Blog | ब्लाग | بلاگ

لڏپڻ، سياسست ۽ سنڌي هندو قوم




لڏپڻ، سياسست ۽ سنڌي هندو قوم
اتهاس ۽ ان تي دارومدار رکندڙ قوميپرستي ، سنڌي هندو برادري تي ڪڏهن به ڪو گهوري اسر ڪين ڪيو  آهي نه ئي سنڌين اتهاس کي ياد ڪرڻ يا ان مان ڪا سِک سکڻ جي ڪا ضرورت ئي محسوس ڪئي آهي. پنهنجي وڃايل وراست کان  پري ٿيئ سنڌ جي هندو برادري پڇاڙيءَ جي 1300 سالن ۾ رڳو پنهنجي پاڻ کي زنداه رکڻ ۾ ئي هڪ وڏي قرامت پئي سمجھي آهي. اهو ئي سبب آهي جي ماهاراجا ڏاهرسين بعد اسين ايڙهي ڪا شخشيت توڙي سوچ ڪين پيدا ڪري سگھيان آهيون جيڪا سنڌي هندن جي وڃايل وراست کي ٻهر حاصل ڪرڻ نسبت جاکڙي لاءِ تيار ڪري سگھي.
انگريزن جي سنڌ فتح کان اول سنڌ ۾ هندن جي حالت بابت لکندي مشهو سنڌي ليکڪ شري لعل سنگھ هجاري سنگھ اڄواڻي موجب “ جيتوڻيڪ انگريزن جي حڪومت هڪ پرڏيهي اڻ سنڌي رياست هئي پر ائين هوندي  به هندن لاءِ اها حڪومت بيڊپ زندگي گارڻ جي راهه کولي. جيتوڻيڪ انگريزءِ پڻ پرڏيهي هئا پر هندن کي هزارن سالن جي غلامي ۽ ظلمن کان نِجات ملي” (هوالو“ ڊ هسٽري آف سنڌي لٽريچر”، ساهتيه اڪادمي نئي دلي) اهي ڳالهئون ان جون شاهد آهن ته مهاراجا ڏاهن ۽ انگريزن لائين واري ارصو سنڌي هندن لاءِ نهايت ڏکن وارو رهيو آهي.
بدقسمتيءَ سان سنڌ جي هندو برادري انگريزن جي ڏنهن ۾ به ساماجڪ توڙي سياسسي ريت اڀري اچڻ جي باوجود ايڙهي حالتون جي مارفت ڪا به ايڙي سياسي سڄاڳتا ڪين اڻي سگھي جنهن سان پنهنجو ٿوڙي ايندڙ نثل جو وجود ڪنهن ريت سوگھو ڪري سگھجي.
ورهاڱي مهل سنڌ ۾ هندو بريادري سنڌ جي موُل آبادي جي 35 سيڪڙو هئي. اها به هرو ڀرو ڪا ننڊي آبادي نه ٿيندي آهي ساڻ ساڻ اها به ڳاله ممڪن ناهي ته انگريزن هندن جي مستقبل بابت تنهن مهل جي ڪانگريسي هندو اڳواڻن سان ڪو راطبو نه ڪيو هجي يا هندن رايو ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪا برادري سنڌ ۾ ايتري اڀري آئي هجي نوڪرشاهي، ڌنڌي يا تعليم ۾ تن کي مظر انداز ڪري انگريزءَ رڳو سنڌ اسلمبلي ۾ گھڻائي ۾ رهندڙ سنڌي مسلمانن کي اهميت ڏني هجي.
  اتهاس گواه آهي ته اها بلڪل پڪ هئي ته هندستان جي مسلمانن پاران لڏپڻ ٿيندي. لڏپڻ ٿيئڻ جي ڊپ  نه رڳو  مولانا ابوڪلام آزاد ذاهر ڪيو هو پر ان کان به وڏي ڳاله نه جنهن ريت  تنهن مهل جي ڪديوار سنڌي اڳوان جي ايم سيد ۽ پير مهمد راشدي بهارن کي سنڌ لڏڻ جي آڇ ڏني. انگريزن بعد ڇا ٿيئڻو آهي. هندن جو اڀري اچڻ ايترو ته کين  ستايو هو ڪنهن ڌاري قوم اڳيان پنهنجن جي ٻيڙي ٻوڙي لاءِ تيار هئا. ڇا اهي سڀ ڪافي ڪين هو جي انگريزن جي موٽي وڃڻ بعد سنڌ ۾ هندن جي حالت ڪيڙهي ٿيئڻي آهي  !!!




سوال اهو به ٿو اچي ته اها ڪيڙهي سوچ هئي جنهن  تهت اهو  سمجھيو ويو هو ته ڪيئن اتر هندستان جا مسلمانن پاڪستان جي نالي تي پنهنجي هندو ڀائرن سان وير پائڻ جي باوجود لڏپڻ نه ڪندا ؟؟ جيڪي لڏپڻ نه به ٿئي ها ته سنڌي ۾ مسلم ليڳي اغوان جن پنهنجي سياست ٿوڙي پاڪستان جي قيام ۾ ان لاءِ شامل ٿيا هئا جي هندن جي ملڪتيون فٻائينداسين سي  سگھ ۾ اچڻ بعد ماٺ ٿي ويندا!!!. ڇا هندو اڳوانن کي وسري ويو هو ته ڪيئن سنڌ جو بمبئي پريڊينسي يا وري مسجد منزل گاه جا مسئلا ڪيئن سنڌي مسئلا اماڪل مسلم مسئلا ٿي پيا ها.!!! ته ڇا هندو اڳوانن کان وسري ويو هو ته ڪيئن سنڌ جا مسلم اڳوان الاهه بخش جي ڪڏ پيا ۽ سندن ماٺ تڏهن ڪئي جيستان الاهه بخش شهد نه ڪيو ويو. اسين هندو نه ته الاهه بخش ۽ نه ئي ڀڳت ڪنور رام جي شهادت کي صحيح ريت سمجھڻ ۾ قاميان ٿياسين ۽ نه ئي ان جي جڙ تي پهچي سگھياسين.


الاهه بخش جي حڪومت هندن جي مدد سان ڊهي. جي ايم سيد، پير مهمد راشدي، ايوب کرو، ابدل ماجد سنڌي وغيراه ته الاهه بخش جي ڪڏ هئا ئي پر هندو اڳوانن تڪڙ ۽ غلط سياسي سوچ تهت پنهنجي ئي پيرن تي ڪلهاڙي وڃي هنئين پنهنجي ئي دشمم جا هٿ هاٿئون سوگھا ڪيا. ڇا اسين هندو سنڌي ڪڏهن به پڇاڙيءَ جي 80 سالن ۾ ڪڏهن به  پنهنجي ان غلطيون کان ڪا سيک وٺڻ جي ضرورت به محسوس ڪئي آهي ؟ اسان سان جيڪو به 1947 کان ٿيندو اچي پيو ڇا ان جا سبب ڇا  اسانجون غلطيو ناهن ؟ ۽ جڏهن مهاجرءَ اسانجي درن تي اچي بيٺا ته بس اسين ڀڄڻ ۾ به وڏو سوڀ سمجھيو. پڇاڙيءَ جي ٽن ڏهاڪن کان سنڌ مان لڏي ايندڙ هندن کي هندستان ۾ وسڻ ۾ مدد ڪندڙ هندو سنگھ سوڍا ان مسئلي نسبت ڳالهائندي چيو “ سائين جيڪر جيرامداس دولترام جيڙهن سياستدانن جا وارث لڏن ها ته به سمجھي سجھبو هو پر هو ته پاڻ به لڏي ويا!! جڏهن کين پاڻ ئي لڏڻو هو ته اها سندس ڪيڙو سوچ هئي جنهن تهت هون اهو چيو هو ته هندو ورهاڱي بعد سنڌ ۾ رهي سگھندا!!!”
ڳاله رڳو سياستدانن جي ناهي. جان کان ورهاڱو ٿيو آهي تان کان سنڌي ليکڪ سنڌ ايندا رهيا آهن. ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان جي سنڌي ليکڪن کي سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڪا به ڄاڻ ناهي پر ان جي باوجود هنن لکڻ ته پري ان مسئلي بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. !!!
مان جڏهن سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ خاص ڪري رنڪل، آشا لتا تي ٿيندڙ ظلمن بابت هندستان جي سنڌ ڪوٺائينڊر گانڌيڌام ۾ اڏايل انڊين انسٽيوٽ آف سنڌولاجي جي ڊائيريڪٽر شري لکمي کلاڻي سان ڳالهيايو ته سندن چوڻ هو ته “ابا اسين جيڪي  سنڌ مان 47 ۾ لڏپڻ ڪئي ۽ ڪنهن وڏي نڪسان کان سواءِ نڪري سگھياسين، اها به ڪا معمولي ڳاله ناهي. جيڪي تنهن مهل جي سنڌي مسلمانن تي ويساءُ ڪيون ها ته پڪ سان اسان کي به اهي ئي ڏنهن ڏسڻا پون ها جيڪي هينئر هندو سنڌ ۾ پيا ڏسن” هنن اڳتي اهو پڻ چيو ته “شڪارپور ۾ مونسان ايڙها جام هندو واڻيا گڏيا جيڪي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي اڌ اگھ تي بي وڪڻي هندستان لڏڻ جي ماندا هئا. پر ڀوتارن کين اهو ڪنهن کي ڪرڻ نه پئي ڏنو. ڪو مسلمانن سندن ملڪتيون کريد ڪرڻ لاءِ ۽ ڀوتارن سان وير پائڻ لاءِ تيار ئي ناهي !!! وڏيرن يا ڀڳتارن کي  خبر آهي ته هندو ته ٽڪي ۾ نيٺ پنهنجون ڌنڌا وڪڻي ويندا” بدقسمتي سنڌين جي اها رهي آهي ته ليکڪن ڪڏهن به اڙهيون ڳالئون به ڪٿي بيان ڪيون.

اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي جن سنڌ ۾ رهي سٺو به سي به رڳو ان نسبت اشارن تائين پاڻ کي محدود رکو . سنڌي ڪوي شري هري دلگير 1965 ڌاري سنڌ مان لڏي گانڌيڌام وسيو. پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بيد امالڪ حآلتون بلدلڻ لڳيو جنهن جو فائدو عام مسلمانن پڻ پئي ورتو. ڪوي دلگير اهو به لکيو ته هو ته اڳواٽ ئي لڏڻ پئي چاهيو ته سندس ماڻس ۽ پڻس جي ايئن ڪندي دل ڪين هئي سو سندن گزاري وڃڻ بعد ئي هو لڏي هندستان آيو. 

هندستان جي سنڌي ليکڪن ايئن ته ورهاڱي بابت جام لکيو پر جيستائين سنڌ ۾ هندو جي خاص ڪري 1954 بعد (جڏهن سرهديون بند ٿيون) جي ڳاله آهي ته هو سڀ حالتون سان واقيف هوندي به ماٺ ئي رههڻ سياڻپ سمجھي. اڄ به جڏهن سنڌ جو عام هندو ۽ ڪي قوميپرست تنظميو رستن تي ايتجاج پيڪ ڪن تڏهن به نه سندس نڙيءَ مان ڪجه اڪِري ۽ نه ئي سندن لکڻي ءَ مان.!!!! اهو سڀ ان جي باوجود جي سنڌ ۾ جتي پاڪستان جا 95 سيڪڙو هندو ٿا رهن ۽ وڏي ڳاله نه اها جي پاڪستان ۾ بچيل هندو وڌ ۾ وڌ سنڌي هندو ئي آهن.

سنڌ جي سنڌي مسلمانن جي جيڪر ڳاله ڪجي ته سندن رايا به گھٽ وائيڙو ڪندڙ ناهي. ڪو ٿو چوي ته سائين هندن ته ٿيندا ئي ڊڪڻا آهن سو ڪنهن به بدماش سان پُڄڻ کان بدر هو  لڏپڻ ٿا ڪن، ته ڪي وري چوي ته کين اڻ سنڌي هندن سان سڱ ڪرڻو آهي سو پيا لڏن، ڪن کي ته هندن جا ڏک ٻُڌي امالڪ پنهنجا ڏک ٿا امالڪ سارن، وري ڪو ٿو ڇوي ته هندو لڏندا ته سنڌي سنڌ ۾ ئي ٿوڙائي وارا ٿي پوندا يا ڪي وري چون ته هند لڏندا ته مارڪيٽ ۾ سنڌين جو زور گھٽبو. ڪي وري جزباتي ٿي چون ته هندو ڌرتي ماءُ کي ڪيئن ڌوڪو ٿا ڏئي سگھن وري وڏيرن ۽ ڀوتارن جا پنهنجا پنهنجا سُرءَ ته ايڙها ننڌڪا ڀيل يا ميگھوار ملن ڪٿئون !!!! مطلب ته سڀن کي پنهنجي پنهنجي مطلب جو ڳالهائڻو آهي ڀلي هندن جو ڪو به مسئلو ڀلي ان سان ٿئي نه ٿئي!!!
سنڌ ۾ هندو ڪيئن ٿا رهن ان جو هڪ نظارو سنڌ جي تازو لڏي آيل هڪ ڀيل قوم جي سماج سيوڪ سک رام (نالي مٽيل) ڏنو. هو جيڪو به چيو سو ڪجه ايئن آهي “ ادا سنڌ ۾ هندو ٿي رهڻ هڪ وڏو ظلم ڪري ليکيو ويندو آهي. ڌارمڪ آزادي نالي جي ڪا به شءِ ته آهي ئي ڪانه. اسين ته گيتا جو پاٺ به ڳُجھو ٿي ڪيو ته متان ڪنهن مسلمان کي ان جو جو ڇِڊرو به  نه پوي نه ته اچي مٿي ٿي ٿا بيهن. چوندا آهن ته “هاڻي بند ڪيو اهو رن جو گيتا پاٺ”!!!. نيانيون جي اعوا ٿيئن جي خوف سبب ته اسين اڳي ئي کين  ڳوٺ جي اسڪولن ۾ موڪلڻ کان توڀان ڪئي آهي پر جيڪر پُٽن کي ڪسمتءَ سان داکلو ملي به ٿو وڃي ته کين تاليم ڏيئن ته پري پر اسان جي اولاد کان پيا ڪاڪُس صاف ڪرائين !!!! ۽ جيڪر ڪو ڪُڇي ته چون ته ڀيل پڙهي لکي ڪندو ئي ڇا.!!. اٿندي ويهندي اسان جيڙهن مسڪين ماڻهون  کي هيسايو پيو وڃي”
هن اڳتي چيو ته جيتائين جنداه آهيون تيستائين ته مسلمانن وير پائين ئي پر مُئي کان پوِءِ به ڪين بخشن. موئي بعد لاش جي سنان ڪرائڻ ته پري اڳني جي حوالي ڪرڻ تي به پابندي آهي. اسين ته پنهنجي گجاري ويندڙ مٽ مائيٽن کي مسلمانن واڱر دفنائون لاءِ جاءِ ڳولهون. ايڙها جام واڪعا ٿيا آهن جڏهن مٽيءِ ۾ دفنايل لاش کي ڪڏي فٽو ڪيو ويو آهي. 9 سالن جي نينگريءِ جي لاش تي ٽريڪٽر هلائي وئي آهي.و ئي نه پر مان هندستان لڏڻ کان اٺ ڏنهن اڳ مان پنهنجي والد جي لاش کي کڻي ڌر ڌر تي ڀِٽڪيو آهيان. نيٺ ڪنهن به ريت دفنائي ٻارهين ڪئي بنا اڳواٽ رٿان موجبُ هندستان لڏي آيس. ڳاله رڳو دليتن (سيڊُل ڪاسٽن) جي ناهي. هر هندن ڪنهن به ڪنهن رين ان حالتون کي منهن پيو ڏي.”

سک رام (نالو مٽيل) جيڪر سوءُ سيڪڙو سچ ڪين ٿو پئي  ڳالهايو پر جي اڳوپوءِ اجايو پئي ڳالهائو سو به صحصح ناهي. رنڪل ڪماريءَ جي لڙائي لڙندڙ سندس مائيٽن جي حالت سڀن ڏٺي ته ڪيئن هو هڪ هڪ ڪري نيٺ سنڌ واندائي. سنڌ مان شايع ٿيندڙ روزاني اوامي موجب رنڪل جي گھر وارن کي هيسايو پيو وڃي. رنڪل جي مائيٽن وٽ ڪم ڪندڙ ميڙوال ضائيفائون پاران چوايو ويو ته “ماٺ ڪري ماڃي کائو يا نه سري عام سوٽيون کائو.” رنڪل جا مائيٽ هيڪلا ناهي. هر مهني گھٽ ۾ گھٽ 20 کان 25 گھر سنڌ ۾ لڏن پيا. جيڪي هندو مرد ماڻهو ان جو مڪابلو ٿا ڪن تن تي خاص نشانو پيو ساڌو وڃي. سڀنن ڏٺو ته ڪيئن وزيرمل مارواڙي کي ڪتل ڪيو ويو. ٻيا لوٺمار جا واڪعا ته روج پيا ٿين. اغوا، لوٽمار، جبرن ڌيم مٽائڻ، ڀتو وسولڻ، ڀتو نه ڏيئڻ تي ڪتل ڪرڻ ته ڄڻ روج جي ڳاله ٿي پئي آهي. بلوچسٿان جي مستوگ شهر مان لڏي آيل هندستان جي ميڊيا سان ڳاله چيو ته “ سنڌ توڙي مبلچستان ۾ هندو رهن ضرور ٿا پر اتي رهڻ جيڙيو حالتو ناهن.”   
سنڌ توڙي بلوچسٿان ۾ هندو تي رهڻ سهولو ناهي. پاڪستان ۾ رهندڙ چوندا آهن ته جيڪر اوهان ڪنهن به هندوءَ کان سندس دين ڌيم بابت پڇندا ته اوهان کي جواب ملندو “آئون اڻ مسلمانن” آهيان. هو پاڻ ئي هندو تڏهن قبوليندو جڏهن اڳواٽ کيس ان لاءِ زور يا مزبور ڪين ڪندا. مونکي سنڌ ۾ رهندڙ چڱن سنڌين چيو ته سائين هندن جي سرڪاري آفيسن ۾ هڪ سون جا آنا  ڏيندڙ مرگي ڪري ليکيو ويندو آهي جنهن کي موڪعو ملندي ئي فُري سگھجي ٿو. ايڙهي ۾ حالت ۾  به سنڌ جا هندو اڳوان جيڙا آهن تيڙها ناهن. سنڌ ۾ 1947 جيڙهيون حالتون هئڻ جي باوجود شايد ئي ڪو پ پ پ جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي!!!. جيڪو ڪم 1947 ۾ جناح جي مسليم ليک جي پوئيلڳن پئي ڪيو سو ڪم هاڻي پ پ  پ پئي ڪري. معملو ڀلي هندو نياڻيون جو هجي يا هندو واڻيون جي اغوا، ڪتل يا ڪنهن به لوٽمار جو. هر واڪعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت پ پ پ جا هٿ ضرور نظر ٿا اچن. هاڻي ته ڪي شري نياز ڪالاڻي موجب ڪوميپرست به ڪنهن ريت ملوس آهن!! هاڻي جڏهن سنڌ  چوڊيون مٿي تي آهن ته نه رڳو پ پ پ  پر هندن جا“ نماڻا نمائيدا” به هندن جي حقڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن!!!

سنڌ ۾ هڪ زبددست ڪوشش رهي آهي ته هندن کي لڏڻ نه ڏجي ته لڏندڙ هندو سنڌين کي روڪيجي. هينئر ته هندن کي ويزا هئڻ جي باوجود بارڊر تي رهمان ملڪ تماشو ڪري ڏيکارو. ويزا تي ويندڙ هندن کي روڪيو. هينئر ته ويزا هوندي به ٽڪيڪان رد پيو ڪيو وڃن. سنڌ ۾ هندن ڀلي ڪو به تبڪعو چون نه هجي هو لڏپڻ هميشاه ئي گھجھايپ ۾ ئي ٿو ڪري. سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي مان لڏيل هڪ هندو ڊاڪٽر چيو ته آئون پنهنجي لڏڻ جي ڳاله پنهنجي مٽن مائيٽ سان به ڪين ڪئي هئي. سندس جوڻس چيو ته “مان پنهنجي پيڪن کي به ڪين ٻُڌايو ته اسين لڏي ٿا وڃئون جيئن اوسي پاسي ۾ به ڪنهن کي ان ڳاله جو ڇڊرو نه پوي”!!!
ايڙهي ڳاله ناهي ته لڏندي ئي هندن کي هندستان ۾ سک ٿا نسيب ٿين. هت ناگريڪتا جا وڏا مسئلا آهن. جيڪو ڪو 1947 کان اڳ جو ڄاول آهي ته کيس 7 سالن ۾ نه ته 12 سالن ۾ ناگريڪتا  ملي  ملي. وري اهو مُدو پورو ٿيئڻ جي باوجود به ڪڏهن ڪڏهن دير پئي ٿئي. احمد آباد ۾ ته ڪن کي 30 سالن لائين ناگريڪتا ڪين ملي آهي جيتوڻيڪ ان سبب سڀني کي هڪ جيڙهي تڪليف نه پئي ٿئي. مسئلو انهن جي لاءِ وڏو آهي جن کي نوڪري ٿي ئي ڪرڻي پوي. “پاڪستاني” لفظ ۾ ئي ڪجه ايڙهو بدنام آهي جي نه ڪو نوڪري تي رکڻ چاهي ۽ نه ڪو ڪوئي سهولائي سان جاءِ مسواڙ تي پئي ڏيئڻ ٿو چاهي. وري جيتائين هو ناگريڪ ٿين تيستائين ڪي ڌاري شهر ۾ وڃڻ لاءِ به حڪومتي موڪل ٿي پئي وٺڻي پوي. جيڪر ڪنهن ڪو مٽ مائيٽ بيمار هجي ته جيستائين موڪل ملي تيستائين ته اهو بيمار ماڻهو به موڪلاءِ ٿو وڃي. مٽي مائيٽي ۾ به جام تڪليف ٿئي. مسبت اها به آهي جي هندستان ۾ سنڌي هڪ هن ۾ وسيل ناهن. ڪو ملڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ رهي ٿو ته ڪي وري ٻئي. وري ناگريڪتا جو مسئلو غريب هندو تبڪعي لاءِ ته ڄڻ چٽي آهي. ڀيل ، ميگھوار اڳين کي ڏکن ۾ وري ناگريڪتا نه هجڻ سبب ڪنهن به حڪومتي مدد کان به محروم رهجي وڃي!!!!.

ع1947 ۾ ۽ 1954 بعد جي  لڏپڻ ۾ هڪ وڏو فرڪ اهو آهي جي تنهن مهل لڏپڻ رڳو وڏي شهرن مان پئي ٿي. وري لڏي اچڻ بعد ناگريڪتا جا مسئلا ڪين هئا، پر ان باوجود لڏپڻ آهي جي نبرڻ جي نالو ڇو کڻي. احميدآباد ۾ ڊاڪٽر مليا ته سُٽي نوڪري ڪندڙ بينڪن جا ملاجم نوجوان. اهو ئي سنڌ ۾ ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ احوالن جي اڀتر نه رڳو اتر سنڌ پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪونڊ ڪورچ مان هندو پيا لڏڻ. جيڪر چيو ويو ته موٺي وڃو ته پنهنجا پاسپورٽ سارڻ ۾ به دير ڪون ڪن.  !!!سنڌ موٽڻ کان جيلن ۾ بند ٿيئڻ ٿا قبولن !!!هڪڙي هندو هندستان جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪر سردهيون ڪلاڪن لاءِ به کوليون ويون ته لکن جا  لک لڏي ايندا

 وائسڙو ڪندڙ ڳاله آهي جي ايتري پريشانيون هندي به  ڪنهن ڪدر لڏپڻ نبرڻ جو نالو نٿي کڻي!. ع1971 ۾ 90،000 هندو لڏي آيا جڏهن  هندستان جي فوج سنڌ ۾ گھري آئي هئي. لڙائي بعد هندستان حڪومت جي زبردست دٻاءُ جي باوجود هڪ به هندو موٽي ڪين ويو. هندستان جي حڪومت هندن کي سکت لفظن ۾ آگھا ڪيو ته  جيڪي موٽي نه ويندا ته کين جيلن ۾ بند ڪيو ويندو ۽ ضيوير پئي ته ڳوليون به هلايو ويندو پر ان جي باوجود هڪ به هندو موٽي ڪين ويو. تنهن مهل نه ته جنرل ضئا هو ۽ نه ئي بابري مسجد جا فساد پر ان جي باوجود هندو لڏي آيا. جوڌپور ۾ هندو سنگھ سوڍا جيڪو 1971 ۾ ئي سنڌ مان لڏي آيو هو مون سان ڳالهائندي چيو ته “ڪراچي مان کوکراپار واري سرهد هڪ ڏنهن جو پنڌُ آهي پر ان جي باوجود جيڪر سرهديون ٽن ڏنهن لاءِ به کليون ته هڪ به هندو سنڌ بلوچستان ۾ ڪون بچيندو!!!”

 ايڙهي ڳاله ناهي ته هندستان جا سنڌي اڳوان سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن کان اڻ واڪيف آهن پر مسئلو آهي آهي ته سندن پنهنجي سياست ئي ڪجه ان ريت ڪئي آهي جي پنهنجي قوم لاءِ ڪجه به ڪرڻ کان پاسرا ٿيندا آهن. ان لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجو پنهنجو مِنهون آهي. ها پنهنجي سياست لاءِ کين ايڙهيون ڪا به تڪليف يا مجبوري پيش نه ايندي آهي . اجيب جيڙي ڳاله ته ها آهي جي سنڌ ۾ ۾ هندو نمائيندا ساڳي ريت جو وهنوار ٿا رکن. جڏهن سنڌي هندو نمائيندا ئي ڪجه ايئن هجن ته غريب مسڪينن جي وائي ٻڌي ڪير ؟

 ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌي هيڪڙي برادري آهي جنهن قوم پرڏيه ۾به  وسيل آهي. هندستان ۾ تميلن جو هڪ حصو شريلنڪا ۾ ٿو وسي، هندي ڳالهائندڙ فِجي ۽ مروشِيس ۾ ٿو رهي ۽ بنگالين جو هڪ وڏو تبڪعو بنگلاديش ۾ ٿو رهي پر ان جي باوجود سندن پرڏيه ۾ رهندڙ توڙي  هندستان ۾ وسيلن هڪ ٻئي  لاءِ اوپرا ناهن!!!!. هندستان جي سنست لوڪ سڀا توڙي راجيه سڀا ۾ پاڪستٿان ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن  وروڌ ۾ ڳالهائو. اهو ئي ان مسئلي تي هندستان جا مسلمان ميمبرن تائين ڳالهائو، پنهنجا وات جيڪر ڪن ٺاڪي ويٺا ته رڳو سنڌي ميمبرءَ!!! بدقسمتي اها آهي جي نه ته آڏواڻي ڪجه ڳالهائو نه جيٺملاڻي. هي اهو ئي آڏواڻي آهي جنهن آسام جي فسادن جي 14 صوفن جو بيان پڙهو هو سنسد ۾ پر سنڌين لاءِ کائينس هڪ اکر تائين ڳالهائڻ ڪين پُڳو . اهو ئي کين سنڌ ۾ ٿيندي هندن تي ظلمن جي ڄاڻ جي باوجود لک ڪوشش جي باوجود هڪ خط لکڻ تائين ڪون پڳو (مان پاڻ ئي جام ڪوشش ڪيون ان بابت)

 پاڪستان ۾ 95 سيڪڙ هندو سنڌ توڙي بلوچستان ۾ ٿو رهي يانعي هو سنڌي هندو ئي آهي پر ان جي باوجود ايڪڙ ٻيڪڙ جلنس کان سوائي ماٺ ئي رهيا آهن ڄڻ ڪجه ٿيو ئي نه هجي. اسين اهي ئي هندستان جا سنڌي آهيون جيڪي رام مندر جي جاکڙي نسبت ان ئي لعل ڪرشن آڏواڻي جي اڳيان پُٺيان ڊڪياسين ڀلي هن ڪڏهن سنڌين جو ڪدر ڪين ڪيو . اهو ئي نه جيڪر ڪنهن کان وسريو نه هجي ته احميد آباد جي سنڌين کي ياد هوندو ڪيئن رٿ ياترا مهل سڀ سنڌي گڏ ٿيا هئا اهو سوچي جي آڏواڻي سندن لاءِ به ٻه لفظ ڪون ڳالهايا پر ان جي باوجود ڪو به سنڌ لعل ڪيشن آڏواڻي تي فڪر ڪرڻ فڪر پئي سمجھيو.  جيڪي کيس سُڃاڻن سي چون ته آڏواڻي سنڌين جي مئسلن تي ڪرڻ ته پري  کتو جواب ڏيندو هو. هاڻي گھٽ ۾ گھٽ هو ٻُڌندو ته آهي !!!!

1992 کان 2012 تائين ڪجه ڪين مٽيو آهي. تنهن مهل به هندستان جا سنڌي بابري مسجد جي فسادن مهل سنڌ ۾ هندو سنڌين تي ٿيندڙظلمن  تي ماٺ رهيا اڄ به سنڌين تي ٿيندڙ ظلمن تي ماٺ آهن. رام مندر ته اڄ تائين ڪون ٺهيو پر سنڌ توڙي بلوچستان جا سون گھرن ۾ ماتم ڇايل رهيو، سون جي ڳڻپ ۾ مندرن کي ڊاهيو ويو، ٻيو جيڪو سنڌي نياڻيون سان ٿيو سو ڌار. جيڪر ڪنهن به ڪجه ڳاليون سو اٽل بهاري واجپيئي هو جنهن کي هندستان جا سنڌ ايئن به ڪڏهن ازت ڪين ڏني آهي.!!!!

 چوندا آهن ته جيڪر ڪنهن به قوم کي ناسُ ڪرڻ هجي ته ان قوم جي اتهاس کي اڳواٽ ناسُ ڪجي. سنڌ فتح بعد عربن ايئن ئي ڪيو جيڪو رواج هندو سنڌي اڳواڻن پئي ورجايون. هنن هندستان ايندي شرت ئي ايلان ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪئي ته هاڻي اسان کي ان ملڪ ۾ کير کنڊ ٿي وڃڻ کپي. آچاريه ڪرپلاڻي ته سري عام چوندو هو. 1947 يا 48 ۾ ڪويٽا ۾ فساد ٿيا ته هو سنڌ جي دوري ۾ اچي چيو هو ته هندو رڳو ان حالت ۾ ئي رهي سگھندا جيڪر هو اسلام قبول ڪندا. ايڙها بيان مايوس هندن ۾ کوف پيدا ڪيو. هندستان جي سنڌي اڳوانن رڳو ان لاءِ کير کنڊ جي ڳاله ڪندا هئا ته جيڪر سنڌي،  هندو سنڌي نه رهندا ته ساڻس ڪو سنڌ ۾ ڪيل غلطيون بابت پُڇيندو ئي ڪون !!!! سندن سِک جو اثر مونکي جوڌپور ۾ ٻُڌڻ لاءَ مليو جڏهن اُٿئون جي هڪ سنڌي هندو  لوهاڻي ۽ ساماجڪ اڳواڻ اهو ڇوندي ڪا به مونجھ مهسوس ڪين ڪئي ته “سائين اسين ڀيل، ميگھوار ، ڪولي يا سوڊن کي سنڌي ڪري ڪين سمجھندا آهيون ڀلي هو سنڌ جا هجن يا سنڌي ڳالهائندا هجن” اهو ان جي باوجود جي اسين سنڌ ۾ هجارن سالن کان ساڻس رهياسين. !!!!!!
اهو سڀ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو قوم پنهنجي وراست کي وساري  پنهنجي اتهاس کان پري ٿيندو آهي. اسين جو ورتاءُ پنهنجي ئي ماڻهون ڏانهن پورو هندستان ڏسي پيو. هندستان ۾ 28 صوبا آهن پر 1600 ٻوليو. هر قوم کي صوبا ناهي پر ان جي باوجود سنڌين جي اڀتر انهن قومن جون قومييپرستي سڄاڳ آهي  ۽ شال هميشاه رهندي.
پر ان سڀن جي باوجود هڪ ڳاله نه پڪ آهي جي ڪنهن نه ڪنهن ڏنهن ، ڪنهن نه ڪنهن وقط اسين لوهاڻن کي هنڌوستان جا اڻ سنڌي هندو به سوال ضرور  ڪندا ته “ سائين جيڪر اوهان پنهنجن يا پنهنجي اتيت ءَ (ماضي)، پنهنجي سنڌين کي سنڌي ڪري ڪو ليکيو،  ته اوهان اسين سان ڪيئن ٿا ٿي سگھو؟”

ان سوال لاءِ هندستان جي هر سنڌي کي تيار رهڻو کپي !!!!!!!
  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *