سنڌي دليت هڪ وساريل ڪوم

سنڌي دليت بابت جيڪر هند جي ڪنهن سنڌي نه به ٻڌو هوندو ته ڪا وائيڙايپ جا ڳاله نه ٿيئڻ کپي. دراصل  هند ۾ سنڌي دليتن بابت اڻ واڪفيت بابت هڪ اهم سبب دليتن جو 1947 بعد رواجي هندن جي اڀتر لڏ پڻ نه ڪرڻ ئي آهي. ايئن ڇوڻ لاءِ  ته هندستان ۾ به سنڌي دليت رهن ٿا خاص ڪري گجرات جي ڪچڇ ضلعي ۾ پر ڇو ته عام رواجي سنڌي ڪچڇن سان هو رابطو ڪون رهيو آهي سو سنڌين ۾ جي دليت آهن اها ڄاڻ به گھڻن کي ناهي. جيتوڻيڪ هند جي ٻن سنڌي ليکڪن مصلن سري ڄيٺو لعلواڻي ۽ پرسو ڳڏواڻي ڪچڇين بابت ڪتاب شايع ڪيا پر سي سڀ سنڌي ڪچڇي ٻوليءَ جي نسبت ئي لکيا ويا آهن. جيتوڻيڪ سري پرسو ڳڏواڻي ءَ چڱو ڪم ڪيو آهي ڪچڇ جي سنڌي جاتيون بابت پر ڇو ته سري ڳڏواڻي جيڪو به لڳو سو عربي سنڌي ۾لکيئن جنهن سبب سندس ساهتيه ڪنهن ڪدر مهدود ٿي رهنجي ويو. جيتوڻيڪ ان ڳاله کي سمجھندي سائين پنهنجي حياتر جي پڇاڙئي جي ڏنهن ۾ انگتيزيءَ ۾ به لکو پر ان سان به اهو فائدو ڪون پهتو جيڪو ديوناگريءَ سان هندستان ۾ رهندڙ رواجي سنڌين کي پڄي ها.

جيستائين سنڌي دليتن جي ڳاله ڪجي ته پر سال تائين مونکي سنڌي دليتن بابت ڄاڻ تمام گھٽ هئي يا کڻي چيجي مونکي به ڄان اوتري هئي جيتري هند جي رواجي سنڌيءَ  کي. وري پر سال جي ٻوڏ مهل سائين جيب سنڌيءَ جي ڪالم ۾ پڙهوم ته دليت سنڌين سان ماٽيلو وهنوار پيو ڪيو وڃي.. دليت سنڌين  بابت اه منهنجي پهرين واڪفيت هئي .  هن سال به ٻوڏ ۾ به ساڳيا منظر پيا نظر اچن.. اخبيرن ۾ خبرن موجب دليتن کي کلي آسمان هيٺ ڏنهن تا گزارڻا پون. جيستان دليتن بابت اخباري سورکيون جي ڳاله آهي ته انگريزي ميڊيا ۾ دليتن تي ٿيندڙ ويلن جو بيان ڪنهن ڪدر گھڻو آهي. مان سنده ٻن سالن کان سنڌ مان سايع ٿيندڙ سنڌي اخبارن پيو پڙها پر جي دليتن بابت ڪنهن هُلُ ڪيو هجي، ايڙهي ڪان اخبيري سورکي ياد نٿي اڇي. مطلب ته جڏهن جڏهن ٻوڏ يا ڪا ڪدرتي آفت اچي ٿي ته ڳاله ٻئي آهي نه ته ميڊيا جو به ڏيان سنڌي دليتن ڏانهن نه ويندو آهي.اهو ئي نه  جيڪر ڳاله ڪجي سنڌي ساهتيه جي ساڳيو منظر پيا  نظر ايندا. اهو سڀ ان ڳاله جو شاهد  آهي ته دليتن کي سواج جو حصو ڪري ڪون ليکيو ويندو آهي.
سنڌي دليتن بابت وڌيڪ بهس کان اڳواٽ هڪ ڀيري پاڪستان جي آدمسماري بابت به ڄاڻڻ ضروري آهي جيڪا ڪجه هن ريت آهي…
ميلم .96 سيڪڙو
هندو (رواجي) 0.5 سيڪڙو
ڪريسچن 1.5 سيڪڙو
هندو دليت 1.5 سيڪڙو
ٻيون اڻ مسليم ڪوميون (بوڌ، فارسي وغيراه) 0.5 سيڪڙو
جيستائين آجويڪا جي ڳاله آهي ته دليتن بابت  آڪڙا ڪجه هن ريت آهن
مردن ۾ ….
کيتن ۾ مجوري 50 سيڪڙو
نڪڙ جي ڪارکانن ۾ 20 سيڪڙو
موچي 20 سيڪڙو
صاف سوائي جي ڪمن ۾5 سيڪڙو
سرڪاري نوڪري 0.5 سيڪڙو
ٻين مکتليف ڌنڌن ۾ 4.5 سيڪڙو
ضائيفن ۾
کيتي جي نسبت ڪمن ۾ 50 سيڪڙو
لٽي ڪپڙي سبڻ جي ڪمن ۾ 20 سيڪڙو
گھر جي ڪمن ۾ 30 سيڪڙو
هڪ انومان موجب  سنڌ ۾ کيتي جي ڪمن ۾ 70 سيڪڙو لڳل آهن ۽ باڪي جي 30 سيڪڙي ۾ سنڌي هاري (مسلمان ) لڳيل آهن. جيڪر الائيڪي جي ڳاله ڪجي ته اتر سنڌ ۾ جتي گھڻو تڻو کيتن ۾ مزوري جو ڪم هاري ڪن اتي ڏکڻ سنڌ ۾ گھڻو تڻو ساڳيو ڪم دليتن جو آهي.آدمشُماريءَ جي لهاج کان هندو دليتن جي آبادي ٿر پرهار ۾ 35 سيڪڙو ۽ بدين ۾ 20 سيڪڙو آهن. سنڌي هارين جي ڀيٽ ۾ به گھٽ ناهي پر ڇو ته سياسي تنظميون هڪ پاسي هارين جي اڳتي آيو آهي، هارين لاءَ جدوجهد ڪئي آهي  پر جيستائين دليتن جو سوال آهن ٿوڙو گھڻو عوامي تهريڪ جي ڇڏي ڪا به وڏي تنظيم اڳتي ڪون وڌي آهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن هارين جي حالت ڪنهن ڪدر سڌري آهي اتي دليتين جي حالت ذلت جيڙهي آهي. مٿي ڄاڻيل آڪڙن موجب سنڌ ۾ رواجي هندن کان ٽي ڳڻا وڌيڪ سنڌي دليت آهن پر ان جي باوجود هندو دليتن کي جيڪا نمائيندگي ملڻي کپي سان ڪون ملي. جڏهن به سنڌ ۾ خاص ڪري اڻ مسلمانن جي نمائيندگي ايندي آهي ته ذڪر هميساه ئي رواجي هندن جو ايندو آهي. ڪيترو نه اجيب جيڙهي ڳاله َآهي ان ٻيئائي جو ذڪر نه ته سنڌ ۾ ٿيو آهي ۽ نه ئي هند ۾.
اسان ڀلي مڃو يا نه پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جيڪر ڪنهن قوم ۾ وڌ ۾ وڌ ان ورهاڱي جو اثر ٿيو آهي ته اهو آهي سنڌي قوم. ڇا هندو يا ڇا مسلمان.پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد امالڪ سنڌ ۾ ماهول ۾ وڏو فيرو آيو آهي. ماضيءَ ۾ به جيتوڻيڪ سنڌ (1947 کان اڳواٽ) هڪ نڄ مسليم سامراجيه جي حصو رهيو آهي پر ڪڏهن ۾ ايڙها منظر سنڌين ڪون ڏٺا جيڪي 1947 بعد ڏسڻ ۾ آيا. طاليم ، سماج ۽ سياست ۾ هندن جي ظلمي ۽ مسلمان کي هر ڏکن جو ستايل پيش ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين پيو هلندو اچي. جيتوڻيڪ هر تبڪعي ۾ اها اٿل پٿل ٿي آهي پر جنهن تبڪعي ان مٽيل منظر جو اصر سڀن کان وڌيڪ سٺو آهي سو آهي هندو دليت.
سنڌ ۾ دليتن جي ٿيندڙ ظلمن جو سڪار هميشاه ئي دليت ضفائين جي رهيون آهن. سندن تي ظلمن جا ليکا جوکا ڪجه هن تير آهن
جباني بيعجتيون
جنسي ياتنائون
جور جبردستي ڌرم بدلائو
لڄ لُٽ يا عام لڄ لوٽ ۽ اغوا
هاٿاپائي
تببي لاپرواهي
هندو دليت ضيئفائون تي ظلمن جا ٽي اهم سبب آهن جيڪر ڪجه هن ريت آهن
دليت هوئڻ، ضائيفا حجڻ ۽ هندو هوئڻ
دليتن تي ضلمن جو هڪ اهم مصلو اهو آهي جي سندن تي ٿندڙ ظلمن جي فرياد تائين نه ٻڌي  ويندي آهي. ايئن ته هندستان ۾ به دليتن تي ضلم ڪي گھٽ ڪون ٿيا آهن پر گھٽ ۾ گٽ هت سندن هڪ آواج آهي، ميڊيا جو ساٿ آهي ۽ ڇو ته جموريت آهي ته ووٽ به آهن جيڪي ڪا به سياسي پارٽي نه پئي وڃائڻ چاهي. ان جو هڪ وڏو مصال آهي هندستان ۾ بهوجن سماج پارٽي جنهن کي هيئر يو پي جي حڪومت جي بڪڏور آهي. يو پي ۾ حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ به دليتن جي ووٽ سبب لڳ ڀڳ هر پارٽي سندس اڳيا ڳوڏا ٽيڪا آهن ۽ جيڪر ايئن منظر رهيو ته اڳتي به ساڳي ريت سوريتهال رهندو.  ڇا ڪانگريس ۽ ڇا بي جي پي. پر پاڪستان جي سياست ئي ڪجه  اڙهي رهي  آهي جي جموريت هجي يا تاناشاهي ذور هميهاه ئي بروڪريسي ۽ فوج جو رهيو آهي. وري پاڪستان سياسي انتزام به ايڙهو رهيو آهي جيتي اڻ مسلمانن کي مول سياسي ڌارا کان ڌار ئي رکيو ويو آهي. اهو ئي نه پر  ادالت جو حال به ڪو سٺو ناهي. ادالتن ۾ ته سنڌي مسلمانن جي نه پئي هلي ته وري دليتن جي ڪٿان ڪلندي.. ڀوٽي جو ڪيس ان جو هڪ مصال آهي . دليت ضيفائون تي ٿيندڙ ظلمن ۾ هڪ اهم ضلم آهي دليت نياڻين جو اغوا ڪرڻ بعد سنڌن کي يا ته مسلمان بڻائڻ يا نه ته ڪنهن کي وڪرڻ ڄن هي انسان نه پر ڪا ڳائين ٻڪري آهي. ڏک جي ڳاله ته اها به آهي جي اهي وارداتيون روذ پيو ٿين اهو به  پليس جي ڄاڻ جي باوجود. آغوا ڪرڻ جو تريڪو به ساڳيو آهي . ان سڀ وارداتيون کي انجام گھٽو تڻو رات جو پيو ڏنو ويندو آهي جڏهن سڀ مائيٽ ستا پيا هجن. جيڪر مائيٽ سندن نياڻيون جي ڳولهي به لهن ته به نياڻين پنهنجي مائيٽن جي هٿ نٿيو ڪيو وڃي اهو چئي جي هو هيئنر مسلمان ٿي چڪيون آهي سو هندن کي نٿيون موٽائي سگھجن. ان اغوا ڪيل نياڻين جي سندن مرضي جي اڀتر مسلمانن سان پرڻايون ٿو وڃي يا به ٻئي ڪنهن کي وڪيو ٿو وڃي جيڪي منظر انساني سماج ۾ هزارن سالن کان اڳ ڏٺا ويندا هئا
جيڪر ڳاله ڪجي سنڌي دليت مردن جي ته سندن تي ظلم ننڊي هوندي کان ئي شروع ٿي ويندو آهي. اسڪولن جو پاٺيهڪرم کي ڪجه ايڙهو تيار ڪيو ويو آهي جي ان ۾ هندو هميشاه ئي هڪ ظلمي رهيو آهي جڏهن ته جيڪي صوبا هيئر پاڪستان ۾ آهن تن ۾ ڪنهن به صوبي ۾ پڇاڙي ءَ جي هجار سالن ۾  هندن جو ڪو راج ڪون هليو آهي سواءِ پنجاب ۾ رنجيت سنگھ جي، پر اها به حڪومت ڪا گھڻي ارصي تائين ڪون هلي. وري ٻارن سان وهندوار به ڪنهن حد تائين سيڪولر سماج جيڙهو ناهي. هندن جي هميشاه جي عام رواجي ساگريد کان ڌار ڪري ليکيو ويندو آهي. ان مسلي  کي منهن ڏيئن لاءَ ڪي دليت       پنهنجا نالا به مسلمانڪا  رکندا آهن جنهن جو ڪو خاص فائيدو ڪون نڪريندو آهي ڇا ڪاڻ ته هندن ۽ دليتن جي سڃاڻڻ جي ٻيا به تريڪا ٿيئن ٿا جيڪي ڳهجھا نٿا رکي سگھجن. وري جيڪي اڻ پڙهيل ٿا ٿين،
 کيتن يا ٻئي ڪنهن ڌنڌي تي لڳيل آهي ته لاءَ ته جندگي ڪنهن سجا کان گھٽ ناهي. ايئن ته پوري ننڊي کنڊ ۾ ورهاڱي کان اڳ جمينداري جو رواج هو پر هندستان ۾ ان جي نسبت هڪ تاريخي فيرو آزاديءَ بعد آهو. آزاديءَ کان اڳ انگريزن سان جدوجهد مهل ڪانگريس جمينداريءَ کي هڪ اهم مصلو سمجھيو هو. پر جڏهن ته هندستان ۾ ان جو کاتمو ٿيو پر سنڌ ۾ ايئن ڪجه ڪون ٿيو. سنڌ ۾ ان جو خاتمي نه ٿيئڻ جو هڪ وڏو سبب اهو آهي جي اهي جميندارءَ وڏيرا ۽ ڀوتار  پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد سنڌ جي نئين حڪورانن يعني پنجابين ۽ مهاجرن جا اجيٽ يا پوئيلڳ هئا. حڪومت جو هر غير جموري فيسلي جي ان ڀوتارن همايت ڪئي. هي سلسلو اڄ تائين پيو هلندو اچي. سنڌي ٻوليءَ کان ون يونٽ تائين مهاجرن توڙي پنجابين کي ان ڀوتارن جي ئي ساٿ رهيو آهي. ان انڌي ساٿ جي موٽ ۾ حڪمرارن نه سندن هڪ غلت ڪمن تي اکيون ٻٽي ويٺا.
.
سنڌي دليتن سان ٿيندڙ ويلن جو هڪ وڏو مسال آهي مانو ڀيل جو واڪعو. مانو ڀيل ٿر پرڪار جو رهاڪو ٻڌايو ويو آهي. ڀيل 1980 جي اڪال بعد مٺي جي هڪ جمندار سان ڀائيواري پئي ڳنڏي. چيو ٿو وڃي ته ڪن سالن بيد ان جميندار جنهن جو نالو حيات رند ٿو ٻڌايو وڃي سو ڪنهن اڳواٽ ڏنل پيسن جو مينهون ڪري مانو ڀيل ۽ سندس آڪهين جي 21 ڀاتين سوڌو سانگھر ضلعي جي جمندار عبدل رهيم ماريءَ کي وڪڻي ڇڏو. اتفاق سان ماريءَ جي کيتن جا بنڌوا مجدور اڳي ئي پنهنجي آذادي لاءِ ڪا ساجش پئي سٽي. پڪ اها بيٺي  ته اڳواٽ ڪشن ڪوهلي کي آزاد ڪرايو وڃي جيئن هو انساني هڪن لاءِ جدوجهد ڪندڙ سماجڪ ڪاروڪن سان ڳڏجي ٻين جي آزاد ڪرائي سگھي. شاجس ڪامياب ٿي. ڪوهلي سنڌ ۽ ڪن برتانيا جي انساني هڪن جي تنظيمن سان ڳڏجي ان تي هل ڪيو جنهن سبب ماريءَ جي هٿن مان 71 مذور آذاد ڪيائڻ لاءِ پوليس مذبور ٿي. منو ڀيل آزاد ڪون ٿي سگھو ڇو ته ماريءَ جي ڪنهن ڌار کيتن ۾ پيو ڪم ڪري. جيتوڻيڪ منو ڀيل هڪ ٻن سالن ۾ آزاد ڪرايو ويو پر ان پڇاڙيءَ جي ٻن ٽي سال جيڪي منو ماريءَ جي کيتن ۾ پئي گزارا سي يقينن ياتنائون وارا هئا.
انهن ڏنهن ۾ بيناظير جي حڪومت کتم ڪئي وئي ۽ ميان نواج شريف جي پارٽي حڪومت ۾ آئي جنهن جو ساٿ پير پاگري جي ق ليڳ ڏنو. ماريءَ پير پاگري جي ساٿ ۽ ان مٽيل سياسي منظر جو فائدو وٽي پنهنجي هڪ سنگتي جميدار بشير قريشي جي مدد سان منو ڀيل جي آڪهين جي ڀاتين کي ٻهر ڪٿ ڪري اغوا ڪيو، جنهن ۾ هدس پڻس، ماڻس، جوڻس، ڀاڻس، پٽس، ڌيئڻس، پٽ ۽ هڪ ويجھي  پائيٽ سامل هيس. اها واردات ٻي اپريل 1998 جي چئي ٿي وڃي. پنهنجي گھر جي ڀاتين جي آزاد ڪرائڻ لاءِ منو ڀيل اڄ تائين ٿاٻا پيو کائي پر قاميابي هيل تائين ڪون ملي تس. ان لاءَ ڀيل ٻه سالن تالين هيدرآباد پريس ڪلب ۾ بک هڙتاليو ڪئي. هاڻوڪي پاڪستان جو چيف جسٽيس افتڪار مهمد چوڌري ۾ ان ڪيس جي نوٽس هڪ مهل ورتي هئي جنهن سبب حڪومت منو ڀيل جي گهر جي ڀاتين جي ڳولهي لحڻ جي لاءِ ڪا پُليس جي ٽيم به جوڙائي هئي  پر ڇو ته سنڌ ۾ هندن جي ۽ خاص ڪري دليتن جي لاءَ اها هڪ مامولي واردات ليکي ويندو آهي سو ان مصلي جو به اهو حال ٿيو جيڪو ان کان اڳ اڙهن هزارن مصلن جو ٿيو آهي يانعي بس وسارا ويا. جيتوڻيڪ عدالت پوليس جي رپوٽ ان ڪيس م خاريج ڪئي آهي پر اڄ تائي ڀيل جي آڪهين جو پتو ڪون پيو آهي.
هڪ ريت منو ڀيل جي ڪهاڻي باليووڊ جي هڪ هندي فلمي ڪهاڻي جيڙهي ڀاسيندي آهي  پر حقيقت اها  به آهي ته ايڙها منظر هندو دليت سنڌ ۾ روج پيا ڏسن. اغوا ته هندو توڙي مسلمان به پيا ٿين پر دليتن جي نسبت مصلو آهي آهي ته ڪو به ان جي ڏانهن ٻڌڻ لاءَ تيار ناهي. وري گھڻو تڻو دليتن جي ڏانهن تي ايف آئي آر تائين درج نه ڪئي ويندي آهي.. هي سب ڪجه سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي ۽ نه سنڌ مڊيا ۽ نه ئي سنڌي عوام هند توڙي سنڌ ۾ ڪا آواج اٿاري آهي. اهو ڏٺو ويو آهي ته ان ان جميندارن ، وڏيرن يا ڀوتارن جي حصيداري پ پ پ ۾ به اوتري آهي جيتري ٻئي ڪنهن پارٽي جي . ڪيترو ازيب لڳندو آهي جي پ پ پ جموريت جي نالي ته واڪا ڪندي منٽ دير نه ڪري پر سندس اڳواڻ ڪهر پيا ڪن سنڌ ۾ ان جي ٽڪي جي تات ناهي ان پارٽيءَ کي. جميندار پنهنجا نجي ڪيدکانا تائين ٺاهي ويٺا آهن پر مزال آهي جي ڪنهن ان تي اواج اٿاري هجي. سنڌي ميڊا ته رڳو هائي گھوڙا مهاجر يا هائي گھوڙا پنجابي به ئي لڳي پئي آهي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد دليتن کي پارليمٽ ۾ به تڪيون هنيون جيڪي نواج شريف جي حڪومت جي مهل مٽي ٿورائيءَ واري ڪومن کي ڏنيون ويون. جيتونيڪ ان  ريت جي فيسلي  سان رواجي هندن ۽ ڪرشچنن کي فائيدو پڄندو آهي پر جيستائين  دليتن جي ڳاله ڪجي ته يقينن سندن جا حڪ فٻائيا پيا وڃن . هندستان ۾ به دليتن سان ويل ٿيندا رهندا هئا ورهاڱي کان اڳ پر جيستائين اڄ جي ڳاله آحي هنن ۾ سوجاڳتا آهي۽ ميڊيا ۾ به دليتن لاءِ لکيو ويندو آهي جنهن سان حڪومت تي به ان جو ٿوڙو ئي صهيح اصر ته پوندو آهي ئي.پر پاڪستان جا حال ئي ڪنهن ڪدر مختليف آهي. پاڪستان ۾ جموريت جو همايتي ان کي ليکيو ويندو آهي جيڪو ننڌڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جي دليت جيڪي سماج ۾ پوئيتي پيل آهي تن لاءَ پاڪستان جي سياست ڪا به اميد نه پئي ڏيکاري.
سنڌ ۾ دليتن جي حالت ڪياس جوڳي آهي ان جا ڪي اهم سبب آهي جيڪي ڪجه هن ريت بياب ٿا ڪجن
دليتن جو پاڻ ۾ ايڪو نه حجڻ . سنڌ ۾ دليتن جون 27 جاتيون پيون ٻڌايون وڃن. وري اهي جاتيو به پاڻ ۾ ٺهي ڪون هلن جنهن سان سندن جي جدوجهد يقينن اصر ٿو پئي. جڏهن ايڪو ئي نه هوندو ته پوءِ لڙائي ڪڏهن به پکتي نه ٿيندي.

دليتن ۾ طاليم جي اڻاٽ . عام طور سان اهو ڏٺو ويو آهي ته لڳ ڀڳ 80 سيڪرو دليتن جو اڻ پڙهيل آهي. ايئن ته طاليم جي نسبت پوري سنڌ جي حالت ڪياس جوڳي آهي پي دليتن جي حالت سڀن کان ڏکائندڙ آهي. وري ڇو ته دليت سنڌ جي سڀن کان ڳريباڻي الاڪي ۾ رهن ٿا جتي جنده رهڻ به هڪ قامياب ڳاله مڃي ويندي آهي ، سو تاليم جي ڳاله ڪرڻ به اڄائي پئي ڀاسيندي آهي.

جموريت جي اوصولن جي اڻاٽ. .پاڪستان جي وجود بعد ئي جموريت جو ڪو به مطلب ڪون رهيو آهي . پنجابين ۽ ڪنهن هد تائين مهاجرن کي ڪڏهن به ان جموريت لاءَ جدوجهد ڪون ڪئي ڇا ڪاڻ ته کين تاناشاهي اهو سبڀ ڏنو آهي جيڪو جيڪو مجوريت مان ملي ٿو. هڪ پاسي جڏهن پنجابين جي فوج تي پڪڙ آهي ته اتي مهاجرن جي بروڪريسي تي سو هي به ڪوم ته ڪنهن به حالت ۾ پنهنجو ذور هلائي پنهنجا حڪ وٺي سگھن. باڪي جتي ڳاله سنڌين جي آهي ته سندن ليکي جيڪر جموريت رهندي ته سندس نمائيندا گھٽ ۾ گھٽ پنجي سالن ۾ ئي صحيح ايندا ته ضرور جن کي هو ڏانهن ته ڪري سگھندا. اڙهي حالتين ۾ جڏهن رواجي هندن ۽ مصلمانن جي نه پئي هلي اتي جيڪر ڪو اهو ويٺي سوچي ته دليتن بابت ڪجه ڪيو ويدنو ته اها ڳاله ڪنهن خواب کان گھٽ نه مڃڻ کپي. هندستان ۾ ڇو ته سانتي آهي ، عمن آهي ۽ وڏي ڳاله جميريت جي اصولن جي اجت آهي سو ڪو نه ننڌڪڻو پنهنجي آواج اٿاري ٿو سگھي. پر پاڪستان ۾ ته جنهن جي هٿ به لٺ سو هاڪيم
جڏهن جڏهن سنڌ ۾ لڏپڻ هندن جي ٿيندي آهي اها ڳاله حميشاه ئي ٻڌي ويندي آهي ته جيڪر ايئن ئي هلندو رهيون ته سنڌي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٿوڙائي ۾ تبڌيل ٿي ويندا، پر اجيب آهي ته دليتن بابت اسان جي اهي سنڌين ڪڇيندا تائين ناهيون. هند ۾ به ساڳيو هال آهي. ڪنهن به جلسي ۾ سنڌي دليتن جو ذڪر تائين ڪون ٿيندو آهي. اڙهي به ڳاله ناهي ته ڪنهن کي دليتن جي وجود بابت خبر ناهي. هر جسلي ۾ ٻيو ته ڪجه نه ته ورهاڱي کان اڳ وارو سنڌ جڏهن ياد ٿو ڪري سگھجي ته پوءِ سنڌ ۾ رهيل سنڌي دليت يا هاري ڇون نه؟ سنڌ ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته سنڌي اٿندي ويندي سيڪولريزم جي ڳاله ڪئي ويندي آهي پر سنڌ ۾ دليت هندن سان اڇوتن وارو وهنوار ڪيو ويندو آهي . دليت نائي کان وار ته لاراهوا ويبدا آهن، دليت جي هوٽلن ۾ رواجي هندو توڙي مسلمان ماني ڪون کائين. هندون کي ته چڏون ڇا ڪاڻ ته ان ۾ جاتيواد جو وجود هجارن سالن کان آهي پر اسلام ۾ ته ان جو ڪو به وجود ناهي هوءَ سندن سان ايئن وهنوار ڇو ؟ ڳاله يڪينن سوچڻ لائيڪ آهي.
   

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *