سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊيجٽائيليجيشن

جان کان ڪمپيوٽر ۾ ڊيجيٽل انٽرفيس (تسوري نظارو) جو اِجاد ٿيو آهي تان کان ان جي ڪم جو دائرو کي ڪنهن ڪدر وڌائڻ جي جدوجهد هلي پئي اچي. خاص ڪري لکڻ پڙهن جي نسبت. ان سوچ کي تنهن مهل ذور مليو جيڏهن ماڪروسافٽ وِنڊوج ماڻهن جي اڳيان پيش ڪيو. ڇوڻ لاءِ ته سٽ جي ڏهاڪي ۾ ئي ڪمپيوٽرن وجود ۾ اچي ويا هئا پر ڪمپيوٽر سان عام رواجي جي واٽ وِندوج جي وجود ۾ اڇڻ سان ئي پُکتي ٿي. پر ڇو ته ڪمپيوٽر جو ايجاد اولهدي جي ملڪن ۾ ٿيو سو ان جو پورو فائدو به رومن لپيون کي ئي ٿيو. پر هوريان هوريان اڻ رومن لپين لکندڙ ان ڪريشمي ڏانهن ڇڪنديون ويون. پر ان جي باوجود يونييڪو جيڙهي ڪا شئي نه هجڻ سبب ڏيهي ٻولي لکڻ هميشاه ئي ڪهن ڇوُنئوهوتي کان گھٽ نه هو .
يونيڪوڊ جي ايجاد ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ هڪ نيون جنون کڻي آيو. يونيڪوڊ جي ايجاد سان جيڪو مصلو رومن ۽ اڻرومن لپيون ۾ هو سو لڳ ڀڳ هميشاه لاءِ کتم تي ويو. يونڪوڊ سبب اهو ممڪن ٿي سگھو ته ڪو به شخص دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ رهي ، ڪنهن به آپريٽنگ سسٽم هلاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۽ لپيءَ سان ڳنڊجي سگھي ٿو. يونيڪوڊ سان اهو به مصلو آهو ته يونيڪوڊ کان اڳ واري مواد کي ڪيئن ڪمپيوٽر ۾ آڻجي ۽ ايتئون  ئي شروع ٿي ڊيجٽائيليجيشن جو کيال. ڊيجٽائيليجيشن پاڻ سان ڳڏ ڪي اهم سهلتيو پڻ کڻي آهي جيڪي ڪجه هن ريت آهن
·        آڻ لڀ ڪتابن جي ٻهر پڙهنڊڙن جي اڳيان پيش ڪرڻ جي سهوليت
·        لابريري ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ دوري کي ڪنهن ڪدر گھٽائڻ
·        پنهنجي ضرورت موجب سهولائيءَ سان ڳوله ((Searchable text) جيڪو عام رواجي ڪاغري ڇاپي ۾ ممڪن  ناهي.
اڻلڀ يا ڇاپي کان ٻاهر ڪتابن جو مصلو هڪ اڙهو مصلو آهي جنهن سان هر ڪنهن ٻوليءَ  منهن ٿي ڏيئڻو پوي. مصلو ان لاءِ ٿو اچي جي ڪتابن جي ڇاپي جي تعداد ڪتاب جي گھُر تي ڀاڙيل هوندي آهي. اهو ئي نه ان ساڳي ڪتاب جي ٻيو ڇاپو تڏهن ئي شايع ٿئي ٿو جڏهن ان ڪتاب جي گھر وڌي ٿي. ان سڀ ڪمن ۾ وري چڱو وقط به لڳي ٿو وڃي جنهن سان پڙهڌهندڙن جون تڪلفيون به وڌي ٿيون وڃن. ڊيجٽائيليجيشن بعد اڻلڀ ڪتابن جي نسبت ۾ فائدو اهو ٿئي ٿوجي ڪتابن کي ڇاپي کُٽڻ جي ڪا به گنجائيش ئي نٿي رهي . جنهن کي جيڙهي مهل کپي سو ڊائونلوڊ ڪري وٺي.
ٻيو مصلو ڪتان ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ دوُريون گھٽائڻ جو آهي. رواجي طور ڪتان پڙهڻ جا ٻه وسيلا آهن. هڪ ته ڪتاب وڻجي يا ٻيو ڪنهن لائيبري مان اوڌر ۾ ڪن ڏنهن لاءَ وٺجي. ڊيجٽائيليجيشن  سان ان ڪمن ۾ ڏاڍي مدد ٿي ملي. جيڪڏهن ڪتان ڊيٽلائيج ٿو ڪيو وڃي ته اي لائيبري جي زريئي پڙهي ٿو سگھجي. هندستان توڙي پرڏيه اڙهيون لائيبريريون تمام مقبول ٿيو آهن. جنهن جي مدد سان دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ رهي ڪري به پنهنجي ضرورت موجب ڪتاب پڙهي ٿو سگھجي.
ڊيجٽائيليجيشن ۾ جيڪو ٽيو فائدو ٿو ڏسجي سو آهي ڪتاب ۾ ڪنهن خاص لفظ جي ڳوله. رواجي طور  سان ڪتابن جي پڇاڙيءَ ۾ پنوترو ٿئي ٿو جنهن جي مدد سان ڪو به لفظ يا ذملو ڳولهي ٿو لڌو وڃي پر ساڳي سهوليت  ڊجٽل ڪتابن ۾ هاٿيون سهولائي سان تي ٿئي .
ڊيجٽائيليجيشن ۽ خاص ڪري ڪتابن جي نسبت تنهن مهل هڪ ذنون آيو جڏهن انٽرنيٽ جي وڏي ۾ وڏي سرچ انجن “ڳوڳول” دنيا جي 350 ٻوليون جي ڪتانب جي ڊيجٽائيليجيشن ڪرڻ جي پڌرائي ڪئي. ان ڪم جي نسبت چڱن ٻوليون تي ڪم به ٿيو. ان ڪم ۾ ڳوڳول ٽن سنڌي ڪتابن جي ڊيجٽائيليجيشن پڻ ڪئي جنهن ڪاڳري ڇاپا هيئنر هندستان ۾ اڻلڀ آهن،  مصلن ڪيپٽن جورج اسٽيڪ جي سنڌي ارگريزي لغت، انگريزي سنڌي لعت ۽ سنڌي گرامر (هي ٽه ڪتاب ديوناگري سنڌي ۾آهن). پر ان کان سواءِ تمان ٿوڙا ئي ڪتاب ڊيجٽائيليج ٿيل آهن، وري جيڪي ٿيا به آهن ته رڳو ڪتابن جي ڪور ، يعني جو به ڪتان مخمل ناهي. ساڳي ريت عربي سنڌي جو به ڪو حال سٺو ناهي. عربي لپي ۾ ڳوڳول ڪو گھڻو ڪم ڪون ٿيو آهي. هندستان ۾ ان جو هڪ سبب ته سمجھي ٿو سگھجي ته نئي ٽهي جي بيروُکي آهي پر جيڪڏهن سنڌ مان شايع ٿيندڙ ڪتابن سان ايڙهو وهنوار ٿئي ته ڳاله يقينن سمجھ کان پري آهي. ساڻ ساڻ اهو به ممڪن آهي ته ڳوڳول به پاڪستان جي اردو يا انگريزي ميڊا جو شڪار ٿيل ٿي ڏسجي جيڪي سنڌيءَ کي هيٺ ڪري ڏيکارڻ جو ڪو به معڪو ڪون وڃائيندا آهن. ٿي ٿو سگھي ته ڳوڳول به ان پروپاگينڊا جو شڪار ٿيل هجي ڇو ته سنڌي کان سوائي پاڪستان جو ڪو به ڪوم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ لک پڙه نٿو ڪري. (اردو پاڪستان جي ڪنهن به اصلوڪي قوم جي ٻولي ناهي)
جيتوڻيڪ ڳوڳول جي نظر مان سنڌي ڪنهن ڪدر وسريل آهي پر ان جي باوجود سنڌ ۾ سنڌي ڪتابن جي ڊيجٽائيليجيشن ۾ چڱو ڪم ٿيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، جا،شورو سنڌ کوڙ سنڌي ڪتاب ڊيجٽائيليج ڪري پنهنجي سائيٽ ۾ شايع ڪيا آهن. سنڌي ادب جي آڙهي ڪا به صنف ناهيجنهن ۾ ڊيجٽائيليجيشن ڪون ٿي هجي.  مصلن ڪهاڻي، ناول، مضمون، ناٽڪ، رسالا وغيراه هر صنف ۾ ڪم ٿيو آهي. سندن ورهاڱي کان پوءِ توڙي اڳ جو ساهت کي ڊيجٽائيليج ڪيو ويو آهي  جنهن لاءِ ادبي بورڊ کيڻ لهڻي. سابس آهي ادبي بورڊ کي جنهن ان ڪم کي انجام ڏنو آهي. جيتوڻيڪ  ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٽيڪناجي جي نظرئي سان سنڌ ادبي بورڊ جي هندستان ۾ ٿيندڙ  ڊيجٽائيليجيشن جي ڪم ۾ ڪنهن ڪدر پوئيتي آهي پر ان جي باوجود جي ڪم سنڌي ادبي بورڊ ڪم ڪيو آهي سو گھٽ ناهي. اهو سبب آهي جي سنڌي ڀلي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪرڇ ۾ رهي ڪري به سنڌين ساهته سان واٽ ڳنڊي ٿو سگھي. اها پاڻ ۾ هڪ وڏي ڪاميابي جي ڳاله آهي.
ان کان سوائي سنڌ ۾ ايڙهيون چڱيو ڪوششيون ٿيل  آهن جنهن  جي مارفت سنڌي ٻولي ۽ ساهته جي نسبت ڪم ڪيو پيو وڃي. جرتوڻيڪ اها ڪم ڪنهن ڪدر شخصي طور ئي ٿيل آهن پر ان جي واوجود ان ڪمن کي نظرانداج نٿو ڪري سگھجي. ان جا ڪي اهم مصال آهن وائيس آف سنڌ، سکر سٽي وغيراه ويبسائيٽيو. پڇاڙئي ۾ ذڪر اسڪراب جو  به اچڻ لاظمي آهي جنهن جي مارفت ٿوڙو پر اسردار سنڌي دستاويج شايع ٿيل آهن.
جيستائين هندستان ۾ ڊيجٽائيليجيشن جي ڳاله ڪجي ته هت اهو ڪم گھڻو تڻو سرڪار جي مالي مدد سان ئي ٿيو آهي. ان ۾ سڀن کان پهرون نالي ڊجيٽل لابري آف انڊيا جو  اڇي ٿو. اها پراجيڪٽ تمام وڏي آهي. ان پراجيڪٽ جي نسبت هندستان ۾ 21 اسڪنينگ سينٽر مڪرر ڪيا ويا آهن جتي جدا جدا اسڪنينگ جو ڪم ٿي پيو. اها پروجيڪٽ انڊين انسٽيوٽ آف سائينس،  ڪارنڱ ميلين يونورسٽي، نيشنل سائينس فائونڊيشن، مصر جي جي ايم سي آئي ٽي ۽ انٽرا يونوسٽي سينٽر فار ايسٽراانامي ۽ ايسٽروفيجيڪس، پوني جو ڳڏيل سهڪار سان وجود ۾ ايل آهي. ان پراجيڪٽ جي مارفت اڄ تائين لڳ ڀڳ اڊائي لک ڪتاب ڊيجٽائيليج ٿيل آهن. جيتوڻيڪ ان ۾ انگريزي ڪتابن جي گھڻائي آهي پر  هندستان جي ڏيهي بوليون ۾ به ڪتاب شايع ٿيل آهن. جيستائي سنڌي جي ڳاله ڪجي ته ڏاڊي ۽ افسوس سان ٿو لڳڻو پوي ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪنهن ڪدر نظرانداز ڪيو ويو آهي پر دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي اڄ تائين ڪنهن به سنڌي سنسٿا ان تي ڪنهن ڪدر هُلُُ به ڪون ڪيو آهي. ها اها ڳاله ضرور آهي ته ڪي ڪتاب سنڌين بابت شايع ٿيل آهن جنهن جي گھڻائي انگريجي آهي پر هڪ اڌ ڪتاب تمل ۽ بنگلا ۾ به آهي. هندستان ۾ ٻين ٻوليون جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڪنهن ڪدر پوئيتي رهنجي وئي آهي ان جو هڪ سبب اهو به ٿي ٿو سگھي ته ڇو ته نئين ٽهي جو اربي لپي ۾ چاه تمام گھٽ آهاهتيه تي به پوي ٿو. پوي جيڪي سنڌي ساهتيه لکڻ پارا اڙهي عمر جا آهن جي تن لاءَ آئي ٽي هڪ وڏي منجھيل شئي ڀاسيندي آهي.
ڊيجٽائيليجيشنجي جي نسبت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي آهم مصلا آهن. پهرون مصلو آهي جي جيڪر ڊيجٽائيليجيشنجي ٿي به ته ڪيڙهي لپي ۾ ٿي. جيڪر عربي لپي هي ڪم هٿ ۾ کڻبو ته ان جا پورا امڪان آهن ته ان ۾ ڪيل مهنت ساکارٿي نه ٿيندي ڇا ڪاڻ ته پڙهڻ وارا  ملندا ئي ڪون.  وري جيڪر ديوناگريءَ ۾ ڊيجٽائيليجيشنجي ٿي ان پروجيڪٽ تي کرچ وڌڻ جا پورا امڪان آهن . پڇاڙيءَ ۾ مصلو اچي ٿو ته هي سرور (server)کي ڪيرُ سنڀالي. ڇا ان سرور کي سنڌي سنسٿائون سنڀالين يا ڊجيٽل لائيبري آف انڊيا جي هٿن جي ڏنو وڃي.
انهن سڀن مصلن کان وڏو مصلو آهي  لپي جو. اسان مان چڱن جو مڃڻ آهي ته  ديوناگري اڄ به سنڌي جي هڪ ناجائس لپي آهي. اهو سڀ ان جي باوجود جي ديوناگري ۾ سنڌي سٺي کان سٺي ريت لکي وڃي ٿي سگھجي. . ڦونيٽيڪ لپي هجڻ سبب لکڻ ۾ به تمام سهولي ٿيندي آهن. اهو ئي نه عربي سنڌي جي ڀيٽ ۾ اڙها تمام ٿيڙا کي لفظ آهن جيڪي لکيا هڪ ريت ويندا آهن ۽ پڙهيا ڪنهن ڌار ريت. ان کان سٺي ۽ ٺاهوڪي لپي سايد ئي اسان کي ملي ٿي سگھي. ٻيو ته اها لپي هندستان توڙي هند کان ٻاهن جيتي به سنڌي وسيل آهي اتي سنڌين کي اچي ٿي، خاص ڪري اتر ۽ الهندي هندستان ۾ جتي سنڌي گھڻو تڻو وسيل آهن. جيستائن ڳاله ڪجي ان پراجيڪٽ ۾ کپندڙ مالهي امداد جي ته جيڪر اين سي پي سي ايل ۽ صوبن جون سنڌي اڪادميون ڳڏ ٿين ته چڱو پيسو ڳڏ ڪري سگھجي ٿو، ڇا ڪاڻ ته صوبن جي سنڌي اڪادميون وٽ ايئن به ڪا وڏويون پراجيڪٽ ناهن. اين  سي پي سي ايل ۽ سنڌي اڪادميون پاران جيڪي به ڪتان شايع ڪجن ٿا تن جا ڪاغري ڇاپا شايع نه ڪري ان جا جيڪر ڊجٽل ڇاپايا وڃن ته ان ڪتانب جي پهڇ به وڌيڪ ٿيندي ۽ پيسو به ڪنهن ڪدر گھٽ کپندو.
اسان کي اها ڳاله بلڪل نه وسارني کپي ڊيجٽائيليجيشنجي ­­­­­­­ سنڌي ٻوليءَ جي ساهتيه جي هڪ اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن اسين ننڊي کنڊ جي قومن کي ڏسنداسين ته ايڙهو قوم ورلي ئي لڀندو جيڪو سنڌين جيڙهو ٽريل پکڙيل  هجي. اڄ سنڌي دنيا جي سٺ ملڪل ۾ رهن ٿا. مطلب ته اوهان دنيا ۾ جتي به هجو، عرب، افريڪا، يوروپ يا وري اتر ۽ ڏکن اميريڪا ، هر ڪنهن هند اوهانکي سنڌي لڀندا. جڏهن ايڙهي وڏي الائيڪي ۾ رهن ته ٻوليءَ جي واڌاري جي  نسبت ڳرو رواجي ڪتابن سان سنڌي ٻولي ءَجو واڌارو ممڪن ناهي. ايڙهي حالت ۾ ڊيجٽائيليجيشنجي تمام وڌيڪ اهميت رکي ٿي. اسان پاران اها ڳاله بلڪل نه وسرڻ کپي ته اڄ ٽيڪنالاجي جو ذمانو آهي ۽ جيڪر  اسين اهو معڪو وڃائي ويهنداسين ته سايد ان جي جاءِ ٻئي ڪا ڌاري ٻولي کڻدي جيڪو منظر اسان هاڻي به ڏسون پيا. اڄ جي حالت ۾ انٽرڀيٽ ئي اڙهو ذريعو آهي جنهن جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ جو واهيپو تمام تڪڙي ريت ٿي ٿو سگھي. يونيڪوڊ اسان سڀنن لاءِ هڪ وڏو معڪو آهي جنهن سان اسين پنهنجي ٻوليءِ کي بڇائي سگھون ٿا. جيڪر هي معڪي جو فائيدو نه ورتو ويو ته اهو ممڪن آهي ته اسان ٻوليءَ تان به هٿ ڌوئي ويهنداسين.                  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *