪئي. اهو ته ناهي ته هندو برادري ڪنهنجي
سڌي نظر ۾ هئي؟ نه ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته يڪدم واردات جي  ٻئي ڏنهن سڀ
هٿيار بنڌ پوري تياري ڪري سنٿري ٺهي بيٺا. اهو ممڪن آهي ته تياري پوري هئي بس
رڳو ڪنهن منهون جي ڪمي هئي جيڪو هن وارڌات هٿو هٿ ڏني. اهو ممڪن آهي هو ڪنهن سبب  ڪاوڙيل هجي يا جيئن گھڻو تڻو ڏٺو ويندو آهي ته هندن جي
ملڪتيون ڏانهن نظر هجي.
هي پورو مصلو هندستان ۾ گجرات جي 2002 جي فسادن واڱر هو جتي هڪ ظلم کي
 منهن ڏيئڻ لاءِ ان کان وڏو ظلم ڪيو ويو. گوڌرا ۾ ريل جي ڊبي ۾ سڙي ويل ماڻهون جي
ڳاله نه ميڊيا ياد ڪندي آهي ۽ نه سياسي اڳواڻ. ساڳي ريت پني عاقل ۾ جڏهن به ڳاله ٿيندي ته رڳو ان ڪاه جي ٿيندي ، نه ڪي ساڌورام جي يا ان ٻارڙي تي ظلم جي
سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلم ڪا ننڊي ڳاله ناهي پر ان جي باوجود سنڌ جي صوبائي حڪومت جو ڪو به وزير پني عاقل ڪون پهتو. وڏو وزير قائم علي ساه جيڪو مهاجرن جي قربانين جو ڳالهيون (ها اوهان سحيحي پڙهو قرباڀيون) جا راڳ ڳائيندي ڪون ٿڪبو آهي سو پني عاقل اچڻ ته پري هڪ همدرديءَ جو جملو پنهنجي نڙيءَ مان ڪون اڪارو. اها ڳاله صحيح آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ آيل آهي ، لکين ماڻهو دربدر ٿيل آهن پر انهن جي لاءِ جي حڪومت ڪجه ڪيو آهي سو به ناهي. جان کان ايم ڪيو ايم سندس حڪومت کان ڌار ٿي آهي ، وڏي وزير جو پورو ڌيان منهنجي حومت کي سوگھو ڪرڻ  ۾ ئي لڳل آهي. جيڪر اها ٻوڏ ڪرچي يا حيدرآباد ۾ اچي ها ته حڪومت جي ڳڻتي ڏسڻ جيڙهي هجي ها. ساڳيو حال سنڌ جي سنڌي ميڊيا جو آهي.“اوامي اواز” جي کي ڇڏي ڪنهن به ان مصلي کي جوگي جاءِ ڏيئڻ جي ضرورت ڪون مهسوس هئي  جيڪر ڪنهن سياسي تنظيم ان مصلي تي ڪجه ڪيو سو آهي جئي سنڌ ڪومي مهاذ. سندس سدر بشير خان کريشي موڪعي تي پڄي ان مصلي تي هڪ عمن ڪاميٽي به جوڙياڻ ۾ مدد ڪئي جيئن ٻيو نه ته مصلي کي وڌڻ کان روڪي سگھجي.
ڪلهوڙي برادي جي ڪاهي سبب جيڪا ڳاله هندن دل او دماغ ۾ ائي هوندي سو آهي هندستان ڏانهن لڏپڻ.پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هندون جي لڏپڻ هڪ ايڙهو مصلو آهي جنهن کي روڪڻ سايد هيئر ممڪن ناهي.  پاڪستان جي هندو برادي جو اڳواڻڻ جوبه  مڃڻ آهين جيتوڻيڪ چڱيوڪوششيون ڪيون ويون آهن پر اها لڏپڻ آهي جي  ماٺ ٿئڻ جو نالو ئي نه ٿي کڻي .لڏپڻ ته کيبر پکتوواه يا ۽ ڪنهن ڪدر پنجاب مان به ٿيندي رهندي آهي پر سنڌ مان هندن جي لڏپڻ ڪنهن ڪدر مختليف آهي. جڏهن ته پاڪستان مان سک ۽ هندو هندستان ۾ ساڳي ٻوليڳالهائندڙ الاڪن ۾ ٿا اچي وسن پر سنڌي هندن سان ايئن نه پيو ٿئي. هو اڻ سنڌي الاڪن ۾ ٿا اچي وسن، جٿي کين وسڻ ۾ به چڱي تڪليفن کي منهن ٿو ڏيئڻو پوي. سڀنن کان ته وڏو مصلو ته آهي هند جي ناگرڪتا آهي، جنهن سبب هو چڱا تنگ ٿا ٿين. وري حڪومت ڏانهن هو پنهن جي ڳاله پُڄائڻ ۾ ڪاصر ٿا ٿين جي هند ۾ سنڌي هندو ٽريل پکريل هجڻ سبب سياسي سگھ نٿا رکن . هٿ هندو ڀلي سکي هجن پر سياست ۾ سندن هلندي پڄندي ناهي. ان کان سواءِ ڀلي ڪراچيءَ واڱر نو گو ايريئا ناهن پر اتي چڱا الاڪا آهن مصلن گجرات(ڪچڇ کان سواءِ) راجسٿان جتي سنڌين کي هڪ وريءَ ڪري سمجھيو ويندو آهي. وري هر صوبائي ماڻهو جو سنڌين ڏانهن وهنوار به ساڳيو ناهي. جيڪر گجرات ۾ ڏسجي ته هت هڪ پاسي ڪچڇ آهي جيڪو هند جو سنڌ پيو ڀاسيندو آهي پر وري اتي گجرات جا ٻيا الاڪا  به آهن جتي حاليون سنڌين لاءِ يقينن  ڪنهن ڪدر ڏکائندڙ آهن. پر ان جي باوجود لڏپڻ ذور تي آهي . ان جو هڪ وڏو سبب اهو  آهي ته هندن کي لڳي ٿو ته ٻيو ڪجه نه ته سندن جي گھرن ۽ ڌنڌن تي  ته حملا ڪون ٿيندا. هندو سنڌي نياڻين جو اسڪول ۾ موڪلڻ ۾ ڪين ڏڪندو.
ڪيتري نه اجيب جيڙهي ڳاله آهي ته عام ماڻهو ان پروپاگينڊا جو سڪار ٿي ويندو آهي ته ظلم ڪڏهن به ڪومي نه پر شخصي ٿيندو آهي. اها ڳاله هميشاه ئي پڌري ٿي آهي ته جڏهن جڏهن ظلم ڪومءَ سان ڳنڏيو ويو  آهي اتي نڪسان هميشاه ئي ظلم سهڻ واري جو ٿيندو آهي. جيڪو ظلم ساڌورامءَ ڪيو سو بخشڻ لايڪ ناهي. پر جي ان لاءِ جيڪر  ڪنهن جا هٽ  ساڙيا وڃن يا ڪنهن کي ڦريو وڃي ته ان کان به وڌيڪ بدنسيبي ٻي ڪا نٿي ٿي سگھي. ڪيتري نه اجيب جيڙهي ڳاله آهي جي ڪاه ته ٿي هندن تي پر مئا ته ميلمان ئي .دراصل سنڌ جي سياست  هميشاه ئي ڀوتارن ۽ وڏيرن جي رهي آهي، ۽ هندن تي ٿيندڙن ڪاهن تي به انهن جو هٿ هجي اهو ممڪن آهي.هڪ نظر سان ڏسجي ته سنڌ جي سياست ۾ پڇاڙي ءَ جي 70 سالن ۾ ڪو به بدلاو ڪون آيو آهي. جن سنڌ کي پاڪستان سان ڳنڊيو ساڳي سوچ وارا اڄ به سنڌ  جي سياست ۾ سگھ ٿا رکن. جيستان ان ڀوتارن ۽ وڏيرن کي ان سياسي اڳاڙيمان نه ڪڏهيو ويو سنڌ جي حالت ساڳي ئي رهڻ واري آهي. جيستان سنڌ ۾ اهو سياسي بدلاو نه ايندو تيستان سنڌ ۾ سنڌين سان اهو رتو چاڻ ذاري رهندي. ڳاله رڳو هندو مسلم جي ناهي پر ان کان به اڳتي وڌي چڪي آهي جيئن ڪراچي جي لياري ۾ ڏٺو ويو. اڄ ڀلي هندو پيو لڏي پر اهي ڏنهن به پري ناهن جڏهن سنڌي مسلمان کي به سنڌ اندر ئي سحيح ، لڏپڻ ته ڪندو ئي
هندن جي لڏپڻ سان سڀن کان وڌيڪ تڪليف هندو دليتن کي ٿيندي. هو اڳئي تڪليفن ۾ آهن ۽ هندن جي لڏڻ کان پوءِ حالتيون سندن لاءِ بيجار  ٿي پونديون. هو سدين کان جلت جون جندگيون پيا گارن. اڙها چکا واڪعا اخبارين ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن جنهن سان سنڌن سان ماٽيلو وهنوار چٽي ريت نظر ايندو آهي. ويجھڙائي ۾ اها خبر آئي ته بدين ۾ دليتن کي ٻوڏ سبب لڳايل ڪيمن ۾ کاڌو يا اجھو نٿو ڏنو وڃي. هندن جي لڏپڻ جو نڪسان سنڌي مسلمانن جو به آهي جيڪي پنهنجي صوبي ۾ ٿوڙائي ٿي ويندا چاڪاڻ ته ان لڏي ويل هندن جي جاءِ ٻيو ڪو سنڌي ته ايندو ڪون.ان ڳاله جي ته پوري پڪ آهي.
ڪيتري ته وائڙو ڪندڙ منظر آهي ته هندن کي پنهنجي ملڪ مان  ڌڪا ڏڃا  ويندا آهن ۽ هندستان ۾ سنڌ مان لڏي آيل  سنڌين کي سنڌ يعني سنڌ جا ڪري ڪوٺيو ويندو آهي …
  
   
       

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *