سُر پنهنجن جا


سُر پنهنجن جا

“سائين هندستان وارا اسان کي پاڪستاني هئڻ جا ميهڻا ٿا ڏين، پاڪستان وارا ته هميشاه ئي اسان هندوستان جو اجيٽ پئي ليکندا آهن وري سنڌي (هند جا) ته وارا ته اسان سنڌي ڪري به ڪون ٿا ليکن!!.”


اهي لفظ هئا مالي جاتي جي سنڌ لڏي آيل هڪ نوجوانءَ جا جيڪو هينئر جوڌپور ۾ رهي ٿو. ۽ سنڌ مان لڏي آيل هندن جي تنظيم سيمانت لوڪ سنگھٽن جي جو اهم ڪارونن مان هڪ آهي.


ان نوجوانءَ جي لفظن جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ مونکي ڪو گڻو پري نه پر جوڌپور ۾ ئي ان جي مثال ملي جڏهن مونکي لوهاڻن جي هڪ  سنڌي پنچايت جي هڪ اهم احديدار بي حجاب چئي ڏنو ته سايئن “اسين کين (ڀيل، ميگھوار، مالي وغيراه) کي سنڌي ڪري ڪون ليکندا آهيون”. دلچسپ ڳاله ته اها هئي ته  سندس بيان جو ڪنهن به موجود پنچايتي مکاتليف ڪون ڪئي. اهو سڀ ان جي باوجود جي اهي جاتيون سنڌ مان لڏيل آهن ۽ ڊاٺي (سنڌي جو هڪ لهجو) پئي ڳالهائندا آهن. وري جيستائين ڳاله لڏي آيل جي مارواڙي جو به ڳالهائڻ جو آهي ته راجستان  ۾ سنڌي ۾ مارواڙي پئي جام ڳالهائن پر پنهنجن کي پنهنجا ڪري ليکڻ لاءِ اصل ئي تيار ناهن !!!


اها ڳاله مونکي سيمانت لوڪ سنگھٽن جي سدر شري هندو سنگھ سوڍا به واجيه ڪئي ته “سنڌ مان لڏندڙ ڀيل ميگهوار ٻن ڪسمن جا آهن مثلن هڪڙا اهي جيڪي سدين اڳ راجسٿان مان سنڌ لڏي ويا (مارواڙي ڳالهائندڙ) ۽ ٻيا اهي جيڪي سنڌ مان ئي مون ڀيل ۽ ميگواڙ آهن (سنڌيءَ جو ڍاٺي لهجو ڳالهائندڙ)”. پر دلچسپ ڳاله سوچڻ جي ڳاله ته اها آهي جڏهن ته ورهاڱي مهل ايتري لڏپڻ تي پوءِ هو ڇون نه لڏيا ؟، سندن جي ڇڪ ته هندنستان ڏانهن ٿيئڻي کپندي هئي. وري هتئون جا هم جاتي هندو به سندن بابت ايڙهي ڪا به هلچل ڪين ڏيکاري آهي ، ڇا اها ڇِڪ هڪڙي پاسي ڏانهن آهي؟.


ٻيو ته ٺهيو اڄ به جڏهن سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي هندو لاءِ زمين تنگ پئي ڪئي وڃي ته به هٿئون جي هندن ۾ ايڙهي ڪا به هلچل ڪون پئي نظر آئي آهي سنڌ مان لڏندڙ پنهنجي مارواڙي ٻائرن لاءِ . راجستان جي صوبي ۾ جيڪر ڏسجي ته تمام گھڻيون حستيون آهن جن جا سنڌ سان لاڳاپا آهن. مثلن اڳوڻو پرڏيه وزير شري جسونت سنگھ جا ناناڻي سنڌ جي ٿر پارڪار جا آهن. وري هاڻوڪو راجسٿان صوبي جو وڏو وزير پاڻ به مڃيو آهي هو به سنڌ جو ئي آهي ۽ هو 1965 ۾ لڏي آهيون هو.


 جيڪر هندو جاتيون جي ڳاله ڪجي ته جيڙهي ريت گجرات يا راجسٿان ۾ جاتيو آهن ساڳي ريت سنڌ ۾ به آهن پر مسئلو سنڌين سان اهو ئي ٿي پيو آهي ته لوهاڻن ايڙهي ريت پاڻ کي سنڌي سماج ۾ هاوي ٿيو جي پنهنجي هم جاتيون کان ئي پري ٿي ويو آهي. جڏهن ته گجرات ٿا راجسٿان جا ڀيل، ڪولي يا ميگھوار پنهنجي پنهنجي صوبي جا ڪوٺائيندڙ آهن پر سنڌين ۾ اهي ساڳي جاتي وارا پاڻ کي اڻ سنڌين ڪوٺائڻ لاءِ ئي ماندا ٿا ڏسجن..!!!!
مول ڳاله ته اها آهي جي ايئن ڇو آهي جي سنڌ مان لڏيندڙ سنڌي دليت (شڊول ڪاسٽ) لڏڻ بعد اڻ سنڌين ۾ پنهنجي سڃاڻپ پئي ڳولهڻ ۾ ماندا نظر ايندا آهن ؟ ڇو هندنستان جو سنڌي سماج 4 لک سنڌي دليتن کي پنهنجو سمجھڻ ۾ پاسيرو ٿيندو رهيو آهي.؟ هڪ ايڙهو قوم جنهن ۾ همسشاه جاتيون جي وجود کان ئي انڪار ڪيو ويندو آهي سي پنهنجي ئي برادري  جي پوئيتي پول جاتيون  بابت ڪيئن خاموشي ڪري سڀ نظارو پئي ڏسندو رهيو آهي . هندستان ۾ ڄاول ٽهي بابت ته سمجھي ٿو سگھجي پر ايئن ڇو جي سنڌين بابت ورهاڱي کان اڳ ڄاول ٽهي ڪيئن خاموش رهي !!!


کير، جوڌپور واري تاجي دوري جي پهرين ڏنهن مونکي ٻُڌايو ويو ته سرڪِٽ هائوس پُڄڻو آهي . مون ساڻُ دهلي مان ايل هڪ رِسرچر پڻ هئي جيڪا پاڪستان مان لڏي آيل هندو تي ريسرچ پئي ڪري. سرڪيٽ هائوس ۾ اسان جي پڄڻ کان اڳ ئي ڪي ماڻهو اڳي ئي موجود هئا. اتي موجود ماڻهون جي ان ۾ خاص دلچسپي هئي ته اسين اخبار نويس ته ناهيون. ؟ ان مان هڪهڙي ته وڏي چاه سان جوڌپور جي هڪ هندي اخبار مان  هڪ احوال پڙاهيو جنهن ۾ سندس ۽ سنڌيس رهبر جي جوڌپور ۾ پُجڻ جو احوال هو. ان بعد ڳاله ٻوله جو سلسلو شروع ٿيو. دهلي جي رسيچر ته پنهنجي واڪفيت ڏني پر هميشاه واڱر مونکي هڪ بلاگر جي روپ ۾ سڃاڻپ ۾ جام تڪليف ٿي. موجود ماڻيون مان هڪ ڄڻي سندن بابت ڳالهائدي چيو ته اسين آديواسي (اڳوڻا رهاڪو يا مول رهاڪو) جي سنسٿا پاران  آهيون. اسين آديواسين لاءِ آواز بلند ڪندا آهيون. سائين جن (پنهنجي رهبر ڏانهن اشارو ڪندي) ته آديواسين جي تنظيم جا پوري هندستان جا سدر آهن ۽ آئون راجستان اِڪائي جو. سائين جن جو ته پوري مهينو ئي هندستان جي ڪونڊ ڪُرچ جي سير سفر ۾ پئي ئي گجرندو آهي، آديواسين جي مسئلن سانڱي. سائين سومڀائي  اٺ ڀيڙا گجرات جي داهود مان سانسد ( ايم پي) رهيا آهن جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ جي ڇونڊن ۾ قامياب ڪين ٿي سگھيان پر سندس واڪفيت هندنستان جي هر پارٽي توڙي سياسي اڳوانن سان آهي. اسين نه رڳو هندستان پر پوري دنيا جي آديواسين لاءِ جاکڙو ڪندا آهيون. اڃا هو پنهنجي رهبر بابت ڳالهائي ئي رهيو هو سمانت لوڪ سنگھٺن جي سدر شري هندو سنگھ اچي پهتا ۽ اسين سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن ۽ ميگھوارن جي هڪ ڪيمپ ڏانهن رواڃا ٿياسين.


اها بستي جوڌور شهرءَ جي هڪ ڪونڊ ۾ هئي. الاڪو پورو ويران پئي لڳو. نه ته ان بستي ۾ ڪا بجلي هئي ۽ نه ئي واٽيون پڪيون هئون. گھر به سڀ جوپڙيون وارا هئا جڏهن ته بستي جو هيڪلو اسڪول ئي امارت پڪي ڇت واري هئي. هندو سنگھ سوڍا موجب ان اسڪول جي آڏاوت  لاءِ به جام ميهنت ڪئي وئي آهي. هن اشارو ڪندي چيو ته ڀيڪ ۾ جيڪا گوشالا اڏائي وئي آهي جنهنکي پنهنجي ڇت آهي باڪي لڏي آيل انسانن کي ٽڪر زمين ڏئي ڄڻ حڪومت ٿوڙو لاٿو آهي.


ان جسلي جي رٿا موجب  اسين ان بستي ڏانهن وڃڻو هو جتي اديواسي اڳوان جي موجودگي ۾ هڪ ريت جي عام جلسو يا پبليڪ هيرينڱ جو انتجام ڪيو ويو. ايئن ته اهو ميڙارڪو ڏهين لکي شروع ٿيئڻو هو پر ڇاڪاڻ ته اڳوان پهتا ئي ٻارهين لڳي سو ڪلاڪ ٻن جي انتظار نيٺ اها نيٺ شروع ٿي. هي پهرون ڀيڙو هو جڏهن مان ڪنهن ڀيلن جي ميڙاڙڪي ۾ موجود هوس. ڀيلن ۾ هڪ رواز آهي ته هو پنهنجي مهمانن کي ڊول نگاڙن سان آجان ڪن. ان بيد ان پبليڪ هيئريڱ شروع ڪئي وئي.


هڪ وائيڙو ڪندڙ ڳاله ته اها هئي ته جيتوڻيڪ آديواسي اڳوان پوري دنيا ۾ اصلوڪن ماڻهون جي حقڻ جي ڳاله ر ڪئي پر کين سنڌ ۾ رهندڙ دليتن بابت ڄاڻ نه جي برابر ئي. جڏهن ته راجستان صوبي جي سدر پنهنجي رهبر جي نالي ايتري ته ڊگھي تڪررير ڪئي جي نيٺ کين اشارو ڪيو ويو ته ابا هينئر بس ڪيو. رهجي ويل وقط سائين ڀيل بابت ڪجه ڳالهائون جن ۾ ڀيلن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڳاله ته پري بس مڙئي هدايوتون ئي هئون ڄڻ هو ڪو دارميڪ اڳوان هجي. مثلن ڀيلن کي مهنت ڪرڻي کپي، دارون نه پيئڻو کپي، پنهنجي ٻارن ٻچن ڏانهن ڏيان ڏيئڻو کپي وغيراه وغيراه. سندس رهبر جيتوڻيڪ کين  ڪي مثال ڏنا ته ڪيئن سنڌي (لوهاڻا) مشڪل حالتون ۾ 1947 بعد گجرات ۾ پاڻ کي وسايو ۽ ڪک مان لک ٺاتا. سندس چوڻ هو ته سرڪاري زمين عوام جي آهي. اوهان کي جيڪا زمين صحيح لڳي سا والارو اسين به ڏسنداسين ته ڪيئن حڪومت اوهان کي ان زمين اوهان کان واندائي ٿي.  هون جيتوڻين ان جي دلجاءِ ڏني ته هو دهلي ۾ جدا جدا سيڊول ڪاسٽ جي سرڪاري سنسٿئون ساڻس سنڌ مان لڏي آيل سيڊول ڪاسٽن بابت ضرور ڳالهائندو جيئن سندن بابت ڪجه سرڪار به ڪري.


سيمانت لوڪ سنگھٽن جي ڪاروڪنن موجب جيتوڻيڪ سومجي ڀائي هي پهرون ڀيڙو اسان ڏانهن آيا هئا پر سندس پوئيلڳ ته راجسٿان ۾ رهندي به ڪڏهن سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن جي ڏکن سُرن کي سمجھڻ جي ضرورت ڪون مهسوس ڪئي. سالن اڳ هو ڀيلن جي ڪنهن جسلي ۾ آيو هو ان بعد سائين غايب ئي رهيو آهي. جلسي کان اڳ به هندو سنگھ سوڍا به ان ڳاله واجيه ڪئي هئي ته سندس اها ڪوشش رهي آهي ته جيئن سماجي طور اڀري آيل ڀيل ۾ سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن جي جسلن ۾ اچن جيئن سنڌي  ڀيلن کي به اهو مهسوسو ٿئي ته سندن جاتي وارا به ڪيترا ترڪي ڪئي آهي پر ان ۾ ساڻس ڪا به وڏي ڪاميابي ڪون ملي آهي.


سنڌ ۾ سنڌي ڀيل يا ميگھوار رواجي سنڌين کان به وڌيڪ ستايل ٿو هجي. جبرن جوان نياڻيون جو اغوا، هر سرڪاري توڙي سرڪاري مهولتيون کان مهروم ۽ ڪنهن به انساني حقن کان پري هو هڪ ضليت جي جندگي گاريندڙ آهي. ايئن ته سنڌ ۾ هندو هئڻ ئي وڏو ڏوه آهي ۽ وري جيڪر ڪو دليت ٿو ٿئي ته اهو ٻٽو ڏڇو تو ٿئي پوي.


جسلي ۾ اها ڳاله ڀيلن به قبول ڪئي ته سنڌ مان لڏڻ سبب سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم  توڙي تڪليفيون  ته نبري ٿيون وڃن پر ٻيون مُسبتيون اچي ٿيون وڃن. اسان جي اها نماماڻي منٿ آهي حڪومت اسان تي به رهم ڪري. ان ميڙاڙڪي ۾ هندو سنگھ سوڍا ڪن ايڙها خُلاسا ڪيان جن بابت سايد ئي هندستان جي سنڌين کي به ڪا خبر هئي، هنن چيو ته ڀيل  سنڌ مان سان جي هڏ هڻڻ بعد جڏهن سنڌ مان لڏڻ جو معڪو به ملو ته کين پاڪستان جي بارڊر ته پاڪستاني فوج ته اچڻ ڏنو پر هندستان جي بي ايس ايف سندن تي ڳوليون هلايون جن سبب ڪي لڏندڙ ڀيل مارجي ويا، جن مان هڪ ضائيفا پڻ هئي جيڪا پنهنجي بچڙي کي کير پيئاري جڏهن کيس ڳولي لڳي. اسين اهي ڏک وساريا ناهين ۽ اسين انهن ڪاتيلن کي سڄا ڏيئاري ئي  ماٺ ٿينداسين. اها ڪيتري نه شرم جي ڳاله آهي ته اهو سڀ ان ملڪ ۾ پيو ٿئي جتي جيڪر ڪو پکيون جو به جهنڊ به پرڏيه مان لڏي ايندو آهي ته ان ضلعي جو ڪليڪٽر ان پکيون جا فوٽو کيچي گدگد ٿيندو آهي پر هت انسان آهي، تڏهن به ڪو وائي ٻُڌڻ وارو ناهي!!”


ان ميڙاڙڪي بعد هڪ پريس ڪانفرينس ٿيئڻو هو پر پوءِ اهو ٻڌايو ويو ته سومجي ڀائي شهر کان نڪري چڪا آهن .  سيمانت ڪول سنگھٽن جي ڪاروڪن موجب  راجسٿان واري ايهديدار اهو نه پئي چاهيو ته موجود حڪومت جي ناڪامي جي ڳاله هندو سنگھ سوڍا ڪري. مايوس ڪندڙ ڳاله ته اها هئي ته اهو سڀ هڪ ايڙي اڳوان  پاران ڪيو ويو جيڪو پاڻ به هڪ ڀيل جاتي جو فرد ڪري پاڻ کي پيش ڪندو رهيو آهي!!!


سومجي ڀائي ته پنهنجي تڪرير ۾ ايستائين چيو ته لڏي ايندڙ ڀيلن کي واندي سرڪاري زمين والارڻ کپي پر جيڪر ڀيلن ايئن ڪيو ته هو سائين ڪوڙهو ڪردار ادا ڪندو اهو چوڻ يقينن ڏکيو آهي، پر اهو ممڪن آهي هو ڪجه ڳالهائندو خاص ڪري ِانهن  جسلن ۾ ٿوڙي ميڙارڪن ۾ جتي پوئيتي پول جاتيون بابت هجي


هڪ لڱي ڏسجي سنڌ توڙي پاڪستان ۾ لڏي ايندڙ ڀلي ڪو رواجي لوهاڻو هجي يا ڪو دليت سنڌي،  سندن مسئلا ساڳيا ئي آهن ته کين ست سال بعد ناگريڪتا ٿي پئي ملي (جيڪر هو 1947 کان اڳ جاول آهن يا نه ته 12 سال) پر وڏي ڳاله ته جيستائين کين ناگريڪتا يا شهريت ملي کين هڪ ئي شهر ۾ جي 20 ڪلوميٽر جي دائيري کان ٻاهر بنا حڪومتي موڪل جي نٿو وڃي سگھي. ڪانون کيس پين ڪارڊ يا ڪو به سڃاڻپ ڪارڊ نٿو ملي سگھي. هر سال ايل ٽي وي پئي وڌائڻي پوي، وري ٻارن جي اسلوڪن ۾ دڪت، پڇاڙيءَ ۾ پاڪستان مان لڏي اچڻ جو ٺپو سو ڌار ڏچو. وري جيڪو جو غريب دليت هجي ته سو ته ڳاله ئي ٻئي آهي. هندستان ۾ جيڪو به سرڪاري سهُلتيون دليت يا سيڊول ڪاسٽ هئڻ سبب ڪا به سرڪاري مددن  کان سنڌي دليت مهروم ٿو رهجي.


پرسال 1100 ماڻهون جو هڪ جٿو سنڌ مان هندستان لڏي آيو جن مان 200 يا 300 سنڌي باگڙي برادري جا هئا. ٻيا ته اندور ۾ وسايا ويا باڪي باگڙي برادري دهلي تائين رک ڪيو. انهن دهلي ۾ جام ڏک ڏٺا ان هد تائين جي کين ڊسبمر جي ٿدي رات ۾ يومونا جي ڪناري سٽيو ويو، جيئن پاڪستان جبرن واپس موڪلڻ سگھجي. نيٺ  هندو مهاسڀا  پارا جاکڙي سبب معملو دهلي هائي ڪورٽ پهتو جتي ٽن پيشيءَ بعد نيٺ حڪومت پڻ کين جٿي جا ويزا هجڻ جي باوجود ايل ٽي وي (ڊگھي ارسي لاءِ ويزا) ڏيئڻ جو فيئسلو ڪيو. دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي سن فئسلي جو فائدو به سنڌ مان لڏي آيل هر هڪ سنڌي هندو کي ٿيو ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ جٿي وارا ويزا ڪون وڌايا ويندا هئا. ۽ هاڻي ان جو فائدو جام سنڌي هندو هندستان لڏي ايندا آهن پر ان جي باوجود گڏجي جاکڙي اسين اصل تيار ناهيون.!!!


سنڌ  ۾ ٿر وارو الاڪو ڏسجي ته ايتهاسڪ طور نه رڳو ڀيل ، ميگھوار توڙي راجپوتن جو ڳڙ رهيو آهي پر هندن جو هڪ خصوسي الاڪو رهيو آهي. جڏهن ته سڄو سنڌ مخمل طور مسلمانن جي حڪومت هيٺ هو اهو ٿر پرڪار ئي هو جٿي وڌ کان وڌ وقط تائين هندن جي هيٺ هو، پر نه ڄاڻ ڇو اسين اتر کان ڏکن سنڌ مان لڏي ايندڙ جا هندو سنڌي ڪڏهن به ٿر کي ايڙهو ڪو به مول ڪين ڏنو آهي جيڪا ڳاله  ڪنهن جي به سمجھ کان ٻاهر آهي. اهو ئي نه ٿر جي هندو ثقافت تي جام سنڏي هندو پي ايڇ ڊي تائين ڪئي آهي.


ع1971 جي لڏپڻ ۾ 90،000 هندو لڏي آيا جن جو وڏو حصو ٿر جي هندن جو هو پر ازيب جي ڳاله اها آهي ته ان ڪو ڪو خاص ذڪر هندستان جي سنڌين ۾ ناهي. هند جو سنڌي ساهتيه جن ۾ 70 سيڪڙو ورهاڱي جو روئڻ ۾ نبريل آهي پر 71 جي لڏپڻ بابت سايد ئي ڪنهن گھڻو لکيو آهي. ان جو مطلب اهو ته ناهي ته رواجي لوهاڻا سنڌي ٿر جي سنڌين کي پنهنجو ڪون ليکيو آهي ان جي باوجود جي اسين انهن ڀيلن، ميگھوارن توڙي سوڍن سان هجارن سالن کان رهيا آهيون!!!!


سنڌ مان ٿيندڙ هندن جي لڏپڻ سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏي چُنوتي آهي بر بدقسمي سان هندستان جي سنڌي قوم جيڪو ردي عمل رهيو سي يقينن ڏکاندڙ رهيو آهي. ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌي قوم ان پيماني ٿي ٿيندڙ لڏپڻ کان اڻ واڪيف آهي ۽ ايڙهي ڳاله ناهي ته هندستان جو سنڌي قوم ڪنهن ريت بيوس آهي ڪجه به ڪرڻ کان. ٻنهن وڏيو سياسي تنظميون مثلن بي جي پي ۽ ڪانگيس ۾ سنڌي اڳوان آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي نجي سگھ ۾ سنڌ ۾ رهجي ويل هندو توڙي لڏي آيل سنڌين بابت لابي ڪري ٿا سگھن . پر سال سنڌين جي جدا جدا سماجڪ تنظميون ڪانگريس جي سدر شريمتي سونيا گانڌيءَ سان مليون جنهن سان ملڻ هميشاه سهُلو ڪون ٿو ٿئي پر ان جي باوجود ايڙهي چاه اسين سنڌ مان لڏي ايندڙن بابت ڪون ڪئي آهي.


بي جي پي وارن ۾ ته سنڌين جي گھڻي ۾ گھڻي نمائيندگي رهي آهي پر اتي ۾ ساڳيا منظر آهن. سنڌين مان ڪو ڪڇڻ لاءِ تيار ئي ناهي.!! جيتوڻيڪ پي جي پي پاڪستان ۾ ٿيندڙ هندون تي ٿيندڙ ظلمن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي پر نيٺ جاکڙو ته سنڌين کي ئي ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ فاٿل هندون جو 95 سيڪڙو هندو سنڌي نصل جي جي آهي.


سنڌ مان لڏي ايندڙ ڀيل، ميگھوار، ڪولي، مالي يا لوهاڻي جو جيڪر سُر محسوس ڪري سگھندو ته اهو هندستان جو سنڌي قوم ئي آهي پر مسئلو اهو آهي جي ان قوم مان ڪيڙهي اميد ڪجي  جيڪا پنهنجي قوم کي ئي پنهنجو نه سمجھي!!!!!
 

  



.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *